پينشن پاليسي فيصلو ۽ آر ڊي الائونس رڳو سنڌ سان تعصب ڇو؟

جاويد احمد سومرو

سينيئر رڪن
اسين احتجاجن سخت لفظن ۾ حڪومت جي ان فيصلي جي مذمت ڪريون ٿا جنهن تحت ملازمن جي پينشن ۾ ڪٽوتي ۽ ڊسپرائٽ رڊڪشن الائونس (DRA) نه ڏيڻ جو عمل ڪيو ويو آهي. پينشن ڪنهن به ملازم جي زندگيءَ جي محنت جو عيوض آهي، جيڪا هن پنهنجي سڄي سروس دوران ايمانداري ۽ فرض شناسيءَ سان ادا ڪئي.

پينشن ۾ ڪٽوتي نه رڳو ريٽائرڊ ملازمن لاءِ معاشي ڏکيائيون پيدا ڪندي پر ان سان سندن عزتِ نفس ۽ سماجي تحفظ تي به ڌڪ پوندو. ساڳئي وقت ڊسپرائٽ رڊڪشن الائونس نه ڏيڻ سان حاضر سروس ملازمن ۾ سخت مايوسي ۽ بداعتمادي وڌندي.

اسان مطالبو ڪريون ٿا ته:

پينشن ۾ ڪيل ڪٽوتي فوري طور واپس ورتي وڃي.

ڊسپرائٽ رڊڪشن الائونس سڀني ملازمن کي فراهم ڪيو وڃي.

ملازمن جي معاشي تحفظ ۽ بهبود لاءِ مثبت قدم کنيا وڃن.

ملازمن کي پنهنجو جائز حق ڏيڻ ئي ادارن ۽ حڪومت لاءِ اعتماد جي بحالي ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ واڌ جو ذريعو بڻجندو.

03323477447
03023477447
 
Back
Top