گل ڀنگر
جونيئر رڪن
”خالي گھڙو“
گل ڀنگر
مسجد جي ڀت سان هڪ گھڙو پيل هو۔ پراڻو ائين مٽيالو گھڙو، جنهن تي هڪ پرچي چُپڪيل هئي جنهن تي لکيل هو۔”هي پاڻي لاءِ آهي جيڪو ڀري اهو ثواب ڪمائندو ۽ جيڪو پيئي سو شڪر ادا ڪري
“
ڏينهن گذرندا رهيا۔ ماڻهو ايندا رهيا نظر وجهندا ڪجهه پڙهي مرڪ ڏيندا ائين ڪجهه ڪلهو چُڪائي اڳتي وڌي ويندا ھا۔ گهٽيءَ جا نوجوان اچي ٽهڪ ڏيندا، نماز پڙهندڙ به نماز پڙهي دعائون گهرندا ۽ ان گھڙي تي هڪ نظر وجهي خاموشي سان گذري ويندا۔ پر گھڙو جيئن جو تيئن خالي پيل هوندو هو۔ زندگي پنهنجي رفتار سان هلندي رهي۔ نه ڪنهن وٽ وقت هو نه احساس۔
اچانڪ هڪ ڏينهن اهو ساڳيو گھڙو هڪ نئين ڪهاڻيءَ جي شروعات بڻجي ويو۔ ڏهن ٻارهن ورهين جو هڪ ٻار وکريل وارن ميري ڪپڙن ۾ ائين اگهاڙا پير مسجد جي ڀت سان اچي ويٺو۔ هن جي هٿ ۾ هڪ پراڻو مٽيءَ جو پيالو به هو۔ هن مَٽڪي کي ڏٺو ڀت تي لڳل تحرير پڙهي مرڪ ڏنٸن ائين پوءِ گھڙو کنيو گهٽيءَ جي ڪنڊ تي پراڻي نل کان گھڙو ڀري واپس اچي رکي ڇڏيو۔ پوءِ پاڻ به هڪ پاسي ويهي انھن گھڙي کان پنهنجو پيالو ڀري آهستي آهستي پاڻي پيئڻ لڳو۔
اهڙي ئي مهل اتي هڪ وڏو ماڻهو جيڪو سدائين اڇن ڪپڙن ۾ هوندو هو ۽ محلي ۾ وڏي عزت رکندڙ هومسجد مان ٻاهر نڪتو۔ هن جي نظر ٻار ۽ مَٽڪي تي پئي۔ پڇيائين، ”پٽءَ تون هي گھڙو ڀري ڇا حاصل ڪيو؟
“
ھنءَ ٻارڙي معصوميت سان چيائين، ”منهنجي امژ چوندي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن غريب کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه هجي تڏهن به ڪنهن اُڃايل کي پاڻي پياريجي، اها به وڏي نيڪي هوندي آهي
“
ايهو سڀ ٻڌي ان ماڻهوءَ جي اکيون جھڪي ويون هو چپ ڪري روانو ٿيو ٿوري دير بعد هو موٽي آيو، سندس هٿ ۾ هڪ نئون گھڙو ۽ ٻه گلاس هئا۔ هن نئون گھڙو ڀريو ۽ اتي رکي ڇڏيو۔
ٻي ڏينهن مسجد جي سامهون ٽئي ٻيا به نوان گھڙا پيل هئا ۽ حيرت جي ڳالهه اها ته سڀئي ڀريل هئا۔ ماڻهن پاڻ کي آهستي آهستي بدلائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو۔ ڳوٺ ۾ اهو مشهور ٿي ويو ته هڪ ٻار آيو ۽ سڀني کي سيکاري ويو ته نيڪي لاءِ دولت ضروري ناهي۔
رفتہ رفتہ ڳوٺ جو ماحول بدلڻ لڳو، ماڻهو هاڻ دل سان هڪ ٻي جي مسئلن ۾ مدد ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجي روح کي به سڪون ڏيڻ لڳا۔

آخري ترميم: