ادي نثار ابڙي جي نا جذبات جي حد کان مون ٽپڻ ڪين نه ٿي چاهيو پر ڇا ڪيان مٽيءَ جو جسم آ خطا جو گھر “درويش” جي ڪوشش آ ڏکايان نه ڪنهن جي دل دل ۾ خدا رهي ٿو هي دل آ خدا جو گھر
جواب: يارن سان ڪهڙا ليکا درويش ڀاءُ الله سڻائي ڪندو۔۔ باقي جذبن کي لفظن ۾ اتارڻتوهان کي خوب ٿو اچي۔۔
جواب: يارن سان ڪهڙا ليکا سهڻا دوست! اوهانجو تخلص ئي ايترو شاندار آهي جو جيڪڏهن ڪنهنجو ڪردار به درويشاڻو ٿي پوي ته ٻيڙا پار ۔۔۔ اوهانجا لک ٿورا جو اوهان هڪ سهڻو بيت منهنجي نذر ڪيو آهي، لک ٿورا ۔۔۔ ڪجهه سال اڳ جي ڳالهه آهي ته منهنجي پياري دوست سنديلي جو ڀاءُ همشه فقيراڻا حال ڪري پيو هلندو هو ۔۔۔ نه ڪپڙن جو هوش نه کاڌي جو هوش نه ٺاهه ٺوهه جو شوق ۔۔۔ ان سبب ڪري سندس گهر وارا پريشان هوندا هئا ۔۔۔ ماءُ جي دل به عجيب آهي سو هڪ ڏينهن کيس چيائين پٽ! تون ڀلا اهڙا فقيراڻا حال ڪري ڇو ٿو هلين ۔۔۔ ڏسڻ ۾ صفا فقير ٿو لڳين ۔۔۔ بس همراه جيئن ماءُ جا اهي لفظ ٻڌا ته ماءُ جي پيرن تي ڪري سندس پير چمڻ لڳو ۽ زار وقطار رويندي چوڻ لڳو ته” امان تو مونکي فقير جو درجو ڏئي ڇڏيو ۔۔۔ امڙ آءُ ته فقير جي درجي لئه سڪيس پئي، آءُ ته فقيري درجي تي پهچڻ جي لائق ئي ناهيان، بس امڙ دعا ڪر ته اهو رتبو مونکي ملي پوي ۔۔۔“ امڙ ويچاريءَ جو اهي لفظ ٻڌا ته هيڪارو روئڻ لڳي ته منهنجي پٽ کي الائجي ڇا ٿي ويو آهي ۔۔۔ سو دوست درويش، درويش جو رتبو ڇا آهي؟ انجي خبر ته اسان عام ماڻهن کي اڃان نه پئي آهي ۔۔۔ رب اوهانکي درويشي رتبي جو شرف ڏي ۔۔۔ آمين دعائن ۾ ياد ڪندا ڪريو ۔۔۔