يارن سان ڪهڙا ليکا

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2010۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    ادي نثار ابڙي جي نا

    [​IMG]

    جذبات جي حد کان مون ٽپڻ ڪين نه ٿي چاهيو
    پر ڇا ڪيان مٽيءَ جو جسم آ خطا جو گھر
    “درويش” جي ڪوشش آ ڏکايان نه ڪنهن جي دل
    دل ۾ خدا رهي ٿو هي دل آ خدا جو گھر
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: يارن سان ڪهڙا ليکا

    درويش ڀاءُ ‌الله سڻائي ڪندو۔۔ باقي جذبن کي لفظن ۾ اتارڻ‌توهان کي خوب ٿو اچي۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: يارن سان ڪهڙا ليکا

    سهڻا دوست! اوهانجو تخلص ئي ايترو شاندار آهي جو جيڪڏهن ڪنهنجو ڪردار به درويشاڻو ٿي پوي ته ٻيڙا پار ۔۔۔ اوهانجا لک ٿورا جو اوهان هڪ سهڻو بيت منهنجي نذر ڪيو آهي، لک ٿورا ۔۔۔

    ڪجهه سال اڳ جي ڳالهه آهي ته منهنجي پياري دوست سنديلي جو ڀاءُ همشه فقيراڻا حال ڪري پيو هلندو هو ۔۔۔ نه ڪپڙن جو هوش نه کاڌي جو هوش نه ٺاهه ٺوهه جو شوق ۔۔۔ ان سبب ڪري سندس گهر وارا پريشان هوندا هئا ۔۔۔

    ماءُ جي دل به عجيب آهي سو هڪ ڏينهن کيس چيائين پٽ! تون ڀلا اهڙا فقيراڻا حال ڪري ڇو ٿو هلين ۔۔۔ ڏسڻ ۾ صفا فقير ٿو لڳين ۔۔۔

    بس همراه جيئن ماءُ جا اهي لفظ ٻڌا ته ماءُ جي پيرن تي ڪري سندس پير چمڻ لڳو ۽ زار وقطار رويندي چوڻ لڳو ته” امان تو مونکي فقير جو درجو ڏئي ڇڏيو ۔۔۔ امڙ آءُ ته فقير جي درجي لئه سڪيس پئي، آءُ ته فقيري درجي تي پهچڻ جي لائق ئي ناهيان، بس امڙ دعا ڪر ته اهو رتبو مونکي ملي پوي ۔۔۔“

    امڙ ويچاريءَ جو اهي لفظ ٻڌا ته هيڪارو روئڻ لڳي ته منهنجي پٽ کي الائجي ڇا ٿي ويو آهي ۔۔۔ سو دوست درويش، درويش جو رتبو ڇا آهي؟ انجي خبر ته اسان عام ماڻهن کي اڃان نه پئي آهي ۔۔۔

    رب اوهانکي درويشي رتبي جو شرف ڏي ۔۔۔ آمين

    دعائن ۾ ياد ڪندا ڪريو ۔۔۔
     
  4. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: يارن سان ڪهڙا ليکا

    واه ڀا واه۔۔۔
     
  5. ڪامي سولنگي

    ڪامي سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جولائي 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: يارن سان ڪهڙا ليکا

    تمام بهترين شاعري آهي
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: يارن سان ڪهڙا ليکا

    ادا درويش بهترين ونڊ هڪ بهترين & گريٽ شخصيت لاءِ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو