• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاه عبداللطيف رح ڀٽائي جو انقلابي فڪر

شاه عبداللطيف رح ڀٽائي جو انقلابي فڪر

الشيخ قادر بخش حيدري


سنڌ جي سرزمين هميشه عشق ، محبت ، علم، عرفان، ۽ ادب جي آبياري ڪندي آئي آهي، پر جڏهن به سنڌ جي روحاني ۽ ادبي ميراث جو ذڪر ٿيندو، ته هڪ نالو دلين تي ڇانيل هوندو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه. هي عظيم شاعر رڳو شاعر نه هو، پر هو هڪ مفڪر، مبلغ ، ۽ انقلابي فڪر جو نمائندو به هو، جنهن پنهنجي شاعري وسيلي سنڌ جي قوم کي سجاڳي، عشق، قرباني، حق، ۽ صداقت جو پيغام ڏنو۔

شاه عبداللطيف ڀٽائي برصغير هند و پاڪ جي عظيم صوفي شاعرن مان هڪ آھي .پاڻ پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي الله پاڪ ۽ سندس پيغمبر حضرت محمد ص جو پيغام ڪربلا جي عڪاسي ۽ ٻيا عنوان شاعري وسيلي عام ماڻهن تائين پهچايا ، ۽ ان کي سندهي ادب، ۽ روحانيت،جو حصو بڻايو.

ولادت ۽ ابتدائي زندگي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1102 هجري بمطابق 1690ع ڌاري هالا جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ “ڀٽ” ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سيد حبيب شاهه هڪ نيڪ، علم دوست ۽ سادات خاندان سان تعلق رکندڙ هو. شاهه صاحب ابتدائي تعليم پنهنجي والد ۽ مقامي عالمن وٽان حاصل ڪئي. قرآن مجيد، حديث، فقھ، عرفان ۽ عربي، فارسي زبان تي کيس عبور حاصل ٿيو.

ليڪن سندس حقيقي درسگاہ زندگيءَ جو سفر، فطرت جو مشاهدو، درويشن سان صحبت، ۽ عوام سان سڌي رابطي جو تجربو. هو خود پرست ۽ سردار خيال نه رهيو، نه ئي تخت ۽ حڪمراني جي خواهش ڪئي، بلڪه ڳوٺ ڳوٺ گهمي، ماڻهپي جي ڳولا ڪئي.

آبا و اجداد

شاه عبداللطيف ڀٽائي جو نسب رسول الله ص ۽ حضرت علي المرتضى عليه السلام تائين وڃي ملي ٿو. پاڻ جو تعلق سيدن جي ان معزز خاندان سان هو، جيڪو امير تيمور جي دور ۾ هرات کان هندستان آيو. هرات جا هڪ بزرگ سيد مير علي، جيڪي 1398ع (801 هجري) ۾ امير تيمور جي وقت هن جي مهمان نوازي ڪئي هئي، کيس خوش ڪري، پنهنجي ٻن پٽن مير ابوبڪر ۽ سيد حيدر شاه سميت هندستان آيا. مير ابوبڪر کي تيمور سيهوڻ جو حاڪم مقرر ڪيو، جڏهن ته سيد حيدر شاه بعد ۾ مستقل طور سنڌ جي علائقي هالا ۾ آباد ٿيو . اتي سندن شادي شاه محمد زميندار جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن جو نالو شاديءَ کان پوءِ "سلطانه" رکيو ويو. پاڻ جي وفات هرات ۾ ٿي، جڏهن ته ان جو پٽ "مير علي" سنڌ ۾ ئي رهيو. ان خاندان مان ڪيترائي نيڪ، عالم ۽ صوفي بزرگ پيدا ٿيا، جن ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي، شاه عبد الڪريم بلڙي وارو، سيد هاشم ۽ سيد جلال خاص طور ذڪر جوڳا آهن.

