جاويد احمد سومرو
سينيئر رڪن
*سياسي فڪر جي کوٽ*
انساني سماج جي ترقيءَ جو بنياد هميشه فڪر، شعور ۽ شعوري فيصلن تي رهيو آهي. تاريخ گواھ آهي ته جيڪي قومون سياسي شعور سان ليس رهيون آهن، انهن نه رڳو پنهنجو وجود محفوظ رکيو آهي پر دنيا جي اڳواڻي به ڪئي آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي سماج ۾ اڄ به سياسي فڪر جي کوٽ هڪ وڏي الميي طور موجود آهي. اسان جي سوچ گهڻو ڪري شخصيتن، نعري بازي ۽ جذباتي اظهار تائين محدود آهي، جڏهن ته سياسي فڪر جو اصل مقصد پاليسي، حڪمت عملي ۽ ڊگهي عرصي جي تبديلي لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي.
اسان جو تعليمي ڍانچو شاگردن کي رٽا ٻڌائڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته تعليمي نصاب ۾ شهرين جي حقن، ذميدارين ۽ سياسي تاريخ بابت ڄاڻ ڏيڻ بدران، اهڙا موضوع ئي شامل ناهن جن سان سياسي فڪر پيدا ٿئي.
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سياسي قوت گهڻو ڪري فردن ۽ خاندانن وٽ مرڪوز رهي آهي. ماڻهو پاليسين بدران ذاتي لاڳاپن، مذھبي، قبيلائي يا برادري جي بنيادن تي ووٽ ڏين ٿا. نتيجي ۾ سياسي سوچ جو معيار شخصيت پرستي تائين محدود ٿي وڃي ٿو.
گهڻو ڪري عوام غربت، بيروزگاري ۽ بنيادي ضرورتن جي کوٽ ۾ ڦاٿل آهي. جڏهن پيٽ خالي هجي، تعليم ۽ فڪر پٺتي رهجي وڃن ٿا. اهڙي حالت ۾ ماڻهو روزمرهه جي مسئلن ۾ ايترا ته الجهيل هوندا آهن جو سياسي فڪر تي ڌيان ڏيڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو.
پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا سياسي فڪر پيدا ڪرڻ بدران گهڻو ڪري جذباتي خبرون، شوشا ۽ سينيٽري سياست ، ڪاميڊي چھچٽن تي ڌيان ڏئي ٿي. تجزين بدران تماشو وڌيڪ آهي. نتيجي ۾ عوام کي شعور ڏيڻ بدران انهن کي ڀلائڻ وڌيڪ ٿئي ٿو.
ان ڪري غير سنجيده ۽ موقع پرست اڳواڻ طاقت ۾ اچي وڃن ٿا. سماج ۾ جوابدهي جو تصور ڪمزور ٿي وڃي ٿو.
اسين تبديليءَ لاءِ جدوجهد بدران ڊپ جي ڪري مصلحت پرستي کي وڌيڪ ترجيح ڏيون ٿا.
سياسي فڪر جي جاويد شعور کي اجاگر ڪرڻ لاء اسان پنھنجي ذميدارين جو مظاھرو ڪري تعليمي نصاب ۾ سياسي تاريخ ، سماجي ذميوارين ۽ شهري حقن بابت تفصيل سان موضوع شامل ڪرائڻ لاء آواز اٿاريون.
.
جڏهن سماج اندر سياسي فڪر کي مخلص طبقا سچائي ۽ ايمانداري سان اڳتي وڌائيندا، تڏهن ملڪ ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي سان سرشار ٿيندو. سياسي شعور جي واڌاري لاءِ سڀ کان اهم ڪردار ميڊيا کي ادا ڪرڻ گهرجي. غير ضروري بليڪ ميلنگ وارين خبرن ۽ غير اصلاحي تماشن بدران اهڙا تجزياتي ۽ فڪري پروگرام نشر ٿيڻ گهرجن، جيڪي ماڻهن ۾ پرک، سمجھ ۽ سوال ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪن.
ھن وقت نوجوانن لاءِ بحث مباحثن جا فورم، مطالعي جا حلقا ۽ تحقيقي ڪلاسن جو قيام وقت جي ضرورت آهي، جيئن نئون نسل سياست کي جذباتي نعري نه پر هڪ سنجيده ذميواري طور سمجهي. ان سان گڏوگڏ سماج ۾ جديد لائبريريون قائم ڪرڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ جي عادت کي وڌائڻ لازمي آهي. خاص طور تي سياسي فلسفي، تاريخي تحريڪن ۽ فڪري اڳواڻن بابت مطالعو نئين نسل جي سوچ کي وسيع ڪندو ۽ کين حقيقي قيادت لاءِ تيار ڪندو.
سياسي فڪر جي کوٽ دراصل سماج جي شعوري زوال جي علامت آهي. جيڪڏهن اسان کي پنهنجي مستقبل کي محفوظ ۽ خوشحال بڻائڻو آهي ته سياسي فڪر کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي. عوام کي اهو سمجهڻو پوندو ته سياست رڳو نعري، جلسي يا شخصيت جو نالو ناهي، پر اهو سماج کي منظم ڪرڻ، انصاف قائم ڪرڻ ۽ ترقيءَ لاءِ ڊگهي سوچ جو نالو آهي. جڏهن اسان وٽ سياسي فڪر مضبوط ٿيندو، تڏهن ئي اسان پنهنجن اصل مسئلن جو پائيدار حل ڳولي سگهنداسين.