مير سردار چنڙ
سينيئر رڪن
مير سردار چنڙ
خليفي صاحب جي سر سامونڊيءَ فڪري جو جائزو
Abstract:
Khalifa Nabi Bakhsh Leghari is a great poet of sindhi classical poetry. We find very powerful ideas, artistically and intellectually in his poetry. In the poetry of Khalifa Nabi Bakhsh Laghari, Sur Samondi is such a wonderful Sur, in which Khalifa Sahib presented the traders, their wives, their beloveds, the worries of mothers and the trade of Sindh in a unique way. Sur Samondi by Khalifa Nabi Bakhsh Laghari is a kind of romantic story. In which there are eternal love stories of traders. Real romantic feelings and emotions are expressed in this tone. This Sur echoes with the desires of traders' wives, the love for the homeland, the pains of separation, and the ties that bind. We have got a good indication of the trade of Sindh In Sur Samondi of khalifa Nabi Bakhsh Laghari.
Key words
Classical poetry, Khalifa Nabi Bakhsh Laghari, Merchant, Maritime, Waiting, Romanticism.
خليفو نبي بخش لغاري (1863-1776) سنڌ جي اساسي شاعرن مان ھڪ آھي. جنهن کي خليفي صاحب جي نالي سان سڏيو ويندو آهي ۽ سندس شاعري ۾ تخلص “قاسم” آهي. "قاسم" جي تخلص بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وضاحت ڪندي لکي ٿو: "سندس ماسات قاسم ھڪ ته ھن جي محبت جي داستان جو رازدان ھو ۽ ٻيو ته خليفي صاحب جي ساڻس دلي پريت ھئي، انھي ڪري پنھنجي نالي بدران "قاسم" جو نالو تخلص طور چونڊيائين. ( بلوچ؛ 2005،ص 21)
خليفو نبي بخش، ٽالپرن جي دؤر جو ھڪ باڪمال ڪلاسيڪل شاعر آھي. سندس شاعري ڪلاسيڪل شاعرن، ميون شاھ عنات ۽ شاھ لطيف جي شاعري جو تسلسل آھي. خليفي جي شاعري ۾ شاھ لطيف ڀٽائيءَ جو سٺو اثر نظر اچي ٿو، تنھن ھوندي به خليفي صاحب جي شاعري پنھنجي انداز منفرديت، ۽ نواڻ بخشيندڙ آھي. جنھن ۾ ھن سولي ٻوليءَ ۾ ڪلاسيڪل شاعرن جو فڪر سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
خليفي نبي بخش ‘قاسم’ کي جيڪڏهن اسان رومانوي، احساساتي، مزاحمتي قومي شاعر چئون ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو.
سندس سُر ڪيڏارو ان ڳالهه جو شاھد آھي، پاڻ سُر ڪيڏاري ۾ سنڌ ۾ کرڙي واري جنگ جو ذڪر ڪيو آھي. اھا سندس نج مزاحمتي شاعريءَ جو روپ آھي. خليفي صاحب جو سُر ڪيڏارو تمام گھڻو مشھور آھي ھڪ ته نج مزاحمتي شاعري جي ڪري ۽ ٻيو وري ان ۾ مقامي ڪردارن کي سُر ڪيڏاري ۾ ڪردار طور پيش آندو آھي.
"اساسي شاعرن ۾ خليفو سنڌي شعر جي رسالي واري روايت جو تسلسل به آهي. انهن خاصيتن سان گڏوگڏ خليفي صاحب جو ڪلام فڪر ۽ فلسفي سان ڀرپور آهي. شاهہ عبداللطيف ڀٽائيءَ وانگر سُرن جي لحاظ کان ۽ موضوع واري شاعري ڪئي اٿائين. سندس مشاهدو وسيع ۽ عميق آهي. عام رواجي شين کي تشبيهه ۽ استعاري طور ڪتب آندو اٿائين، جن کي عام ماڻهو اهميت نه ڏيندا آهن" (پروين ؛2012: 82)
خليفي نبي بخش جي شاعري مان سُر سامونڊيءَ جو فڪري جائزو ”خليفي صاحب جو رسالو : ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ” واري رسالي جي روشني ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
"سامونڊي" سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي معني آھي- سمنڊ جو (رهندڙ) ، سمنڊ جو، سمنڊ سان واسطو رکندڙ ، سمنڊ تي سفر ڪندڙ.