رهائش ۽ شخصي زندگي

شاه عبداللطيف ڀٽائي جي ولادت کان ٿوري ئي وقت پوءِ سائين جو والد پنهنجو اباڻي ڳوٺ ڇڏي، ڪوٽڙيءَ ۾ اچي رھائش اختيار ڪئي. ڪوٽڙيءَ ۾ ان وقت مغلن جي هڪ معزز خاندان مرزا مغل بيگ ارغون جي رهائش هئي. شاه حبيب جي تقويٰ ۽ روحاني عظمت انهن تي اهڙو اثر ڇڏيو، جو مرزا خاندان سندس مريد ٿي ويو. عورتن لاءِ سخت پردي واري روايت باوجود، شاه حبيب جي درگاهه تي عورتون به بي ڌڙڪ اچي دعا ۽ تعويذ وٺنديون هيون. شاه حبيب جي شخصيت مقامي معاشري ۾ نيڪي، دعا ۽ روحانيت جو مرڪز بڻجي وئي.

شاهه ۽ سنڌي سماج

شاهه صاحب جي شاعري سنڌي سماج جي ضمير کي جھنجوڙيو. جتي ڪو فڪر نه هو، اتي سوچ پيدا ڪيائين. هو استحصالي سماج خلاف آواز بڻيو. هن جا بيت مزدورن، هارين، مارجي ويلن ، مسڪينن ۽ وطن جي عشق سان ڀرپور آهن.

شاهه جو رسالو: هڪ روحاني دستاويز

شاهه جو رسالو عام بيتن جو ڪتاب نه آهي بلڪہ ، اهو هڪ عرفاني ، قومي، اخلاقي، ۽ فڪري منشور آهي. هر سر، هر بيت، زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن رخ کي اجاگر ڪري ٿو. شاهه جي بيتن ۾:

  • قرآن جو نور
  • حديثن جي خوشبو
  • عشق جي رموز
  • روحاني سڪون
  • سماجي انقلاب ۽ بيداري
جا بيشمار پھلو بيان ٿيل آھن

لطيف سرڪار جي دل ڪربلا سان ڌڙڪندي آهي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ ڪي سر خوشين جا آهن، ڪي فراق جا، ڪي محبت جا، پر جڏهن سر ڪيڏارو لکي ٿو، ته انهيءَ سر ۾ سڀ کان وڌيڪ روحاني غم، شهادت جي عظمت، ۽ ڪربلا جي تاثير ۽ انقلابي فڪر سمايل آهي.

شاهه صاحب جو دل امام حسين عليه السلام جي ڪربلا سان ايترو جُڙيل آهي، جو هو "ڪربلا" کي فقط واقعي جي حيثيت سان نٿو ڏسي، بلڪه هڪ مسلسل صداقت جي علامت سمجهي ٿو.

لطيف ۽ حسينيت

لطيف سائين جڏهن بيت چوي ٿو ته هو رڳو تاريخ جي روايت نه ٿو ڏيکاري، بلڪه هو زندگيءَ جي رمزن مان “ڪربلا” جي تصوير پيش ڪري ٿو. هن جي بيتن ۾ “سِر ڏيڻ”، “ساھ وڃائڻ”، “وطن خاطر وفا”، “عشق جي انتها” اهي سڀ اصطلاح اصل ۾ حسينيت ۽ ڪربلا جو عڪس آهن.

لطيف جو پيغام اڄ جي دور لاءِ

اڄ جڏهن دنيا بي‌حسي، مفادن، طاقت جي پويان ڀڄڻ، ۽ اقتدار جي حرص جو شڪار آهي، تڏهن لطيف جي بيتن مان ڪربلا جو پيغام، هڪ نئين دنيا جي خواهش پيدا ڪري ٿو:

جتي حق لاءِ سر ڏيڻ جو حوصلو هجي.

جتي ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جي جرئت هجي.

