
اڄ جي دور ۾ ڪيترائي ماڻهو هڪ ئي مسئلي کي بار بار سوچيندي، پنهنجي ذهن ۽ جسم تي بي سبب دٻاءُ وجهي ڇڏين ٿا۔۔ گهڻا ماڻهو ان کي planning يا احتياط سمجهن ٿا، پر حقيقت ۾ هي Overthinking هوندي آهي۔۔ هن پوسٽ ۾ اسين ڏسنداسين ته Overthinking اصل ۾ ڇا آهي، اها ڪڏهن شروع ٿئي ٿي، ۽ ان جون ڪهڙيون قسمون آهن۔
❤

سادن لفظن ۾، Overthinking جو مطلب آهي: هڪ ئي سوچ يا خيال کي بار بار ورجائڻ.. بغير ڪنهن نتيجي يا حل تائين پهچڻ جي۔
هي عادت شروعات ۾ ننڍڙي لڳندي آهي، پر وقت سان گڏ اها مضبوط عادت بڻجي ويندي آهي۔۔ انسان جي دماغ ۾ خيالن جو هڪ نه ختم ٿيندڙ چڪر هلي ٿو.. جنهن سان دماغ ٿڪجي پوي ٿو، فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت ڪمزور ٿي وڃي ٿي، ۽ انسان بيچيني يا ڊپريشن جو شڪار به ٿي سگهي ٿو۔۔


سوچڻ انسان جي ضرورت آهي۔۔ زندگي جا فيصلا سمجهي سوچي ڪرڻ گهرجن۔۔ پر جڏهن سوچڻ جي رفتار ۽ دائرو ايڏو وڌي وڃي جو اوهان هڪ ئي ڳالهه کي بار بار سوچو.. ننڊ نه اچي.. يا دماغ ٿڪجڻ لڳي.. ۽ ڪو ڪم شروع ئي نه ڪري سگهو، ته پوءِ اها healthy سوچ نه ٿي رهي.. اها Overthinking بڻجي وڃي ٿي۔
هن جا ڪيئي قسم به آهن، اوهان پاڻ پنهنجو تجزيو ڪري سگهو ٿا:


اهڙي سوچ جنهن ۾ اوهان بار بار امڪاني خطرن يا منفي حالتن کي سوچندا رهو، مثال:
"جيڪڏهن منهنجو انٽرويو خراب ٿي ويو ته؟"
"ڪنهن کي منهن ڏيکاري سگهندس؟"
"جيڪڏهن مون سان ڪجهه غلط ٿي پيو ته؟"
اهي سڀ سوال گهڻو ڪري حقيقت ناهن هوندا، پر دماغ انهن کي وري وري ورجائيندو رهي ٿو۔


ماضي جون ڳالهيون بار بار ذهن ۾ آڻڻ ٻيو قسم آهي:
"ڪاش مان ان ڏينهن اهڙو جواب ڏيان ها۔۔"
"ڪاش مان اها نوڪري ڇڏي ڏيان ها۔۔"
"جيڪڏهن مان اهو فيصلو ڪريان ها ته اڄ ڪٿي هجان ها؟"
اهي سوچون ڪو به حل نٿيون ڏين، صرف وقت ۽ توانائي ضايع ڪن ٿيون۔


انسان پاڻ مرادو منفي ۽ فرضي ڪهاڻيون ٺاهڻ لڳي ٿو:
"جيڪڏهن هُن انڪار ڪري ڇڏيو ته؟"
"جيڪڏهن مان ناڪام ٿي ويس ته؟"
"جيڪڏهن مان ڳالهه ڪئي ۽ ڳالهه خراب ٿي وئي ته؟"
اهي فرضي منظر صرف دماغ تي بار وجهن ٿا، حقيقت ۾ ڪجهه به نٿو بدلي۔

اهو اڪثر Self-Doubt يا Low Confidence ڪري هوندو آهي۔۔
فيصلا ڪرڻ جو ڊپ۔۔
ماضي جا خراب تجربا۔۔
Self-Control جي ڪوشش ته سڀ ڪجهه perfect هجي۔۔
حد کان وڌيڪ سوچڻ کي معمولي عادت نه سمجهو۔۔ هي خاموشيءَ سان اوهان جي دماغ جي توانائي ختم ڪندو رهي ٿو۔۔ جڏهن به اوهان محسوس ڪريو ته هڪ ئي ڳالهه بار بار ذهن ۾ اچي رهي آهي ۽ ڪا به واٽ نٿي نڪري.. ته پڪ سمجهو ته اها Overthinking آهي..!
آخري ترميم: