گل ڀنگر
جونيئر رڪن
”ڪاڪو مٽڪڻ ائين صوڀو جو ڪڪڙ“
گُل ڀنگر
انڃان ماک مس ڦٽندي ھئي ڳوٺ جي فضا ۾ ڪڪڙ جي ٻانگ جي گونج هوندي ھوئي. ڪاڪي مٽڪڻ جي ڪمري جي کِڙڪيون وڄڻ لڳنديون هون، پردا لڏي ويندا ھا ۽ ڪاڪي جي ننڊ ائين غائب ٿي ويندي ھئي ڄڻ ايمانداري وڪيل جي دفتر مان گم ٿي ويئي هجي يا سچائي ڪنهن صحافي جي قلم مان نڪري ويئي هجي.
"لاحول ولا قوۃ... هي ڇا مصيبت آ؟"
ڪاڪو مٽڪڻ چادر مُنهن تائين ڇِڪي سمھي رھيو. ان جي لاءِ صوڀو واري ڪڪڙ جي ٻانگ ڪا مٺڙو گيت نا ھوندي ھئي بلڪه برطانوي فوج جي توپ جي ڌماڪي وانڱر لڳندي ھئي.
ٻانگ ڏيندڙ ڪڪڙ، صوڀو جي ڇت تي ويٺو ٻانگان ڏي پيو ، ڪڪڙ جو رنگ ڄڻ ترمر جي رنگ ۾ ڳاڙھو رنگ مليل ۽ سينو ترو ڪري ائين بيٺو هوندو ھيو ڄڻ ڪراچي جي ڪورٽ مان ڪيس کٽي موٽيو هجي.
ڪاڪو مٽڪڻ ۽ انهيءَ ڪڪڙ جي جهيڙو ڪا نئين ڳالهه نه هئي. ڪڪڙ هر صبحوء سان ماک ڦٽڻ سان گڏ ٻانگ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيندو ھو ۽ ڪاڪو کيس گاريون ڏيندو يان ته ڪڏهن جوتي اڇلائيندو ھو. ڪڪڙ ”ڪوڪڙون ڪو“ ڪندو ڪڏهن پرو جي ڇت ته ڪڏهن شيدي جي ڇت تي وڃي ويهندو ھو۔
جڏهن ڪاڪو واپس ڪمري ۾ ويندو ھو ته وري ساڳي ٻانگ، ساڳيو شور...
ڪاڪو ته تمام گهڻو پريشان ٿي پيو هو. لڳي ٿو ڪڪڙ قسم کنيو هو يان ته ڪاڪي کي ماري ڇڏيندس يا کيس چريو ڪري ڇڏيندس يان گهٽ ۾ گهٽ ٻوڙو ڪري ڇڏيندس.
اُهو ڏينهن ڪاڪو مٽڪڻ لحاف پري ڦٽي ڪيو، داڙهي تي هٿ ڦيري ڇت تي ويٺل ڪڪڙ کي ڪاوڙ مان ڏسندي چيائين، ” پٽ اڄ يا ته تون رهندين يان مان...“
اهو چئي هو ٻانگ جي گونج کي نظرانداز ڪندي وهنجڻ هليو ويو.
ناشتو اطمينان سان ڪيائين اجرڪ جي رنگ واري واسڪٽ پاتئن، پڳ ٻڌيئن ائين جيئن در مان نڪرڻ وارو هو ته ڪاڪي مکڻي پُٺيان چيائين، ”او گڏوءَ جا پيو!ڇا اڄ دال پچائڻ گهرجي يان ڪو ٻيو بندوبست ڪريان؟“
ڪاڪي پُٺي به نه ورائي چوڻ لڳو، ”اڄ ته ڪڪڙ جو سالن ٿيندو، اهو به ديسي ڪڪڙ جو اهو به صوڀو جي ڇت واري منحوس ڪڪڙ جو گوشت“
چانهه جي پيالي ۾ بسڪٽ ٻوڙيندي ڪاڪو مٽڪڻ پنهنجي يار وڏيري کي شڪائيتون ڪندي چيو .