جتي امام حسين جهڙو عشق، جناب عباس جهڙي وفاداري، ۽ بيبي زينب جهڙي همت هجي.

لطيف جي شاعريءَ مان اسانکي فقط شاعراڻو لطف نه، پر اخلاقي جرئت، روحاني روشني، ۽ انساني غيرت ملي ٿي اها روشني جنهن جي بنياد ڪربلا ۾ رکي وئي هئي.

لطيف جي زبان ۾ حسينيت جو آواز

شاهه لطيف ۽ ڪربلا ٻنهي جي نسبت، سنڌ جي تهذيب، شعور، ۽ ادب جو روح آهي. لطيف جا بيت صرف “ڏکن” جو اظهار ناهن، اهي “سچ” لاءِ لڙڻ جي زبان آهن. امام حسين عليه السلام جي شهادت، لطيف جي شاعريءَ ۾ صرف نوحو نه، بلڪه نقش عمل آهن

اڄ جي سنڌي ماڻهو لاءِ لطيف جو ڪربلا سان رشتو، اُن جي سڃاڻپ جو حصو آهي.

وصال ۽ ساليانو عرس

شاه عبداللطيف ڀٽائي 1752ع ۾، 63 سالن جي عمر ۾ ڀٽ شاه (ضلعي مٽياري، سنڌ) ۾ وفات فرمائي.سائين جي مزار ڀٽ شاهه ۾ موجود آهي، جيڪو روحانيت جو مرڪز ۽ سنڌ جي ثقافت جو شان آهي. هر سال پاڻ جي وصال جي موقعي تي عرس جون تقريبون وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايون وڃن ٿيون، جتي لکين عقيدتمند حاضر ٿي، روحاني فيض حاصل ڪن ٿا.

اڄ جڏهن دنيا بيچينيءَ، حرص، نفرت، ۽ خود غرضيءَ جو شڪار آهي، تڏهن شاهه جي شاعري ۾ انسانيت، سڪون، عشق، قرباني، ۽ صلح جو پيغام موجود آهي.

اسان کي گهرجي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي صرف “ثقافتي شاعر” نه سمجهون، بلڪه سماج جي سڌاري، نوجوان جي شعور، ۽ قوم جي تعمير لاءِ سندس فڪر کي نصاب، نظام، ۽ نظرئي طور اپنائيون.

سـُــر ڪيڏارو

ڪيڏاري جي معنيٰ آهي جنگ جو ميدان. هــِــن ســُــر ۾ ڪربلا واريءَ جنگ جو ذڪر آهي، جنھن ۾ حضرت امام حـُـســيـن ع کي ساٿين سميت شھيد ڪيو ويو هو. ڪربلا جي شھيدن جو غم ۽ سندن بھادري ۽ قـــُـــربـــانــــي هــِـــن ســُــر جو مــُــک موضوع آهي. ان کان سواءِ سنڌ جي بھادرن جو به علامتي انداز سان ذڪر ڪيو ويو آھي.
ڏٺو مـُـحـَــرم ماهه، سـَـنـڪـو شهزادن ٿيو
ڄاڻي هڪ الله، پاڻ وَڻنديون جو ڪري.

سمجهاڻي: حضرت امام حـُـســيـن ع جي شھادت جو واقعو اسلامي سال جي پھرئين مھيني ۾ ٿيو هو. جيئن ئي محرم مھيني جو چنڊ ڏِسبو آهي ته شھيدن جي ياد شروع ٿي ويندي آهي. دِل ۾ جهوري ٿيڻ لڳندي آهي. سوچيندا آهيون ته الله پاڪ اهڙو دِل ڏاريندڙ واقعو ڇو ڪرايو؟ اسان جي سمجهه ڪم نه ڪندي آهي. سوچي سوچي ماٺ ٿي ويندا آهيون ته اهو سڀ ڪــُــجــهــه هــُــو ئي ٿو ڄاڻي. هــُــن جي ئي اِن ۾ مرضي شامل آهي نه ته لشڪر کي ڪا طاقت هــُــئـــي جو امام حــُـــســـيـن ع جو وار ونگو ڪري سگهي.
**
سختي شهادت جي، نسورو ئي نـــاز
رند پـَــرُوڙن راز، قضئي ڪربلا جو

