
ڪڏهن توهان اهو تصور ڪيو آهي ته جيڪڏهن انسان هڪ لمحي لاءِ به هن ڌرتيءَ تان غائب ٿي وڃن ته ڇا ٿيندو؟ “Aftermath: Population Zero” اهڙي ئي حيرتانگيز ڊاڪيومينٽري آهي جيڪا انهيءَ سوال جو جواب ڳوليندي آهي..
ته اسان انسان جيڪڏهن هڪ لمحي لاءِ دنيا مان هٽايا وڃن۔۔۔ يعني جيڪڏهن انسان جو وجود ئي نه هجي، هن هلندڙ دنيا ۾۔۔۔ جتي اسان ٽيڪنالاجي کان وٺي، هر ميدان ۾ ڪم ڪيو آهي۔۔۔ انرجي، کاڌ خوراڪ۔۔۔ غرض ته هر شيءِ جيڪا اسان ٺاهِي آهي۔۔۔ ان جو ڇا ٿيندو؟
يقين ڪريو، آهي ته هيءَ هڪ ڊاڪيومينٽري، پر انهيءَ ڳالهه جو نتيجو ڏسي مون کي ته خوف محسوس ٿيو۔۔۔
هي ڊاڪيومينٽري اسان کي انهيءَ حقيقت ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي ته قدرت ۽ ڌرتيءَ جا نظام انسان کانسواءِ به پنهنجو رستو ڳولي سگهن ٿا. اسان جي ٺاهيل عمارتون، بجلي، سسٽمز ۽ سڄي تهذيب، وقت جي وهڪري ۾ ڪيئن ختم ٿيندي، ۽ ڌرتيءَ ڪيئن ٻيهر پنهنجي اصل حالت ڏانهن موٽندي، اهو ڏسڻ وارا کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي..
هي ڊاڪيومينٽري رڳو سائنس يا فطرت بابت ناهي، پر انسان جي حيثيت، سندس ذميوارين ۽ ڌرتيءَ سان تعلق بابت به وڏو سوال اٿاري ٿي.
ساٿين کي صلاح ڏجي ٿي ته هي ڊاڪيومينٽري ضرور ڏسو، نه صرف معلومات لاءِ، پر ان لاءِ به ته اسان پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪيئن ڀلو سلوڪ ڪري سگهون.