ھن سُر ۾ چار فصل 24 بيت ۽ 5 وايون شامل آھن.
سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ ھڪ سڀني کان اھم ۽ شاندار خوبي اھا به آھي ته ڪلاسيڪل شاعرن وٽ ڪردارن ۽ موضوعن جي چونڊ تمام اعليٰ درجي جي آھي. ھنن وٽ موضوع ۽ ڪردار نھايت اعليٰ غير معمولي رھيا آھن. ھنن سدائين اوليت انھن غير معمولي ڪردارن کي ڏني آھي، جيڪي ھن سماج ۾ ڌڪاريل، اڻ ڏٺا رھيا آھن يا ته اھي پاسائتا رھيا آھن. سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن ڏينھن ازل کان سماج کان اک الٽي ڌاريندا آيا آھن، ھنن دنيا جي شاعرن واري اک ناھي ڌاري. اھو ئي سبب آھي ته دنيا ۾ ڪلاسيڪل شاعرن بادشاھن، راڻين، محلن ۽ شھزادين مان موضوع چونڊيا ويندا آھن پر سنڌي شاعرن وري ان جي ابتڙ پورھيتن، مزدورن ۽ ھيٺائين طبقي مان شاعريءَ جا پنھنجا موضوع ۽ ڪردار تخليق ڪيا آھن. اھو ئي سبب آھي ته اڄ اسان جي ڪلاسيڪل شاعري دنيا جي مڙني ادبي شاھڪارن ۾ انتھائي منفرد ۽ مزاج ۾ الڳ حيثيت رکندڙ شاعري آھي.
ماضيءَ ۾ سنڌ جي ماڻھوءَ لاءِ اھو مشھور رھيو آھي ته سنڌ جو ماڻھو پرديس جو ناھي، ھن کي پنھنجي ڳوٺ جي پريان وارو شھر به پرديس لڳندو آھي، ايئن کڻي چئي ته سنڌي ماڻھو ان لحاظ کان ڊڄڻو رھيو آھي. جو ھو ديس کان ٻاھر رھڻ پسند ئي ناھي ڪندو. اھو ھڪ سنڌي سماج تي اھڙو داغ ھو جيڪو حقيقتن سنڌي سماج کي پويان ڪري رھيو ھو. جنھن سبب سنڌي ماڻھو جڏھن به ٻاھر روزگار سانگي ويندا ھئا، ته کيس اھو ٻڌڻو پوندو ھو ته اوھان سنڌي ڳوٺ ۾ ئي رھو ته بھتر آھي، اوھان ھتي انڪري به نه رھي سگھندو، جو اوھان لاءِ ھي پرديس آھي. عين ان موقعي تي ڪلاسيڪل شاعرن اندر ان داغ کي ھٽائڻ لاءِ سر سامونڊي سرجيو جنھن ۾ ڪردار ان جي ابتڙ آندا. ھنن اھڙا ته ڪردار آندا. جن جي وري دنيا ۾ ھاڪ ھئي. ھن اندر ھڪ گروھہ کي سامھون آندو ويو آھي. جيڪو سامونڊي واپار سان جڙيل آھي، جنھن جو ڌنڌو سامونڊي واپار ذريعي دنيا تياڳيڻ ھو .ھو ٻيڙين ذريعي چين، سريلنڪا، بنگال، ھندستان جي آس پاس توڙي دنيا جي ٻين خطن ۾ وڃي مھينن جا مھينا، سالن جا سال گهرن جواھرن جو وڻج واپار ڪندا ھئا. ۽ دنيا مان مال ملڪيتون ميڙي ايندا ھئا.
