• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مائي حقولي گندري

هيلايا ۽ ڪوٽ عالمون جي وچ ۾ کڏي پتڻ هو جتي جهنڊائي گندري جي ٻيڙي پتڻ تي هر وقت ماڻھون ۽ مال کي اڪاري پار ڪندي هئي. کڏي پتڻ جي ڀر ۾ گندرن جو ڳوٺ هو جتي مائي حقولي گندري جي اوطاق ٺھيل هئي. مائي حقولي مرداڻا ڪپڙا پائيندي هئي، مهمانن کي ماني کارائڻ سان گڏ راڄ جا فيصلا بہ ڪندي هئي. سڄي تر ۾ ڇوڙي، نبيري ۽ اُٿڪ ويهڪ ۾ مائي حقولي تمام گهڻو بااثر هئي. آئي ويئي کان خبرون وٺندي هئي، خوش خير آفيت ڪندي هئي. نيٽ جو باٺو سدائين هٿ ۾ هوندو هئس. چڱن ماڻھن چور چڪارن سان گڏ پوليس، ٻيلي کاتي جا آفيسر، ۽ راڄن جا سريال مائي حقوليءَ جا سلامي هوندا هئا. اهو دور اهو جنهن ۾ ڌاڙيل ڦل ماڇي ڌاڙا پي هنيا ۽ سندس ڏيھ ۾ وڏو ڏهڪاءُ هو. پوليس تہ ڦل ماڇي جي پاڇي کان بہ پري ڀڄندي هئي، ڦل ماڇي اوطاقن وارن سخي مردن ۽ عورتن جي تمام گھڻي عزت ڪندو هو.
باقي ٽرڙ ۽ ناڻي جي زور تي خلقِ خدا کي تنگ ڪندڙ ٺڙڪو وڏيرن لاءِ اصل گجندڙ شينهن هو. مائي حقولي ڳوٺ تي ڦل ماڇي جي چڙھائي وقت ڦل کي اهڙيون ست سُريون ٻڌايون جو ڦل اصل سندس ڀاءُ ٿي پيو. ڦل لاءِ مشهور هو تہ ماڻھن وٽ نہ ترسندو هو نہ وري ماني کائيندو هو. پر مائي حقوليءَ جي دليريءَ ۽ اخلاق کان ايترو تہ متاثر ٿيو جو ويجهو وڙال ۾ جتي بہ هوندو هو تہ ماني مائي حقولي وٽ کائيندو هو. ڀر پاسي جي ماڻھن لاءِ مائي حقولي اهڙو سهارو هئي جو ڌاڙيل چور چڪار ۽ پوليس ماڻھن کي تنگ نہ ڪندا هئا.

ڪتاب: واڌايون وصال جون
عزيز ڪينجهرائي
 
Back
Top