عبد الله جروار
جونيئر رڪن
(ٽنڊي الهيار جي سياسي تاريخ جو ورق (2)
1985 ع جي غير جماعتي اليڪشن، پيپلز پارٽي جو بائيڪاٽ،
عبدالله جروار
اسان جو ملڪ به عجيب آهي. عوام جون خواهشون هڪڙيون ته حڪمرانن جون پنهنجون خبرون، جهموريت وارن جهموريت کي هاڃو رسايو. جن جو حل ڳوليندي هاڻ اتي پهتاسين جتي جمهوريت ته في الحال خبر ناهي ڪٿي رهجي وئي ويتر مارشل لا لاڳو ٿي آئين معطل ٿيو. فوجي عدالتون قائم ٿيون. اظهار جي آزادي تي پابنديون لڳيون. سينسر شده خالي اخبارون شايع ٿيڻ لڳيون. پهرين ته سمجهيوسين هي سڀ ڪجھ ڀوڳ آهي. جنرل ضيا 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو واعدو ڪيو. اهو به چيائين اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ٿيندو. پر ٿيو سڀ ڪجھ اڻ جي ابتڙ، اظهار راء جي آزادي تي پابندي لاڳو ٿي وئي. اخبارون سينسر ٿيڻ، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان تي سرڪار جي مرضي موجب خبرون نشر ٿيڻ لڳيون. عام ماڻهو حقيقي خبرون ٻاهرين نشرياتي ادارن خاص طور تي بي بي سي ٽي ٻڌڻ لڳا. روزانو رات جو 8 وڳي بي بي سي جي نشريات شروع وقت ريڊيو تي ماڻهن جا ميڙاڪا گڏ ٿيڻ لڳا. ٻي طرف حڪومت پاڻ کي مضبوط ڪرڻ خاطر فوجي عدالتن طرفان ڏنل ڦٽڪن جي سزا سر عام ڏيڻ لڳا. جيئن عام ماڻهو عبرت حاصل ڪري ۽ خوفزده ٿئي. ان وقت پهرين تحريڪ صحافين شروع ڪئي، بعد ۾ ڀٽي صاحب تي ڪيس هلڻ لڳو. مختصر طور لکون ٿا. ڀٽي صاحب کي حڪمرانن پنهنجي منشا موجب آخر ڪار ڦاسي تي پهچايو مٿن عوامي احتجاج ڪو اثر نه ڪيو. پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت مختلف خيالن ۾ ورهايل نظر آئي. ڪارڪنن ڪافي قربانيون ڏنيون. پيپلز پارٽي جي قيادت جيڪا ڀٽي صاحب جي ڦاسي تائين بيگم نصرت ڀٽو ڪري رهي هئي. ان قيادت کي سنڀالڻ جو ذمو محترمه بينظير ڀٽو کنيو. بينظير صاحبه به ڀٽي صاحب جي هڪ وصيت جو سهارو ورتو. بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ نوجوان قيادت اڳيان آئي. جن ۾ مخدوم خليق الزمان، مير هزار خان بجاراڻي، اين ڊي خان، مسرور احسن، جهانگير بدر، ڊاڪٽر غلام حسين وغيره شامل هئا آخر ڪار 1989ع ڌاري ايم آر ڊي جو قيام عمل م آيو. جنهن ۾ سنڌ مان عوامي تحريڪ، جنهن جو سربراه فاضل راهو، پليجو صاحب، حسين بخش ناريجو، اهڙي طرح جميعت علماء اسلام سميت ڪافي پارٽيون شامل ٿيو. جنهن جي ڪوشش سان 1983 ع ۾ حڪومت مخالف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ٿيو. تحريڪ کي ٻين صوبن ۾ خاطر خواهه موٽ نه ملي پر سنڌ چڱو ملهايو. هر شهر ۾ مقامي اڳواڻن احتجاج ڪيو ۽ گرفتاريون ڏنيون. هيستائين پيپلز پارٽي ظاهر طور متحد نظر آئي. ان تحريڪ جي نتيجي ۾ جنرل ضيا پهرين ريفرينڊم ڪرائي پنهنجي صدارت جي ڪرسي مضبوط ڪئي. ان بعد 25 فيبروري 1985 ع تي غير جماعتي بنيادن تي عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. جنهن جو پاڪستان پيپلزپارٽي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو. جنهن ڪري ڪيترن ئي نون ماڻهن کي اڳي؛ ن اچڻ جو موقعو مليو ان وقت قومي اسيمبلي جي اليڪشن لاء ٽنڊي الهيار کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. نيون تڪ بنديون ڪيو ويون هيون. جنهن تحت اين اي 170 حيدرآباد هن تڪ ۾ ٽنڊي الهيار تعلقي جو ڏاکڻيون حصو شامل ڪيو جڏهن ٽنڊي الهيار شهر ۽ ان باقي حصو ٽنڊي ڄام تائين اين اي 171 ۾ شامل ڪيو ويو.
