• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊاڪيومينٽري جو جائزو: Aftermath: Population Zero

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
MV5BMzBlNDE0NDAtMTkxYS00OTU4LWE3ODAtNjZmOTI5MWZlMzA5XkEyXkFqcGc._V1_QL75_UX140_CR00140207_.jpg

ڪڏهن توهان اهو تصور ڪيو آهي ته جيڪڏهن انسان هڪ لمحي لاءِ به هن ڌرتيءَ تان غائب ٿي وڃن ته ڇا ٿيندو؟ “Aftermath: Population Zero” اهڙي ئي حيرت‌انگيز ڊاڪيومينٽري آهي جيڪا انهيءَ سوال جو جواب ڳوليندي آهي..
ته اسان انسان جيڪڏهن هڪ لمحي لاءِ دنيا مان هٽايا وڃن۔۔۔ يعني جيڪڏهن انسان جو وجود ئي نه هجي، هن هلندڙ دنيا ۾۔۔۔ جتي اسان ٽيڪنالاجي کان وٺي، هر ميدان ۾ ڪم ڪيو آهي۔۔۔ انرجي، کاڌ خوراڪ۔۔۔ غرض ته هر شيءِ جيڪا اسان ٺاهِي آهي۔۔۔ ان جو ڇا ٿيندو؟
يقين ڪريو، آهي ته هيءَ هڪ ڊاڪيومينٽري، پر انهيءَ ڳالهه جو نتيجو ڏسي مون کي ته خوف محسوس ٿيو۔۔۔
هي ڊاڪيومينٽري اسان کي انهيءَ حقيقت ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي ته قدرت ۽ ڌرتيءَ جا نظام انسان کانسواءِ به پنهنجو رستو ڳولي سگهن ٿا. اسان جي ٺاهيل عمارتون، بجلي، سسٽمز ۽ سڄي تهذيب، وقت جي وهڪري ۾ ڪيئن ختم ٿيندي، ۽ ڌرتيءَ ڪيئن ٻيهر پنهنجي اصل حالت ڏانهن موٽندي، اهو ڏسڻ وارا کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي..

هي ڊاڪيومينٽري رڳو سائنس يا فطرت بابت ناهي، پر انسان جي حيثيت، سندس ذميوارين ۽ ڌرتيءَ سان تعلق بابت به وڏو سوال اٿاري ٿي.

ساٿين کي صلاح ڏجي ٿي ته هي ڊاڪيومينٽري ضرور ڏسو، نه صرف معلومات لاءِ، پر ان لاءِ به ته اسان پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪيئن ڀلو سلوڪ ڪري سگهون.
 
Back
Top