• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت کي 16 جنم ڏينهن مبارڪ

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اڄ کان سورهن سال اڳ.. خوابن جي جهان ۾ هڪ نئون سج اڀريو..
سنڌ سلامت جي نالي سان...
اهو رڳو هڪ فورم نه هو، پر ڏسندي ڏسندي اهو سنڌي قوم جي سڃاڻپ بڻجي ويو...
بطورِ سنڌ سلامت باني، فخر سان چوان ٿو ته اسان جو هي علمي، ادبي ۽ ثقافتي قافلو اڄ به محبتن، لفظن ۽ روشنيءَ جي راهه تي گامزن آهي.

سنڌ سلامت... جتي دليون ملن ٿيون، جتي لفظن سان محبت ڪئي ويندي آهي، جتي سنڌي هجڻ تي فخر ٿيندو آهي.

اڄ هن پُرمسرت موقعي تي، مان دل جي گهراين سان واڌايون ڏيان ٿو:
فورم جي انتظاميه کي، انهن اڻٿڪ محنت ڪندڙن کي..
ميمبرن کي، جيڪي هن گلزار کي هميشه گلن سان سينگارين ٿا..
لکندڙن کي، جن جي قلم هن ڌرتيءَ کي روشن ڪيو..
پڙهندڙن کي، جيڪي خاموش محبت جا امين آهن..
۽ سڀني سنڌين کي، جيڪي هن فورم کي پنهنجو گهر سمجهن ٿا..

سنڌ سلامت فورم: جتي دنيا جا سنڌي هڪ نئين سڃاڻپ سان گڏ ٿين ٿا...

هي رڳو فورم ناهي، بلڪه علم جو خزانو، احساسن جو آواز، ۽ تاريخ جي حافظي جو نالو آهي.
اسان جا ڪجهه قلمي خزانا ۽ انمول تحفا هي آهن:

سنڌ سلامت ڪتاب گهر:
سنڌي ٻوليءَ جا 2700 ڪتاب هڪ جاءِ تي:

سنڌ سلامت لفظيڪار:
سنڌي لفظن جو محفوظ خزانو:

سنڌسلامت پيغامِ قرآن:
سنڌي زبان ۾ قرآن پاڪ جا 15 ترجما:

سنڌ سلامت فونٽ سرور:
سنڌي فونٽن جو بهترين ذخيرو:

۽ ها، اسان جون اينڊرائيڊ ايپليڪشنز، جتي علم اوهان جي هٿن ۾ آهي:

1. ڪتاب گهر ايپ:


2. پيغام قرآن ايپ:


3. لفظيڪار ايپ:


4. الطاف شيخ ڪتاب ايپ:



اڄوڪو ڏينهن اسان سڀني لاءِ سجاڳي، شڪر ۽ محبتن جو ڏينهن آهي..دعا آهي ته سنڌ سلامت سدائين سلامت رهي، جيئن ان جو نالو آهي.
اُهو مشن، جيڪو سچ جي روشنيءَ ۾ شروع ٿيو هو.. هميشه جاري رهي.

سنڌ، محبت، علم ۽ لفظن جي خوشبو سان ڀريل سنڌ سلامت جي سالگره مبارڪ!


-
 
Back
Top