گل ڀنگر
جونيئر رڪن
هيرو
لکاري: گل
هڪ شاندار بنگلي جي ڇت تي ويهي مينهن جي بوندن مان لطف وٺندو ٽوني نالي ڪتو آسمان ڏانهن نهاري رهيو ھو. اھو عام ڪتو نه ھو پر ھڪ اعليٰ نسل سان واسطو رکندڙ سونهري وارن،وڏين اکين وارو ۽ انتهائي سمجھدار کتو هو.
هُو انسانن مان رڳو ھڪ انسان سان محبت ڪندو ھو۔ ھُو هيو انھيءَ بنگلي جو ننڍو پر تمام لاڏڪو فرد آرجے.
آرجے صرف ٽوني جو مالڪ نه پر ان جو سڀ کان بھترين دوست به ھو. نرم دل،صاف گو ۽ محبت سان ڀريل دوست. آرجے جو ڏاڏو ڪوئجے شھر جو وڏو واپاري ھو ۽ ھاڻي سندس پٽ مک جے يعني آرجے جو والد ڪاروبار هلائيندو هو. بنگليءَ ۾ سڀ ڪجهه موجود هو،آرام،آسائشون،نوڪر چاڪر پر ٽوني جي دل ۾ ڪا اڻڏٺي اداسي لڪيل هئي اهڙو خال جيڪو ڪو محسوس نه ڪري سگهيو.
هو نه ٻين ڪتن سان ميل جول رکندو هو ۽ نه ئي بليءَ جي محفلن ۾ دلچسپي وٺندو هو، ڪيئن وٺي ها؟ پاڙي جو آوارو ڪتن جو سردار ڊبو هميشه ٽوني کي ستائيندو هو سندس مذاق به اڏائيندو وو ”هو ڏسو دوستو امير مهاڻن جو پاليل ڪتو… ڏسو ته ڪيئن انسانن جي اڳيان پڇ لڏائي رهيو آھي،غلام ڪٿي جو“ ڊبو جي ڳالھ تي باقي سڀ ڪتا کلڻ لڳندا ها.
ڪڏهن ته ڊبو جي حڪم تي سندس چمچا ٽوني کي مٽيءَ ۾ گهليندا، ڪڏهن ڏنڊون ڏيندا ۽ جيڪڏهن ٽوني اڪيلو ملي پوندو هو ته ڊبو کيس ٻن چئن چماٽن سان نوازيندو به هو. بنگليءَ ۾ ھڪ ٻلو به رهندو ھو۔ ڪاري رنگ ائين نيري اکن ورو ٻلو تمام نخرن سان رهندو هو جنهن جو نالو هو بليڪ جيٽ هو۔
هٰو ٽوني تي رعب ڄمائيندو، ڪڏهن سندس پڇ پٽيندو ته ڪڏهن پنجي سان وڍءَ به ڏيندو ۽ پوءِ ڇت تي وڃي ٻين ٻلي ٻلن سان فخر سان چوندو هو”اڄ به ٽوني کي مزو چکائي آيس ياد اچي ويوس ڄڻ ته اسان سان ڪيئن رهبو آهي.“ بليون تاڙيون وڄائينديون ۽ ٽوني خاموشي سان صحن جي ڪنڊ ۾ وڃي ويهندو هو.
هُو گهر وارن جي ڊانٽ کان ڊڄندو هو ۽ شايد سندس نرميءَ سان ڀريل تربيت کيس وڙهڻ کان پري رکندي هئي.
هڪ ڏينهن پوري شهر ۾ خبر ھلي ته شھر ۾ ھڪ وحشي،خونخوار چيتو اچي ويو آھي۔ جيڪو ڏينهن ڏٺي جو به حملو ڪري ٿو. ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، ڪئي ته مارجي ويا ۽ ڪجهه پنهنجن پالتو جانورن کان به محروم ٿي ويا آھن. خوف ڇانئجي ويو،ماڻهو شام جو دروازا بند ڪرڻ لڳا، گهٽيون سُن سان ٿي ويون ۽ ماڻهن پنهنجن گهرن جون ڀتيون اونچيون ڪرائي ڇڏيون.
ان ئي ڏينهن مک جے ڪاروباري سفر تي شھر کان ٻاھر نڪري ويو. شام جو زور سان منيهن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. عام طور تي مک جے رات جو ڪنهن به وقت گهر موٽي ايندو هو پر ان رات گهڻو دير گذري وئي پر ڪا خبر نه آئي. سڄو گهر پريشان ٿي ويو.
جڏهن گهڻو وقت گذري ويو، آرجے بي چين ٿي ويو.
”مان بابا کي وٺڻ وڃان پيو“ آرجے اعلان ڪيو.
”نه آرجے! تون اڃان ٻار آهين“ سندس ڏاڏي ڪوئجے سخت لهجي ۾ چيو.
”مان سترهن سالن جو آهيان، ڏاڏا جاني! مون کي ٻار نه سمجهو. پر هي منهنجي بابا جو معاملو به آهي، مان ضرور بابا کي ڏسڻ ويندس“ آرجے جو آواز تيز ٿي ويو. بحث کان پوءِ آخرڪار ٻه ملازم ساڻ کڻي آرجے روانو ٿي ويو.