1985 جي اليڪشن ۾ اين اي 170 تي هيٺيان اميدوار ۽ کنيل ووٽن جو تعداد شامل ڪجي ٿو.
1. مير عنايت علي خان ٽالپر 50219 ووٽ کنيا
2. عبدالمجيد نظاماڻي. 1525 ووٽ
3. رئيس نصير محمد خان مندواڻي 926
4. پير خالد جان سرهندي 781
5. بابو عبدالغفور 595 ووٽ کنيا.
جڏهن ٽنڊي الهيار جي اترئين ۽ شهر واري تڪ اين اي 171 تي اصل مقابلو مير علي احمد خان ٽالپر صاحب ۽ قاضي عبدالمجيد عابد صاحب وچ هو ان جو تفصيل هن طرح آهي.
1 قاضي عبدالمجيد عابد. 34455 ووٽ کنيا
2. مير علي احمد خان ٽالپر. 21260
3. ميجر (رٽائرڊ) حنيف احمد 10659
4. ڊاڪٽر نسرين مقبول. 1906
5. پير صديق محمد شاھ. 648
6. قائم الدين. 459
7. حاجي محمد يعقوب شورو. 179
ٻي طرف صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر پي 39 تي اميدوار ۽ کنيل ووٽن جو تعداد هن طرح هو
1. عبدالغني درس 12346 ووٽ کنيا
2. مير محمد مراد خان. 10191
3. سيد مريد علي شاھ 8309
4. ميجر (رٽائرڊ) حنيف احمد. 6804
5. نواب امداد علي خان 864
6. محمد اسماعيل شاھ 735
7. محمد اشفاق 290
8. غلام رسول خاصخيلي 271
9. شبير احمد خانزادہ 227
10 محمد اقبال آرائين 84
11. مير يار محمد 40
جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 40 تي هيٺيان اميدوار ۽ کنيل ووٽن جو تعداد هن طرح رهيو.
1. ميون ولي محمد ولهاري 7219ووٽ کنيا
2. حاجي مير محمد کوکر. 7197
3. رئيس نصير محمد خان مندواڻي 6639
4. حاجي مير حسن مري. 3489
5. جمن لغاري 990
6. پير صديق محمد شاھ 725
7. حاجي نور محمد هڪڙو. 390
8. حاجي علي احمد ھاليپوٽو 253
هي اليڪشن غير جماعتي بنيادن تي ٿي هئي. جنهن جو پاڪستان پيپلز پارٽي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو. ان جي نتيجي ۾ ڪيترائي نوان چهرا اليڪشن کٽي اسيمبلي ۾ پهتا هئا. هن اليڪشن بابت ڪافي عرصي بعد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه اعتراف ڪيو هو ته اليڪشن جو بائيڪاٽ سندس پارٽي جي غلطي هئي جنهن سان مخالفن کي اسيمبلين تائين پهچڻ جو موقعو مليو. هن اليڪشن جي نتيجي ۾ محمد خان جوڻيجو صاحب وزير اعظم طور منتخب ٿيو. ٽنڊي الهيار جو قومي اسيمبلي جي تڪ ڪامياب ٿيندڙ مير عنايت ٽالپر صاحب جن جو تعلق ٽنڊي محمد خان جي ٽالپر خاندان سان هو. جڏهن قاضي عبدالمجيد عابد عبرت اخبار جو مالڪ ۽ حيدرآباد شهر سان تعلق رکندڙ هو.
(هلندڙ)
#politics #sindh #generalelection1985 #abdulghanidars #mytandoallahyar #ppptandoallahyar #bachanihouse #ppp #khokharbrothers #dailyibrat #mirbrothers #followers #highlights