" ميان يار محمد ۽ ميان نورمحمد جي اوائلي زماني ۾ سنڌ اندر جيڪو امن امان قائم ھو، تنھن مان ملڪ کي چڱو فائدو ٿيو. ھن دور ۾ سنڌ جي زراعت ۽ صنعت ، وڻج واپار کي وڏي ترقي ملي ۽ "سنڌي" وڻجارن جا جھاز ملڪي صنعت جو سامان کڻي مشرقِ واسطيٰ بعيد مشرقِ بعيد ۽ ايراني بندرن تي پهچندا ھئا. وڏن وڏن فرنگي واپارين جهڙوڪ پورچوگيزن، انگريزن ۽ ڊچن سنڌ ۾ پنھنجا ڪارخانا قائم ڪيا ھئا. جنھنڪري سنڌ ۾ اتر اولھہ ھندستان جون زرعي ۽ صنعتي سنڌ جي لاھري، ديبل بندر ۽ شاھ بندر ڏورانھن ملڪ ۾ پھچايون وينديون ھيون" (چنا؛ 1974: 15)
ھي اُھي عظيم ڪردار ھئا جن بابت پھچ فقط سنڌي شاعرن جي رھي آھي. ھنن ڪردارن کي "وڻجارا" سڏيو ويو آھي. وڻجارا معني جيڪي سامونڊي سفر ڪري واپار لاءِ ڏورانهن ڏينهن طرف وڃن. سر سامونڊي ۾ انھن واپارين وڻجارن، انھن سامونڊين کي ڳايو ويو آھي. جيڪي سالن جا ڊگھا سفر ڪري وڻج واپار تي ويندا ھئا. ھن سر اندر وڻجارن جو ذڪر ته آھي پر اھي ثانوي ڪردار آھن. بنيادي طور تي جن ڪردارن کي وڏي اھميت اجاگر آھي، سا آھي انھن وڻجارين کي جيڪي انھن وڻجارن جون ونيون، محبوبائون، ڀينرون ۽ امڙيون آھن. جيڪي سندن سڪ ۾ سالن جا سال سامونڊي ڪنارن تي سندس انتظارن ۽ اوسيئڙن ۾ گذارن ٿيون. جيڪي جيئري جدايون پسن ٿيون. وڻجارن جي سڪ، حب ۽ انھن سان ملاقاتن لاءِ سکائون ڏين ٿيون، سمونڊ کي پوڄن ٿيو. جيڪي انتظار ۾ اکين مان نير وھائن ٿيون، پنھنجن محبوبن، ورن، ڀائرن کي ياد ڪنديون رھن ٿيون.
جيڪڏهن اسان خليفي نبي بخش جي ھن سر سامونڊيءَ کي ھڪ شاھڪار رومانوي سر چئون ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ھن اندر اسان کي محبت،حب، سڪ، عقيدت، وصل ۽ فراق جھڙا شاندار مضمون پڙھڻ لاءِ ملن ٿا.
خليفي نبي بخش جي سر سامونڊيءَ ۾ ھڪ نئين ڳالهه سمايل آھي، اھا نئين ڳالهه اھا ته ھن ۾ وڻجارن، وڻجارين جو ذڪر ته شاندار نموني سان ڪيل آھي پر خليفي جي شاعري ۾ ھن انھن وڻجارن لاءِ نيون آسون ۽ اميدون رکيون آھن. ھو سر سامونڊيءَ ۾ انھن وڻجارن لاءِ دعاڳو آھي. سندس خيريت نيئڻ ۽ اڪرڻ لاءِ پراميد نظر اچي ٿو. ھن انھن کي ڪارونڀار، ڪُنَنِ ۽ سامونڊي ويرين کان بچڻ لاءِ دعائون گھرندي، انھن کي سک سلامتي لاءِ وانجھائيندو نظر اچي ٿو. جيڪا مان سمجھان ٿو ته خليفي نبي بخش جي شاعريءَ جي وسعت ۽ منفرديت آھي. جيڪا پھرين تمام گھٽ پڙھڻ لاءِ ملي آھي.
