• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نيلام گهر جي راهه تي

ڪڏهن ڪڏهن ڪي لفظ عام لڳن ٿا، پر انهن جي اندر لڪل حقيقتون سڄي سماجي ڍانچي کي وائکو ڪري ڇڏينديون آهن. مون جڏهن چيو ته ڪينال معنيٰ پاڻي تي يلغار آهي، ته ماڻهو حيران ٿيا. جڏهن مون زمين تي فارمنگ کي ڪالونائيزيشن سڏيو، ته ڪن سينو چڪ ڪيو. ۽ جڏهن مون وسيلن تي قبضي کي نيلام گهر جو ٻيو نالو ڏنو، ته خامشي ڇانئجي وئي.

اڄ شڪر جو مقام آهي، ته اهي ئي لفظ، اهي ئي سوچون، هاڻ انهن مان به ٻڌجن ٿيون، جيڪي اڳ خاموش هئا. انهن سان منهنجي جلد ملاقات متوقع آهي—۽ اهو ئي لمحو هوندو، جڏهن فڪر، بصيرت، ۽ تاريخ جي سچائين تي مکالمو جنم وٺندو.

ڇو ته اصل ڳالهه رڳو پاڻي، زمين يا وسيلن جي ناهي—اصل ڳالهه آهي مالڪي جي، حق جي، ۽ ان سچ جي، جيڪو نسلن لاءِ بيهڪ جو ڪم ڏئي سگهي ٿو.
 
Back
Top