• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فقيري لباس (هڪ شاگرد جي ڪھاڻي)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اندلس (اسپين) جو هڪ نوجوان، بَقِي بن مخلد، ڏينھن رات هڪ ئي خواب ڏسندو هو — حديثِ رسول صلي الله عليہ وسلم جو علم حاصل ڪرڻ. هن جي دل ۾ هڪ شعلو ڀڙڪندو هو، جيڪو صرف هڪ نالي تي ٿڌو ٿيندو هو: امام احمد بن حنبل.
هڪ ڏينھن هو پنھنجي والدين کان اجازت وٺي، هڪ ٿيلھي ۾ ڪجهہ سڪا، هڪ پاڻي جي مشڪي ۽ دل ۾ محبتِ رسول سان، هزارين ميل پري بغداد ڏانھن روانو ٿيو. واريءَ جا طوفان، جهنگ، جبل، قافلي جي اڪيلائي، بک، اڃ، پر ڪجهہ بہ هن جي رستي ۾ رڪاوٽ نہ بڻجي سگهيو.
جڏهن هو بغداد پھتو، تہ خوشيءَ سان چمڪندڙ چھرو کڻي امام احمد جي گهر جو پتو پڇڻ لڳو. پر ماڻھن چيو:
"پٽ، تون تمام دير سان آيو آهين. امام احمد قيد ۾ آهن، انھن تي پابندي آهي. ڪو بہ انھن سان ملڻ بہ نٿو وڃي سگهي، علم حاصل ڪرڻ تہ پري جي ڳالھ آهي."
هي ٻڌي بَقِي جي دل لرزجي وئي، پر ھن حوصلو نہ هاريو. هن چيو: ”مان ھيستائين آيو آهيان تہ هاڻي خالي هٿين واپس نہ ويندس."
ھن هڪ پراڻي لباس مان فقيري لباس ٺاھي پاتو، هٿ ۾ ڪاٺ جي لٺ جهلي امام احمد جي دروازي تي ويھڻ لڳو، ۽ روزانو چوندو ھيو:
"اي ابو عبد الله! هڪ پرديسي آيو آهي، الله جي نالي تي ڪجهہ عطا ڪيو!"
امام احمد دريءَ مان ڏسندي هن نوجوان جي چھري کي ڏسندا، ۽ سڃاڻندا هئا تہ هي ڪو عام سائل نہ آهي. هنن دروازو کولي چيو:
"ڇا تون علم حاصل ڪرڻ آيو آهين؟"
بَقِي اکين کي جهڪائي چيو:
"جي ها، پر مان ڄاڻان ٿو تہ حالتون توهان کي اجازت نہ ٿيون ڏين، ان ڪري مان روزانو فقير بڻجي ايندو آهيان."
امام احمد جون اکيون ڀرجي آيون. هنن چيو:
"پٽ! تون علم لاءِ آيو آهين، تہ خالي نہ ويندين."
اهڙي طرح هو هر روز لڪائي امام احمد کان علمِ حديث ٻُڌندو، لکندو ۽ ياد ڪندو ھو. مھينن بعد، امام احمد جڏهن قيد مان آزاد ٿيا، تہ بَقِي انھن جي سڀ کان پيارن شاگردن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
اهو ئي بَقِي بعد ۾ واپس اندلس ويو، اتي علم جو ڏيئو روشن ڪيو، ۽ هڪ عظيم "مسند بَقِي بن مخلد" جھڙو ڪتاب تيار ڪيو، جيڪو اڄ تائين علمِ حديث جو خزانو سمجهيو وڃي ٿو.

سبق:
جيڪڏهن توهان جو ارادو پڪو آهي تہ الله علم جي دروازن کي پاڻ کولي ٿو.
عاجزي، ادب ۽ صبر علم حاصل ڪرڻ جا اصل زيور آهن.
سچو شاگرد ڪڏهن بہ رستي جي رڪاوٽن کان نہ ٿو ڊڄي.

(اردو مان ترجمو ڪيل
ترجمو: محمد سليمان وساڻ)
 
بَقِي بن مخلد جو جذبو، ان جي سفر جون سختيون، ۽ امام احمد سان ان جي لڪل ملاقاتون واقعي دل کي ڇُهندڙ آهن. هي ڪهاڻي علم جي طلب جي ڪهاڻي آهي گڏوگڏ اُن عشق جي ڳالهه آهي، جيڪو انسان کي هر ڏک ۽ ڏڪار پار ڪرائي ٿو.

اڄ جي دور ۾... جڏهن اسان علم لاءِ رڳو سهولتون ڳوليندا آهيون.. بَقِي جهڙن ماڻهن جون ڪهاڻيون اسان لاءِ جاڳرتا جو سڏ آهن... هنن ڏيکاري ڇڏيو ته جيڪڏهن دل ۾ سچي نيت.. ادب.. عاجزي ۽ صبر هجي، ته الله تعاليٰ علم جا دروازا پاڻ کوليندو آهي...

سچو شاگرد ڪڏهن به حالتن کان نه ٿو ڊڄي.. ڇو ته ان جي نظر رڪاوٽن تي نه پر منزل تي هوندي آهي..
 
Back
Top