سامونڊي جڏهن وڻج واپار سانگي، سڙھ سنڀالي، سنواري سينگاري ، ٻيڙا ٻار ۾ ڇوڙي، صبح ساڻ سفر تي ھاڪاري هليا ويندا هئا، کين اڳيان ڪارونڀار ڪُنَ، عميق اوڙاھہ، سامونڊي ويرون اينديون هيون پر اھي سامونڊي الله تي توڪل ( الله تو آھر)ڪري نڪري پوندا ھئا.
ٻيڙا مکي ٻار ۾، وڌائون واري
سڙھ کڻي ساڄا ٿيا، ساجُھر سينگاري
ھليا ھاڪاري، الله سندي آسري.
(بيت نمبر؛4 ص 19)
وڻجارن جون جھونيون ٻيڙيون، سمنڊ جا اونھا پاڻي، جيڪي وڏين وڏين ويرين جي ڊپ کان، جن کي لھرن جا لوڏا سھڻ جي طاقت ناھي ھوندي ته ان وقت مھاڻن، وڻجارن جو ساھ مٺ ۾ ھوندو آھي. ان پسمنظر ۾ خليفو نبي بخش عاجزي سان انھن وڻجارن جي سفر ۽ سلامتي لاءِ دعا گھرندي چوي ٿو ته! مولا ڪو واءُ سڻائو ڪري، سندن جھونا ٻيڙا پنھنجي فضل سان پار پورمندر( ڪاٺياواڙ جو بندرگاھ) تي پھچاءِ.
جھوني ٻيڙي، جهاجِھه گھڻي، وچ وڏاندڙ وير
لھرين لپاٽَ سين، ڪوڙيين ڀڄن ڪير
پسي دور درياهہ جو، قاسم! ڪنين ڪبير
فضل ساڻ فقير، پُربَندر پھچائين.
(بيت نمبر؛3 ص 21)
سنڌ جا وڻجارا اڪثر ڪري چين بنگال ۽ ھندستان وارن علائقن ڏانھن تمام گھڻو واپار ڪرڻ ويندا ھئا. اتان کان وري اڳيان ٻين ملڪن ڏانھن وکر روانا ڪندا ھئا. خليفي نبي بخش، سر سامونڊي اندر بھترين انداز سان سامونڊين کي سفر جي منظر ڪشي ڪئي آھي. ھن انھن سامونڊين جي ڏکن، ڊپن، خوف، حراسن کي پنھنجي شاعري جي ڪينواس ۾ سھڻي انداز سان ڀريو آھي. سندس شاعري ۾ ھر پاسي حسناڪي ئي حسناڪي نظر اچي ٿي.
سودي ڪارڻ سَنبھيُون، ويھون وڻجارن
چَليا چينَ بنگالَ ڏي، مالڪ رکي مَنِ
آيا اُن اوڙاھ ۾، جتي ڍِيمَ ڍَرَنِ
لھرين جي لپاٽَ سين، ڪاٺ ڪڙڪا ڪَنِ
قاسم ڪارونڀار سين، تاڙي لڳي نه تَنِ
اتي اُتارنِ ھادي، ڏيندو ھٿڙا.
(بيت نمبر؛1 ص 21)
سنڌ جا وڻجارا دنيا جي ملڪن ۾ وڃي، ھيرن،لعلن ۽ جواھر جو ڪاروبار ڪندا ھئا. ھو جڏھن به ٻيڙا ھاڪاري ويندا ھئا، ته پريان اھي ئي ٻيڙا سون، چاندي، ھيرن، جواھرن سان ڀري واپس ايندا ھئا، سندن اھا چوس کين گھر ۾ ويھڻ نه ڏيندي ھئي. ھو اڃا ايندا ھئا، وري ويٺي ويٺي وڃڻ جو خيال ايندو ھين، ھنن کي ڪنھن طوفان جو خوف نه ھوندو ھو ھو ھر وقت تيار ھوندا ھئا. پر ھو جڏھن به ويندا ھئا ته ڪڏھن به ھٿين خالي نه موٽندا ھئا. ھر وقت ھنن کي فڪر ھوندو آ، وڻج واپار جو ۽ ڪاميابيءَ سان اھو سڀ ماڻي ايندا ھئا.جڏھن به واپس ايندا ھئا ته فاتحن وانگر وڏي دٻ دٻي سان ايندا ھئا.
