Ab laghari
سينيئر رڪن
مرحوم علي خان جمالي ولد خير محمد جمالي
ڳوٺ علي خان جمالي کڏواري چڪ 08تعلقه و ضلع سانگهڙ جو رهاڪو هو.سندس اصل ڳوٺ گهوڙي وارو دڙو سڏبو هو .مرحوم جا اسان جي لغاري برادري سان سٺا واسطه هئا .مرحوم سٺو سگهڙ-۽ شاعر ٿي گذريو آھي. پاڻ سماجي ورڪر پڻ هو. طريقت ۾ ٽنڊي الهيار جي جيلاني ساداتن جو مريد هو. هن ناچيز وٽ ڪڏھن ڪڏھن سانگهڙ شهر ۾ ايندو هو. اصل ۾ منهنجي والد صاحب جو دوست هو. مگر اچ وڃ نه هئڻ ڪري. ساڻس ايتري واقفيت نه هئي.پاڻ پنهنجي شاعري جو رسالو ڪمپوز ڪرائڻ لاء سانگهڙ شهر ۾ ايندو رهندو هو.هڪ دفعي جيئن ئي مون وٽ آيو ته سندس هٿ ۾ پنهنجي شاعري جي رسالي جون ٻه ڪاپيون هيون .مون چيومانس هڪ ڪاپي مون کي ڏيو وڃو. پاڻ وڏي ڪشادگي سان هڪ ڪاپي هن ناچيز کي ڏنائين . جيڪا مون وٽ محفوظ آھي. جنهن مان ڪجھ شاعري ونڊ ڪجي ٿي.
منهنجي مٺي منٺار کي
ٻاجھ پوي شل ڪا.
پردا پوشاڪون پاڻ پهرائي
وير مُڪو وينجهار کي.
جُملي جهان جوڙي ڏنائين
حُب منجھان حُبدار کي.
آزيون نيازيون عرض ڪريون ٿا
دل گهريي دلدار کي.
خاميون خطائون معاف ڪري من
بيحد بَديون بدڪار کي.
عيب ڍڪيندو عربي اسان جا
سُوال آھي سردار کي.
علي خان الاهي عشق اعليٰ هي
ڪير پُڄي ڪَلتار کي.
---------------------------
منهنجي مٺي منٺار جي سڪ لڳي سهڻي يار جي.
پرور بنايو پاڻ پرين کي
ڪهڙي ڳالھ ڪيان سيگار جي.
چهرو نُوراني نور وسي ٿو
اها ڏات ڀلي ڏاتار جي.
سونهن نرالي سهڻي سڄڻ جي
هلي سونهن پَسو سردار جي .
سجدا سڄڻ کي ڪعبي ڪيا ڪي
هئي وائي ڀلي ڀليڪار جي .
علي خان اميدون موليٰ عليءَ ۾
ايندي گهڙي ديدار جي.
-------------------------------
روز ڪيان انتظار محبوب ملندين ڪڏھن.
چهرو نوراني تُنهنجو پرين آ
نيڻ نماڻا نروار کڻي کلندين ڪڏھن.
وار ڪُلھن تي ڇوڙي ڇَڏين ٿو
ڪڪر ڪارا ڪارونڀار سهڻا مور ٽلندين ڪڏھن.
ويس پهرين تون پيارا پرين ٿو
دليون ڦُرين دلدار وٺي هاڻ ھَلندين ڪڏھن.
سُرهاڻ تو ۾ آھي سدائين
عطر عنبير انبار اڱڻ علي خان جي گهلندين ڪڏھن.
---------------------
بيت
---------
سر نسريا پاند لڳي اتر هير
گوڙن گرمين گونج وئي پئي ماڪ ملير
ڀلي مند ڀلاري اڄ سيبائي سرير
مندون مَٽيون مون نه وسريون اهائي اُڪير
موٽ مديني جا مير عاصي تنهنجي آسري.
-------------------------
وٽان عطارن عطا سو نه لڀي لوهار
دونهون چڻگون سيڪ سدا نه منجهس بوء بهار
اهڙا مَ ڪجن يار جن مان جوکو جي ء جو.
--------------------------------
سَر نسريا ڪُسر نسريا نسريا مڙوئي ڪانهن
تو در منهنجي دانهن ڪر ڪو ڦيرو فضل جو.
--------------------------------
سَر نسريا پاند هلي اتر هوا
دوست مٺا مون دوا دلبر تنهنجي ديدار ۾.
---------------------------------
مومن ماڻھو مون ڏٺا لغاري لال
ڀَليون ڳالهيون ڀَلن جون ڀَلا سندن خيال
جمالي جيئن شال اھڙا مومن مُلڪ ۾.
-------------------------------
ٿر رُنو بر رُنو مٿي رُنو آسمان
سورهيه سڀ شهيد ٿيا مڙوئي مهربان
هڙئي ٿيا حيران پسي قضيو ڪربلا جو.
---------------------------------
ڪيو قهر ڪربلا ۾ سرس شامن
اصلئون هُئي انهن ڪا بُرائي برن
تکا هنيائون تير سڌا صغيرن
اُھي مڙوئي مرن جن ڪيو قھر ڪربلا ۾ .
-------------------------
رهي روز روح۾ سانگين سندي سڪ
وڃڻ جي وطن تي اٿم پوري پوري پَڪ
ملندس نيٺ مارن سان مان نماڻي نڌڪ
مارن سندي مُرڪ شل جيئري ڏسان جمالي چئي.