ٽوني ڪار جي پٺيان ڊوڙي رهيو هو ڀونڪندي ڄڻ چوندو هجي، ”مون کي به وٺي هلو“ آرجے دروازو بند ڪيو، پر ٽوني ٻئي پاسي کان ٽپو ڏئي گاڏيءَ ۾ چڙهي ويو. آرجے کلندي چيو، ”چڱو تون به اچ ضدی دوست“
راستي ۾ هڪ ويران علائقي ۾ ڪار بيهي رهي. بارش زور تي هئي، رستا پاڻي سان ڀريل هئا، هوا ۾ سنسناٽ هئي ۽ ماحول ڏاڍو ڀيانڪ لڳي پيو. آرجي همت ڪري گاڏي کان لهي بونٽ کولي گاڏي ڏسڻ لڳو تو ڇا مسئلو اٿس اوچتو جھاڙين مان ھڪ ڇانو نڪتو،اهو ئي وحشي چيتو،وسڪاري ۾ ڀڄيل اکين مان باهه ٽمڪائيندڙ. ملازم ڊپ ۾ ڪار ۾ لڪي ويا ھڪ ته بيهوش به ٿي ويو. آرجے ڊڄندڙ هٿن سان ھڪ لٺ کنئي، ۽ چيتوءَ اڳيان بيهي رهيو.
ٽوني ھي منظر ڏٺو. پهريائين ته سندس دل لرزي وئي پر پوءِ سندس اکين ۾ چمڪ اچي وئي. هن ڪار جي شيشي مان ٽپو ڏنو ۽ آرجے اڳيان اچي بيٺو. هو ڀونڪڻ لڳو، غرائڻ لڳو پوءِ هڪ قدم اڳتي وڌي چيتي تي حملو ڪري ڏنئن.
چيتو طاقتور هو. تيز پنجا، تيز ڏند پر ٽوني جي دل ۾ آرجے جي محبت هئي. هو وڙهندو رهيو وڙهندو رهيو ۽ آخرڪار چيتي جي نڪ کي پنهنجي ڏندن سان جڪڙي ورتو. چيتو ٻاڪار ڪيو پاگل ٿي ويو پر ٽوني نه ڇڏيئس. نڪ مان رت وهي رهيو پر ٽوني پنهنجي ڏند نه ڇڏيا. ڪافي دير وڙهڻ کان پوءِ چيتو تڪليف سان پاڻ ڇڏائي ڀڄي رهيو. ٽوني زخمي ٿي ڪري پيو.
آرجے ۽ ملازمن کيس کڻي ڪار ۾ وڌو. ٿوري دير بعد ھڪ ٻئي ڪار نظر آئي پوليس جي گاڏي جنهن ۾ مک جے پنهنجي پوليس آفيسر دوست سان گڏ هو. بارش سبب کيس ٽيڪسي نه ملي هئي، تنهن ڪري پوليس سان گڏ موٽي رهيو هو.
هن پنهنجي ڪار سڃاڻي آرجے ۽ ملازمن کي ڏٺو پوءِ کيس سموري صورتحال کان آگاهي ڏني وئي. فوراً ٽوني کي جانورن جي اسپتال نيو ويو. سندس علاج هفتن تائين جاري رهيو.
هڪ ڏينهن خبر آئي ته ھڪ زخمي چيتو مليو آھي، جنھن جي نڪ تي ڦٽ هيا ۽ هلڻ ۾ لنگڙائپ آھي. شڪاري جيڪي حڪومت جي حڪم تي کيس ڳولي رهيا هئا ان کي ختم ڪري ڇڏيو.
شھر ۾ امن واپس اچي ويو… ۽ ٽوني؟
هاڻ هو ”هيرو“ بڻجي چڪو هو.
ڊبو جڏهن کيس ڏسندو ته دم دٻائي ڀڄي ويندو. بليڪ جيٽ ٻلو صوفيءَ يا ميز جي هيٺان لڪي ويندو هو۔
”اھو ته چيتي جو نڪ ڀڃي سگھي ٿو مان ته فقط ھڪ ٻلو آھيان“
هو ٻين بليءَ کي چوندو، ۽ بليون ڊڄي ”ميائوں“ ڪندي خاموش ٿي وينديون هون۔
ٽوني اڃا به ساڳيو نرم دل، مهذب ڪتو هو پر هاڻ هن جي اکين ۾ اعتماد هو ۽ سڀني جي دل ۾ سندس احترام.
هو سڪون سان بنگلي جي لان ۾ آرجے سان ويهي وقت گذاريندو ۽ دل ئي دل ۾ سوچيندو هو ته دوستي جو اصل حق ته انهيءَ ادا ڪيو آھي جنهن کي هن پنهنجو ”ڀلو دوست” مڃيو هو.
انساني نفسيات جو سبق
انهيءَ ڪهاڻي جي پڄاڻيءَ مان جيڪو انساني نفسيات جو سبق ملي ٿو اهو انتهائي گهرو ۽ اثرائتو آھي.
انسان جي فطرت آھي ته ھو محبت چاھي ٿو پر سچي محبت هميشه قرباني ڏيڻ کان شروع ٿئي ٿي. ٽوني جي مثال اسان کي سيکاري ٿي ته خاموشي، وفاداري،قرباني ۽ بي لوث جذبن جو دارومدار صرف انسانن تائين محدود نه آهي.
ھي ڪتو، جيڪو نه ڳالهائي سگھي ٿو،نه ئي شڪايت ڪري سگھي ٿو پر جڏهن وقت آيو ته پنهنجي جان جي پرواھ نه ڪندي پنهنجي مالڪ کي بچائڻ لاءِ اڳتي وڌي آيو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اصل انسانيت طاقت ۾ نه پر جذبن ۾ آھي۔ عهدي ۾ نه نيت ۾ آھي ۽ لفظن ۾ نه عمل ۾ آھي.