ڪنڌي ناھي ڪُلاب جي، ڪَپرِ ڪُنَ ڪارا
سودي ڪارڻ سنڀيا، وري وڻجارا
لعلون لَکيِ سَرَ ۾، موتي موچارا
سودي سَوارا کٽي، آيا خير سان.
(بيت نمبر؛6 ص 22)
وڻجارا جڏھن پنھنجي وڻج واپار سان ويندا ھئا ته اھي وڏو عرصو سفر ۾ گذاريندا ھئا سالن جا سال واپس ورڻ جي ڪا وائي ئي نه واريندا ھئا. پوء انھن جون وڻجاريون، ونيون محبوبائون پيون سندس دڳ وانجھائينديون ھيون، اھي انھن کي سڪ، تڙپ ۾ پيو پڙهنديون ھيون. ھو چاھينديون ھيو ته ھڪ دفعو واپس اچي ته کين وري واپس نه موڪلجي. وڻجاريون سدائين انھن جي راھن ۾ نھاري پيون، اوسيڙن جا اڀا ساھ کڻندي چونديون ھيون:
قاسم چئي ڪڏِھين، ملين جي منٺار
ته موٽي موڪل نه ڏيان، بندر جي بازار.
(وائي نمبر؛1 ص 24)
وڻجارن جون اھي ونيون جي، سالن کان سڪ ۾ ستايل ھوندي جڏھن سندس من جون مرادون پوريون ٿين ۽ جڏھن سندس فراق جا ڏينھن وصل ۾ تبديل ٿين ۽ اھا محبوبه جيڪا اڃا پنھنجي سڪ به پوري ڪري نه سگھي ته وري وڻجارا وڃڻ جون وايون ٿا ڪن تڏھن. وري کيس فراق جا ڦٽ ٿيڻ لڳن ٿا تڏھن ھوءَالتجا ڪندي وڻجارن (سامونڊين ) کي چوي ٿي: اڄ مونکان پري، مونکي ڏکن ۾ ڇڏي نه وڃو، ھتي ئي رھي پئو ته جيئن مان سانجھيءَ پنھنجي محبوب سان دلي رھاڻيون ڪريان، پنھنجي اندر جا احساس اڌما سندس آڏو بيان ڪيان.
اڄ مَ وڃو اوھري، مونکي ڏئي ڏَنجھہ
سامونڊين سان سَنجھَہ، ڪريان روح رَچنديُون .
(بيت نمبر؛4 ص 25)
شاھ لطيف جي سر سامونڊي ۾ به اھڙي خيال سان ٽمٽار بيت ملي ٿو :
جيڪر اچي هاڻ، ته ڪيان روح رچنديون
آيل! ڍوليي ساڻ، مند ڳر لڳي ڳالهيون ڪريان
(آڏواڻي 89 (
خليفي نبي بخش انھن وڻجارين جا احساس ڪيڏا نه گھرائي سان بيان ڪيا آھن. ھن ھڪ سنڌي عورت جي جذبن جي مڪمل عڪاسي ڪئي آھي. جڏھن ڪا نئين ڪنوار شادي ڪري، کيس وڻجاري جو پيار ملڻ بدران ان کي جوانيءَ جو جوڀن ڏينھن ۾، خوشين ۽ کلڻ جي ڏينھن ۾ وڇوڙي ۽ فراق جا ڏينھن ملن. اھي انھن وڻجارين لاءِ وڏا ڏکوئيندڙ ڏينھن ھوندا ھئا.پر وڻجارن کي انھن جو احساس نه ھوندو ھو.ھو بس پنھنجي وڻج واپار ۾ ھلندا رھندا ھئا ۽ پٺيان ھنن جو حسين جميل نيون نويل ڪنواريون ھنن جي انتظار اوسيئڙي ۾ پيون لڙڪ لاڙيندي چونديون ھيون:
ساڄا سڙھ سامونڊين، ڪالھونڪر ڪيا
پرڻي مون پرينءَ سان، ٿورا ڏينھن ٿيا.
