• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي لکڻ ۾ رهنمائي جي اپيل

گل ڀنگر

جونيئر رڪن
منهنجو نالو گل آهي، ۽ مان بلوچستان صوبي جي ضلعي نصيرآباد سان تعلق رکان ٿو. نوڪرين ۽ ڪم ڪار جي سلسلي ۾ مون کي اڪثر بلوچستان جي هيڊڪوارٽر ڪوئيٽه ۾ به رهڻو پوي ٿو. منهنجي مادري ٻولي سنڌي آهي.
مان اڪثر ڪري اردو ۾ ڪالم، افسانا ۽ شاعري لکڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. منهنجون ڪجهه لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع به ٿيون آهن.
اسان جي صوبي جي اسڪولن ۾ نه ته سنڌي پڙهائي وڃي ٿي ۽ نه ئي بلوچي، تنهنڪري مون پاڻمرادو پنهنجي مدد پاڻ، سنڌي پڙهڻ ۽ لکڻ سکيو آهي. ان لاءِ مون درسي ڪتابن سان گڏ ٻين ليکڪن جا ڪتاب به پڙهيا آهن.
اڃا تائين مونکي مڪمل مهارت حاصل ناهي ٿي پر مان لکڻ جي ڪوشش جاري رکندو آهيان.
تنهن ڪري مان پنهنجن سنڌي ڀائرن کان گذارش ڪريان ٿو ته مهرباني ڪري مونکي سنڌي لکڻ ۾، يعني املا ۽ جملن جي صحيح استعمال بابت رهنمائي ضرور ڪيو.
اوهان جي وڏي مهرباني 🙏🏻
 
ادا گل صاحب،
سنڌ سلامت جي هن علمي ۽ ادبي سنگت ۾ دل جي گهراين سان ڀليڪار!

اوهان جو تعارف پڙهي تمام خوشي ٿي. اوهان جي سنڌي ٻولي سان محبت، خودسکيا واري جذبي ۽ ادبي سفر کي ڏسي يقينن فخر محسوس ٿئي ٿو. اهو ڏسي حوصلا افزائي ٿئي ٿي ته اوهان جهڙا ساٿي، جيڪي سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن فورم جو حصو بڻجن ٿا.

اوهان جي لکڻين جا ڪجهه اقتباس پڙهڻ جا منتظر رهنداسين، ۽ يقيناً هتي جي ساٿين کان اوهان کي املا، جملن جي بناوت ۽ ٻوليءَ جي استعمال ۾ ڀرپور رهنمائي ملندي.
جيئن اوهان چيو، "لکڻ جي ڪوشش جاري رکندو آهيان" بس اهو ئي تسلسل اوهان کي ڪامياب بڻائيندو.

هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار، ۽ دعا آهي ته اوهان جو هي ادبي سفر ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي!
 
Back
Top