• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيئل اوڏ جو ڪتاب " سنڌ جي سماجي ۽ طبي تاريخ" تي هڪ نظر...!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
جيئل اوڏ جو ڪتاب " سنڌ جي سماجي ۽ طبي تاريخ" تي هڪ نظر...
فقير محمد سنڌي
تاریخ تي غضبناڪ بند ٻڌل آهن. اهو ان لاءِ تہ جيئن قومن، ٻولين، ثقافت،تهذيب، تمدن، جاگرافي توڙي رهڻي ڪهڻي تي مسلسل قابض رهي سگهجي. سامراجي قوتن جي اها فرسوده سوچ هر دور ۾ غلام فردن تي حاوي رهي آهي. بابل جي قومن کان ريڊ انڊين تائين تاريخي دستاويز اوهان کي پڙهڻ لاءِ ملندا. ان سڄي وايو منڊل کي جيئل اوڏ پڙهي پنھنجي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ جا وڏا جتن ڪيا آهن.
جنھن جي ثابتي ڪتاب"سنڌ شُناسي " آهي، جنھن ۾ جيئل اوڏ جي زندگي ،محنت ۽ تاريخ جو ويجهڙائي کان مشاهدو موجود آهي. جيئل اوڏ نفيس طبيعت جو مالڪ، هر وقت سچ جو ساٿ ساٿاري، بھترين نثر نويس ۽ تاريخ جو دادلو دلبر پڻ آهي. جيئل اوڏ ڄڻ ڄائي ڄم کان تاريخ نويس هجي، ڇو جو سندس ڪتاب " منھنجو لاڙڪاڻو" جو شمار تاريخ جي بھترين ڪتابن ۾ ٿئي ٿو. جيئل اوڏ جي تاريخ نويسي دلبريءَ جهڙي حسين خيالن سان مالا مال آهي. ان لاءِ "سڄڻن جا ساريو سانگ" ڪتاب جو عڪس استاد محمد يوسف جي آواز جهڙو ئي انمول آهي.
توڙي جو جيئل اوڏ جي عمر هن وقت 81 سال آهي پر کيس پنھنجي تاريخ آرام ڪرڻ نہ ٿي ڏي، اهو سندس عشق ئي تہ آهي، جو کيس سلامتيءَ جي اوچي پنڌ تي بيهاريو بيٺل آهي . جيئل اوڏ جي نس نس ۾ تاریخ جو اتم راڳ سمايل آهي. تڏهن تہ هي ڪتاب " سنڌ جي سماجي ۽ طبي تاريخ" اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ جيئل اوڏ جو خلوص،ڀائيچاري ،فطرتي شين جو بچاءُ ۽ انسان دوستي جو ثبوت شامل آهي. انسان دوستي جو درس سنڌ ۾ تصوف جي مُبلغین کان مليو، جنھن تي اسان جو جيئل اوڏ عمل پيرا آهي. جيئل اوڏ ڀاڳ وند ڌرتيءَ جو فرد هوندي پنھنجي ذميواري ۾ سنڌ جي وڻن ٽڻن، باغ باغيچن، اٿڻي ويھڻي ،قبيلن ،ريتن رسمن،رواجن، روايتن ،تاريخي شخصيتن توڙي قديمي ماڳ مڪانن سان خوب نڀايو آهي.
136صحفن جو ڪتاب "اتم پبليڪيشن ۽ قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو جي شايع ٿيو آهي. ڪتاب جي ارپنا لاڙڪاڻي جي محققن، تاريخ نويسن ۽ سماجي شخصيتن جي نالي ٿيل آهي.ڪتاب جو مھاڳ سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس اعجاز سولنگي لکيو آهي.
 
Back
Top