سمجهاڻي: شھادت جو واقعو، تڪليفون ۽ اِمامن سان ڏاڍايون ڇو ڪيون ويون؟ مارڻ وارا به مــُــســلــمـــان ۽ مرڻ وارا (شھيد ٿيڻ وارا) به مسلمان هــُــئـــا. هــُــو شھادت جي درجي ماڻڻ ۽ سختين سھڻ تي خوش ته ٿيا پر ايڏن عظيم انسانن سان ايڏو وڏو قھر ڇو ٿيو؟ کانئن ڪھڙو امتحان ورتو ويو؟ اِن ڳــُـجـهــه کي اسان نه ٿا سمجهي سگهون. ڪربلا جي قضيي کي ڪي ڪامل بــُــزرگ، عارف ۽ پھتل انسان ئي سمجهي سگهن ٿا.
**
بهادر گڏيا بهادرين، کــَــــڙڳ کـِـلوِل ڪن
وِجهن ڌڙ ڌَڙن تي، هاڪارين هـَـڻــن
ڪـِـرن، ڪنڌ نچن، رڻ گجيو راڙو ٿيو

سمجهاڻي: جنگ جي ميدان جو منظر چـــِــٽــيـــنـدي لطيف سائين فرمائي ٿو ته بھادر ٻين بھادرن سان مليا آهن؛ سامهون ٿيا آهن. سندن تــَــراريــُـــون چمڪن پيون. ويڙهه ۾ دُشمنن جون سـِـسـيءَ مٿان سـِـسـِـيـُــون پيا ڪيرائن. هـُــو لــِــڪــي وار نه ٿا ڪن بـلـڪــه هـَــڪــلــُــون ڏئي ٺڪاءُ ڪري تلوار ھڻن ٿا. جڏهن ڪنڌ ڪــِــرن ٿا ته اُهي تــُــرت ئي ختم ٿيڻ بدران ٽــُـپــن ۽ ڪــُــڏن ٿا. ڦٽڪن ٿا. ميدان ۾ رڙيون، دانھون، هڪلون، گــوڙ ۽ گــَــجــگـــوڙ آهي.
**
جنت سندين جـُـوءِ، فائق هـَليا فردوس ڏي
فاني ٿيا في الله ۾، هـُوء سين ٿيا هوءِ
رب ڏيکارئين رُوءِ، اُنين جي احسان سين

سمجهاڻي: شھيدن جي عظمت بيان ڪندي فرمايو ويو آهي ته هــُــو حق ۽ سچ جي راهه ۾ قــُـربـــان ٿي عظيم ٿي ويا آهن. کين بھشت ملي ويو آهي. هــُــو اعليٰ ۽ عظيم انسان شھادت وسيلي وڃي جنت الفردوس پھتا آهن. واحد جي واٽ ۾ فنا ٿي وڃي ساڻس گڏيا آهن. اي مالڪ! پنھنجن اِنهن پيارن ٻانــَــهــَــن جي صدقي / مــُــحــابــي سندن زيارت ڪراءِ!

شاہ عبد اللطيف ڀٽائي انسانيت کي حقيقت جي طرف آڻڻ لاءِ پنھنجي دور ۾ وڏي ڪوشش ڪئي شاہ صاحب جي شاعري حقيقت ۾ ھڪ عظيم انقلابي فڪر آھي اسان کي گھرجي تہ سائين جي رسالي جو مطالعو ڪيون ان جي ڏنل رمزن کي سمجھي ھي حياتي سھڻي نموني گھاريون .
 
Back
Top