• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لاوارث لاڙڪاڻو شھر

جاويد احمد سومرو

سينيئر رڪن
، انتهائي ڏک ۽ شديد احتجاج سان چوڻ ٿو چاهيان تہ لاڙڪاڻو شهر مڪمل طور تي بدامنيءَ جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي. هر روز ڦرن دوران معصوم نوجوان قتل ڪيا وڃن ٿا، شهر جا گهر ويران ٿين ٿا ۽ معصوم زندگيون ريت جيان وهي وڃن ٿيون، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا تماشائي بڻيل آهن.

ٻئي طرف، سرڪاري اسپتالن جو حال به ڪنهن کان لڪل ناهي. هتي ايڇ او ڊي ۽ سينيئر ڊاڪٽر ڊيوٽين تي موجود ئي ناهن، نتيجي ۾ نوجوان پريگننٽ نياڻيون ۽ ننڍڙيون جانيون سيکڙاٽن جي حوالي ٿي وڃن ٿيون، جيڪي کين غلط علاج، بي رحم چير ڦاڙ ۽ غير ذميواريءَ سبب موت جي حوالي ڪري ڇڏين ٿا. اهڙي بي حسي ۽ ناانصافي کي ڏسي دل رت روئي ٿي.

لاڙڪاڻو جا شهري ٻنهي طرفن کان عذاب ۾ آهن:

هڪ طرف ڦر ۽ ڌاڙن ۾ رت وهي رهيو آهي،

ٻي طرف اسپتالن اندر نياڻين ۽ معصوم زندگين سان ظلمن جو سلسلو جاري آهي.

مان اعليٰ اختيارين، حڪومت ۽ انصاف فراهم ڪندڙ ادارن کان مطالبو ٿو ڪريان ته:

1. شهر ۾ وڌندڙ ڦرن ۽ قتلن کي فوري روڪڻ لاءِ وڏو آپريشن ڪيو وڃي.

2. سرڪاري اسپتالن ۾ ايڇ او ڊي ۽ سينيئر ڊاڪٽرن جي ڊيوٽيز کي يقيني بڻايو وڃي.

3. سيکڙاٽن ۽ غفلت ڪندڙ عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

4. معصوم مائرن، نياڻين ۽ ٻارن جي زندگين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.

جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته مان سمجهندس ته حڪومت ۽ ادارا به هن ظلم ۾ برابر جا شريڪ آهن.

جاويد احمد سومرو
سماجي ڪارڪن – لاڙڪاڻو
 
Back
Top