• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لاڙڪاڻو ... امن جي بستري تي رت جا داغ...

جاويد احمد سومرو

سينيئر رڪن
لاڙڪاڻو! اهو شهر آھي جنهن جي رڳن ۾ مهراڻ جي لهرن جو سرور ۽ شاهه لطيف جي ڌرتيءَ جو نور موجود هو، اڄ ڏوهن جي ڌماچوڪڙي ۾ سڪون وڃائي ويٺو آهي. هر ڏينهن نو قتل، ڦرون، ڌاڙا ۽ بيگناهن جي رت جي هولي کيڏي وڃي ٿي. شهر جا رستا، جيڪي ڪڏهن علم، تهذيب ۽ محبت جا امين هئا، اڄ خوف جي ڇانوَ ۾ دفن ٿي ويا آهن.

سوال اهو آهي:
آخر ڪير لهندو لاڙڪاڻي شهر جي سار؟؟
آخر ڪهڙي طرف اھڙيون خوني حالتون وٺي هلي رهيون آهن اهي ڏوهي وارداتون، جيڪي هر گهڙي هڪ نئين جنازي جو سبب بڻجن ٿيون؟

حڪومتي ادارا، جيڪي عوام جي جان ۽ مال جا ذميوار آهن، اڄ خواب خرگوش ۾ آهن. پوليس، جيڪا امن جي علامت هجڻ گهرجي ها، سا پاڻ ئي خوف ۽ بيماني جي زنجيرن ۾ ٻڌل آهي. حڪمران پنهنجي سياست جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن، جڏهن ته عوام لاوارث بڻجي ويو آهي.

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ماڻهو پنهنجن حقن لاءِ اٿن. امن، انصاف ۽ انسانيت لاءِ آواز بلند ڪن. شهر جا نوجوان، ليکڪ، شاعر، وڪيل ۽ عام ماڻهو گڏ ٿي ڪري هڪ اهڙي تحريڪ بڻائن، جيڪا ظالمن جي تختن کي لوڏي وجهي. لاڙڪاڻو صرف رت وهائڻ لاءِ وجود ۾ ناهي آيو،
لاڙڪاڻو علم، امن ۽ انصاف لاءِ سڃاتو ويندو رهيو آهي.
جيڪڏهن هاڻي به ماڻهو خاموش رهيا، ته ايندڙ نسل سوال ڪندا:
"جڏهن لاڙڪاڻي کي باهه لڳي هئي، اوهان ڪٿي هيا؟"
 
Back
Top