• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪڏهن ڪڏهن اداڪاري ڪندا ڪريو..

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
1. جڏهن توهان کي لڳي ته ڪو دل سان صلاح پيو ڏئي، پر توهان انهيءَ صلاح سان متفق نه آهيو ته مسڪرائيندي چئو: "تمام گهڻي مهرباني، توهان ته بهترين مشورو ڏنو آهي."


2. جڏهن اوهان جي ماءُ يا زال اوهان لاءِ توهان جي پسند جي ماني تيار ڪري، پر اوهان کي بک نه هجي يا ماني خاص مزيدار نه لڳي، تڏهن به چئو: "اڄ ته کائي مزو ئي اچي ويو!"
کاڌو کائيندي اهڙي اداڪاري ڪريو ڄڻ ته کاڌو انتهائي لذيذ آهي.

3. جڏهن ڪو ٻار پنهنجي ڪارڪردگي يا نتيجو ڏيکاري، ۽ اوهان سمجهو ته نمبر ايترا خاص نه آهن، پوءِ به چئو: "واه، اوهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو! هن تي ته اوهان کي انعام ملڻ گهرجي."

4. جڏهن ڪو مايوسي جو شڪار هجي ۽ پنهنجي زندگيءَ جا مسئلا ٻڌائي رهيو هجي، ته ائين ڌيان سان ٻڌو ڄڻ توهان دنيا جو وڏو راز پيا ڄاڻو.

5. جڏهن ڪو گهر جو فرد، دوست يا رشتيدار ڪجهه ڏينهن کان پريشان ۽ اڪيلو نظر اچي، ته سندس لاءِ تحفو کڻي وڃو ۽ چئو: "هي تحفو خاص اوهان لاءِ آندو اٿم." ۽ پوءِ ڪجهه وقت مڪمل ڌيان سان سندس ساٿ ۾ گذاريو.

6. جيڪڏهن ڪو شخص بار بار ناڪام ٿي چڪو هجي، ته سندس ننڍڙين ڪاميابين تي به وڌ ۾ وڌ واڌايون ڏيو. بي حساب ساراهه ڪريو. ائين ڏيکاريو ڄڻ ته توهان پاڻ ڪامياب ٿيا آهيو.

اهڙن جملن ۽ اداڪاري جو ڪو نعم البدل ناهي. اوهان چاهيندي به اندازو نه ٿا لڳائي سگهو ته هن عمل ۾ ڪيتري طاقت آهي..
 
Back
Top