(وائي نمبر؛2 ص 25)
وڻجاريون وڻجارن جي اچڻ لاءِ تڙ پوڄينديون ھيون، پلئه پائي سکائون ڏينديون ھيون ته شال! منھنجو محبوب مونسان اچي ملي. سمنڊ تي وڃي پنھنجي محبوبن لاءِ پيو وانجھائينديون ھيون پر ھنن جا محبوب، مڙس ھنن کان بنا پرواھ پيا ھلندا رھندا ھئا.
پلئه پائي اڳيان، پُڇان تڙ پوڄارا
موليٰ مونکي ميڙئين، سامونڊي سونھارا.
جَرَ ناريلَ پيا، ماءُ! سنڀوڙا سپرين
(وائي نمبر: 1 ص 23)
جڏھن به وڻجارن جي اچڻ جي موسم ايندي ھئي. ته وڻجاريون گڏجيون وڃي سامونڊي ڪنارن تي ويھنديون ھيون ۽ پري پري کان سڙھ ڏسندي، پنھنجي پرين ٻيڙين جا سڙھ سڃاڻڻ جون ڪوششون ڪنديون ھيون ته شال ! اھو سڙھ منھنجي محبوب جي ٻيڙي جو ھجي ۽ پوءِ اوچتو کيس اھا تسلي ٿيندي ھئي ته اھو سڙھ جيڪو پري کان نظر آيواھو منھنجي ور جو آھي ته ان وقت وڻجاريون خوشين مان ھڪٻئي کي وڻجارن جي ورڻ جون مبارڪون ڏين ٿيون ته اسان جو سامونڊي کيڏاري (سامونڊي سفر جو کيڏاري) خير سان کٽي آيو.
وَريا وڻجارا، وَھُنِ گھرِ واڌَايون
اچي سَڙِھنِ اوچتا، ڏنا ڏيکارا
کاري کيڏارا، کڻي آيا خير سان. (بيت نمبر؛3 ص 26)
۽ جڏھن وڻجارين جا سکائون پوريون ٿينديون ھيون ۽ وڻجارا گھر پھچندا ھئا ھر طرف خوشيون ئي خوشيون ھونديون ھيون. فراق جا ڦٽ ختم ٿيڻ لڳندا ھيا ۽ وصال جا ڏينھن شروع ٿيندا ھئا. ونيون پنھنجي مڙسن سان گڏجنديون ھيون. اھڙن لمحن ۾ ھڪ وڻجاري چوي ٿي ته:
ماءُ ساريندي! مون، تڙ وڻجارا آيا
پُنيون اُميدون، وھون ورن گڏيون.
(بيت نمبر؛2 ص 25)
خليفي نبي بخش لغاري جو ھي سر سامونڊي ھڪ اھڙو ته شاندار سر آھي جيڪو سامونڊين جي وڻج واپار، انھن کي احساسن جذبن سان ٽمٽار سر آھي..ھن سر اندر انھن وڻجارن سان سمونڊ اندر پيش اندر خوف، ڊپ، سامونڊي لاھا چاڙھا توڙي انھن جي محبوبائن، ونين جو احساساتي ذڪر آھي جنھن ۾ سندس ھجر فراق، وصل، پيار، محبت، سڪ اڪير جھڙا لازوال مضمون ملن ٿا.
حوالا :
آڏواڻي. ڪلياڻ. (2014ع). مرتب شاھ جو رسالو. سر سامونڊي، داستان 1، بيت 18، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
بلوچ. ڊاڪٽر نبي بخش خان (2005) تحقيق ۽ تصيح. خليفي صاحب جو رسالو. سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
پروين. ڊاڪٽر ناھيد (2012). خليفي نبي بخش لغاريءَ جو ڪلام. ڪلاچي. تحقيقي جرنل. ايڊيٽر: پروفيسر محمد اسلم ميمڻ. ج (15)، ش (1). شاھ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي
چنا. ڪريم بخش. (1974). سر سامونڊي جي تاريخي ۽ ثقافتي پسمنظر. سر سامونڊءَ جو مطالعو . مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز. ڀٽ شاھ سنڌ