عبد الله جروار
جونيئر رڪن
خوشحال خاندان ۾ جنم وٺندڙ بچاڻي صاحب ۽ سياست جا پر خطر پيچرا (2)
عبدالله جروار
ٽنڊي الهيار جي سياست تي اڌ صدي تائين حڪمراني ڪندڙ حاجي عبدالستار بچاڻي صاحب جو جنم خوشحال ڪاروباري فيملي خانصاحب حاجي محمد سومار بچاڻي صاحب جي گهر ۾ ٿيو هو. جنهن پنهنجي زمين جي وڏي ايراضي مدرسي حوالي ڪئي ۽ ٽنڊي الهيار شهر جي فلاحي ڪمن ۾ سندس خاندان جو وڏو حصو رهيو. منهنجي خيال ۾ بچاڻي صاحب جي شخصيت تي ان وقت جي ون يونٽ خلاف هليل تحريڪ ۽ سنڌي ٻولي بچايو تحريڪ سان حيدر بخش جتوئي صاحب جي هاري تحريڪ جو وڏو اثر پيو ان جو سبب اهو هو جو ننڍپڻ جي جن دوستن سان سندس تعلق ٿيو اهي سمورا سڌي يا اڻ سڌي طرح ان تحريڪ ۽ شاگرد يونين سان لاڳاپيل رهيا هئا. انهن جي صحبت ئي کيس سياست جي پرخطر پيچرن تي وٺي آئي . بچاڻي صاحب ڪنهن به حوالي سان اتفافي يا حادثاتي طور سياست ۾ نه آيو هو. ٽنڊي الهيار جي سياسي ماحول کيس سياست ۾ آندو. ان سياست ۾ سندس انتخاب پيپلز پارٽي رهي. 1972کان 1977 ع تائين پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي. ان وقت ٽنڊي الهيار تي رضوي سادات جي سرواڻ سائين ڀورل شاھ صاحب جن صوبائي اسيمبلي ميمبر هئا. سيد گروپ جو سرواڻ سائين پير غلام رسول شاھ جيلاني صاحب هو. ٽنڊي الهيار جو ان وقت حڪمران سائين ڀورل شاھ هو. ان زماني ۾ به بچاڻي صاحب سياست ۾ ڇنڊي ڦوڪي پير کڻي رهيو هو. ان وقت تعلقي پيپلز پارٽي جو صدر سائين خليل الرحمان لغاري مسڻ وارو هو. جڏهن سٽي جو صدر چاچو رمضان سونارو هو. ٻئي برجستا اڳواڻ هئا. چاچي رمضان سوناري جو بند بازار ۾ سونارڪو دڪان هو سندس فرزندن ۾ مرحوم عاشق حسين سونارو ۽ الهڏنو سونارو هئا. چاچا رمضان سونارو هميشه بچاڻي صاحب جي سپورٽ ڪندو هو. اهڙو آرٽيڪل ان وقت جي چارڻ رسالي ۾ خط جي صورت ۾ ڇپيو هو. ان چارڻ رسالي جو ايڊيٽر خالد سنڌي هو.
بچاڻي صاحب جي پيپلز پارٽي ۾ هجڻ جو وڏو فائدو عام ماڻهو کي ٿيو. جو سندس پئٽرول پمپ بس اسٽينڊ کي ويجهو هو. پئٽرول پمپ سان منسلڪ هڪ وڏي آفيس ڪارڪنن جي حوالي ڪئي. جتي چوڏسائن جا ماڻهو پنهنجا ڏک سور کڻي ايندا هئا. ان جو خاص سبب اهو هو جو سائين ڀورل شاھ جو ڳوٺ شاهپور رضوي ٽنڊي الهيار کان ڪجھ پرڀرو هو. اهڙي طرح شهر ۾ موجود بچاڻي صاحب جي هن آفيس سياسي مرڪز جي حيثيت اختيار ڪئي هئي.
هي اهو دؤر هو جنهن ۾ وڏن سياسي هائوسز جو رواج نه پيو هو نه وڏي ليڊر جي نشاني سياسي هائوس بنگلي جي صورت ۾ هجي، ويگو ڊالا هجن جنهن چار باڊي گارڊ ويٺل هجن. سياسي هائوس جي گيٽ تي گارڊ ويٺل هجي جيڪو صاحب جي موڪل کان سواء ڪنهن کي اندر نه ڇڏي. بچاڻي صاحب جي ان آفيس پيپلز پارٽي سيڪريٽريٽ جو رتبو حاصل ڪيو. روز چئني ڏسائن جا ڪارڪن حال احوال اورڻ، اخبارون پڙهڻ، مسئلن جي حل لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ، پارٽي قيادت جي فيصلن موجب پروگرام ترتيب ڏيڻ سميت سڀ معاملا هتي ئي بحث هيٺ ايندا هئا. اهو سلسلو رڳو ڀٽي صاحب جي 1977 ع ۾ حڪومت هجڻ تائين نه پر بعد ۾ مارشل لا دوران به قائم رهيو. بچاڻي جو پئٽرول پمپ سياسي مرڪز جي حيثيت اختيار ڪئي. جو مارشل لا خلاف ٽنڊي الهيار ۾ هليل سموري تحريڪ جو مرڪز رهيو. سوين سياسي ڪارڪنن ھن پئٽرول پمپ تي گرفتاريون ڏنيون. پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت جيل حوالي ٿي ته وڏي اڪثريت خاموش ٿي وئي پر ڪارڪن طبقي پنهنجون سرگرميون جاري رکيون هيون. سياسي ورڪرن ۾ مجيري حاجي پريل جروار، عبداللطيف مڱريو، مولوي شمس الدين پتافي، ياسين خان جروار، عطر خان، سائين رمضان پرهياڙ ، ٽنڊي الهيار جا مڪراني، عبدالحق مڱڻهار، ڪامريڊ سومار، محمد حسن ٿيٻو مسو بوزدار، چمبڙ جا گپچاني، حيدري، ڪامريڊ يونس مڱڻهار، اهو سلسلي ڀٽي صاحب جي آزادي حاطر هلندو رهيو پر ڀٽي صاحب جي ڦاسي کان پوء ايم آر ڊي جي تحريڪ 1983 توڙي 1986 تائين هلندو رهيو پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ لڪلڪوٽي هلندي رهي . بچاڻي صاحب خود توڙي ڪارڪن گرفتار ۽ آزاد ٿيندا رهيا. سندن جوش، عزم همتن ۾ ڪا گهٽتائي نه ٿي. قيادت جي حڪم تي هر وقت لبيڪ چئي هتي جا ورڪر اڳ کان اڳرا رهيا. ان سموري عمل ۾ مرڪزي ڪردار عبدالستار بچاڻي صاحب، سندس پئٽرول پمپ تي موجود آفيس جو رهيو جا پوليس جي گهيرن گرفتارين بعد ۾ کليل رهندي هئي. ان تحريڪن جا احوال ان وقت جي ڪتابن ۽ رسالن ۾ موجود آهن. خود بينظير ڀٽو صاحبه به هتي جي ورڪرن جي تحريڪ جي ساراه ڪندي هئي.
هلندڙ)
#bachanihouse
Ghulam Muhammad Kumbhar
#pppTandoallahyar
Ramzan Parhyar
Afzal Magsi