خاصو خُدا جو مخفي آ راز

Abdul aziz laghari

سينيئر رڪن
AVvXsEiuZJQOvJXsGhFHK17z_ma0JYKbRYzpuVuP4XFyypRgk2u-SEUzHNAuD8keRMcYNFFAac0EtxafisVoe_vxmYSkMHNPYXb2MSRLI1R-UZ75C6oWxESeAQpJ7GenqY7EKW9BTg824nUoBCmOQQdBuk3ZfeyNw-vcwAO1M9kgp4i0wr0nwA_wiW3AngM4Qhm7
خاصو خُدا جو مَخفي
آ راز منهنجي سر ۾
انحد الست احدي
آواز منهنجي سر ۾.


مُصحاف مُنهن مقدس
تحقيق آھي منهنجو
بالا باالله برحق
بي نياز منهنجي سر ۾.


مُحڪم مُدام مستي
منهنجون رَڳون وڄايون
تَن آ تنبور بڻيو
سري ساز منهنجي سر ۾.


عرش الله تعاليٰ
قُدسي آ قلب منهنجو
آھي عشق جو انوکو
اعجاز منهنجي سر ۾.


ڪڏھن شوق آ شرع سان
ڪڏھن معرفت جو ماهر
اثبات اُلوهيت جو
آغاز منهنجي سر ۾.


مَلڪوت کان مٽي من
جبروت جاء جوڙيم
عرشن تي اُڏامڻ جو
پرواز منهنجي سر ۾.


ذوالفقار علي من ستاري
درگاه تجل شريف تلعقه نارو ضلع خيرپور.
 
آخري ترميم:
Back
Top