”سائين! توهانجي ڀائٽيي صوڀو جو ڪڪڙ روز منهنجي ننڊ جي چِتا ساڙي ٿو. روز ساجھري واويلا ڪري منهنجو ننڊون ڦٺايون اٿس“
وڏيري پنهنجي شاپرن کي وڪڙ ڏيندي ائين کلندي چيو، ”ھا! اهو ته ”هيِرا لال“ آهي، وڏي سٺي نسل جو ڪڪڙ، صوڀو ته چوي ٿو ان کي اسڪول موڪليندس، تعليم وٺڻ لاءِ“
ڪاڪو ايھو ٻڌي باهه ٿي پيو، ”واه سائين واه؟ کيس ته ٿاڻي موڪلڻ کپي. او سائين، او منهنجو دشمن آهي دشمن“
وڏيري کلندي پڇيو، ”ته پوءِ؟ ڪو حل آهي تنهنجي ذهن ۾؟“
ڪاڪي جلدي چيو، ”صوڀو کي چيئو ته ڪڪڙ کي ڪوھئين ڇڏي. نه رهندو ڪڪڙ، نه ڏيندو ٻانگون“
صوڀو، جيڪو ويجهو ويٺو هو، تڙپي ڪري چوڻ لڳو” وڏيرا! توهان ته ڄاڻو ٿا، اسان اصيل ڪڪڙ جا شوقين آهيون. هيرا لال ته لاثاني نسل جو آهي. ان کي ته مان ذبح نٿو ڪري سگهان، سائين! منهنجو سِر وٺو پر ڪڪڙ نه وڃائبو.“
ماحول ماٺار ٿي ويو. ڪاڪو آخرڪار خالي هٿ موٽيو. دل سان پاراتا ڏيئڻ لڳو ته الله ڪري هيرا لال سان ڪو حادثو پيش اچي.
۽ ھک ڏينهن ڪاڪي جي دعا قبول ٿي،
هڪ ڏينهن، صُبحوء جي وقت ڪڪڙ گھٽي ۾ ادھراتي خان جي ننڍڙي ڌيءَ جي هٿ مان ڳاڙهي گُڏي کسيندي، کيس چُنبڙجي پيو. ٻارڙي رُئڻ لڳي ، ٻارڙي کي ڦٽ به لڳا۔ ماڻهو اچي ڌڪي ڌڪي ڪڪڙ کي پري ڪيائون.
ساڳئي شام، صوڀو جي در تي هجوم لڳي ويو.ادھراتي خان وڏي آواز ۾ دانھونڌپيو ڪري رهيو هو، پرء ھن کان وڌيڪءَ ڪاڪو ڇان ڇان ڪري رهيو هو.
صُوڀو سڀنن کي هٿ ٻڌي پيو. آخر فیصلو ٿيو ته ”ڪڪڙ ذبح ڪبو“
ڪاڪي مٽڪڻ جي عيد ٿي ويئي. کلندي صوڀو کي چيائين، ”صوڀو، گوشت موڪلجان، ٻئي ٽنگون منهنجي لاءِ“
رات جي دستر خوان تي، ڪوَرمي جو پيالو ڀريو پيو هو. ڪاڪو ڏسي چوڻ لڳو، شڪرءُ الحمدلله! اڄ دشمنِ کان نجات ملي“
پر ٻيو ڌيھن ٿيو۔۔۔۔۔
”ڪوڪڙون ڪوڪو… ڪوڪڙون ڪوڪو“
ڪاڪي جو لحاف هوا ۾ اُڏامي ويو. ڪاڪو جون اکيون ڦاٽي ويون. ڇت تي ڪڪڙ، ساڳئي غرور سان ٻانگ ڏئي رهيو هو۔
”هي ته... زنده آهي؟ يا خدا، ڇا صوڀو ڪوڙ ھيو آھي، ڇا ھن ڪڪڙ ڪونء ڪٺو؟“
ڪاڪو ڪاوڙ ۾ ڀرجي صوڀو وٽ پهتو.
” تون ڪوڙ ھڻي ڳوٺ واسن سان دھوڪو ڪيو آھي تون اڃان تائين ڪڪڙ ڪونءَ ڪٺو آھي“
صوڀو کلندي چيائين، ”اڙي ڪاڪا! اهو ته ”موتي لال“ آهي، ”مرحوم هيرا لال“ جو وڏو پُٽ۔ ائين هڪ ٻي مزي جي ڳال ٻڌ چار ٻيا مرحوم جا پٽ به انڃان نئي نئي ٻانگ سيکي رهيا آهن“
ڪاڪو صدمي ۾، ۽ محلو وري گونجي اُٿيو،

آخري ترميم: