ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻيءَ جي لطيف شناسي
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻيءَ جو جنم 2 مارچ 1962ع اربع 4 رمضان 1379هه تي ڳوٺ دُٻي، تعلقي ميرواھ ضلعي خيرپور ۾ پرائمري استاد حسن بخش جسڪاڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو ھاءِ اسڪول تائين تعليم پنھنجي ڳوٺ ۽ ٺري ميرواھ مان ورتائين انٽر ميڊئيٽ خيرپور ڪاليج مان ڪيائين، سندن پھرين ماسٽر جي ڊگري عربيءَ ۾ آھي، ان کان پوءِ ايم اي سنڌي ۽ ايم اي صحافت ۾ ڪيائين، 1996ع ۾ ايم فل ڪرڻ کانپوءِ ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر“ جي عنوان سان خيرپور يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگراني ۾ پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪيائين، پاڪستان اسٽيل ڪيڊٽ ڪاليج مان پرنسپل ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر طور 2022ع جي مارچ تي رٽائر ٿيو، جسڪاڻي صاحب جا علمي ۽ ادبي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آھن، خاص طور يونيورسٽين جي تحقيقي جرنلز ۾ جيئن ”سر ڪوهياريءَ ۾ اسلامي قدر“ ڪلاچي تحقيقي جرنل 1999ع، ” سر آسا جو روحاني راز“ ڪلاچي تحقيقي جرنل 2009ع، ” شاھ عبدالطيف ڀٽائي ڪي ڪلام ڪا مذھبي پس منظر“ ڪارونجهر (تحقيقي جرنل) ” شاھ عبدالطيف ڀٽائي ڪي ڪلام ۾ توحيد و رسالت“ ڪارونجهر (تحقيقي جرنل) وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ۽ ٻيا مقالا آھن، پاڻ ريڊيو ۽ مختلف ٽي وي چينلز تي بہ علمي، ادبي اسلامي پروگرام ڪندا رهيا آھن.
شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر: لطيفي فن جي تحقيق طور ھڪ گهڻو گهربل عنوان ھو، جنهن تي ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻيءَ ڪم ڪري انهيءَ اھم ضرورت جو پورائو ڪافي حد تائين ڪيو آھي
سنڌ ثقافت کاتي پاران 559 صفحن تي 2019ع ۾ ڇپيل ڪتاب جي ايڊٽنگ ۽ پروف ريڊنگ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ڪئي ، ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگراني ۾ شاھ لطيف يونيورسٽيءَ مان مڪمل ٿيل آھي تحقيق بابت ڊاڪٽر نواز لکي ٿو تہ ” ھيءُ ھڪ حقيقت آھي تہ شاھ صاحب شريعت جو پورو پابند ھو، تنھن ڪري ھن پنھنجي ڪلام ذريعي اسلامي قدر چٽيءَ ريت بيان ڪيا، ڇو تہ پاڻ قرآن پاڪ ۽ حديث شريف جا عالم ھئا. دين جو اھم جزو عقيدو آھي، جيستائين عقيدو درست نہ ھوندو، تيستائين انسان گمراھ رهندو، ان گمراھيءَ کان بچڻ لاءِ ضروري آھي تہ پھريائين توحيد ان کانپوءِ رسالت جو نہ فقط زبان بلڪھ دل سان اقرار ڪرڻو آھي، توحيد ۽ رسالت جو مجموعي لوازمات سان اقرار ڪرڻ تمام اھم اسلامي قدر آھي، جنهن کان سواءِ ٻئي ڪنهن بہ اسلامي نظريي يا قدر جي نشونما ٿيڻ ممڪن نہ آھي، شاھ صاحب ھڪ وڏو موحد ۽ سچو عاشق رسولﷺ ھو، سندس ڪلام ۾ الله تعاليٰ جون صفتون ۽ ڌڻيءَ سڳوري جا بي شمار احسان بيان ڪيا ويا آھن، ان کان علاوه شاھ جي ڪلام ۾ عشق رسولﷺ جي عنوان تي تمام گهڻا بيت موجود آھن، جيڪي اوهان کي ڊاڪٽر جسڪاڻي جي ھن ڪتاب ۾ نظر ايندا“ (ص-14)
ھن تحقيق ۾ شاھ لطيف جي فن جو فڪر قرآني آيتن ۽ حديثن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيو ويو آھي، ماخذ طور ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل رسالي 8-9 مان بيت ورتل آھن ۽ قران پاڪ جي سنڌي ترجمي لاءِ مولانا تاج محمد امروٽيءَ جو ترجمو ”رفيع الشان قرآن عظيم“، چونڊيل آھي ان کانسواءِ حديثن جا ڪتاب ۽ ٻيا موضوع سان لاڳاپيل ڪتاب ببليو گرافي ۾ توڻي ھر باب جي آخر ۾ حوالن طور ڏنل آھن.
مقالي جي بابن جا عنوان ۽ انهن جا ذيلي عنوان ھن ريت آھن، باب پھريون شاھ لطيف جي سوانح عمري جنهن ۾ ولادت، تعليم ۽ تربيت، شاھ صاحب جا دوست ۽ ھمعصر، رياضت ۽ عبادت، زندگيءَ جا آخري ڏينھن، زندگيءَ جو آخري ڪلام، شجرو مبارڪ، رسول پاڪ جن تائين آھن، باب ٻيو تصوف جو تعارف ۽ تاريخ ۾ لفظ تصوف جي لغوي معنيٰ قرآن ڪريم ۾ ان جو ذڪر، حضورﷺ جن جو لباس، اوني لباس بابت تاريخي روايت، اسلامي تصوف، تصوف جو مقصد، تصوف ۽ قرآن، تصوف ۽ حديث جبرائيل عليه السلام، احاديث نبويه، تصوف ۽ صوفيا ڪرام، عھدِ رسالت ۾ صفہ وارا صوفي، قرآن ڪريم ۾ (صوفي صفت) اصحابِ صفہ جي باري ۾ آيل، فرمانِ خدا وندي، تصوف اولياء الله ۽ صوفيا ڪرام جي نظر ۾ تصوف جا روحاني عمل، تصوف جا روحاني سلسلا، اولياءَ الله جو مقام ۽ مرتبو، سنڌ ۾ اسلامي تصوف جي ابتدا. باب ٽيون، شاھ لطيف ڀٽائي ۽ تصوف آھي، جنهن ۾ شاھ جي ڪلام ۾ تصوف جي جهلڪ، شاھ لطيف ۽ وحدت الوجود، شاھ جي ڪلام ۾ تصوف جو مقصد، شاھ جي ڪلام ۾ صوفياڻو فڪر، شاھ جي ڪلام ۾ شريعت آھن، باب چوٿون شاھ لطيف جي دور ۾ سنڌ جي حالتن جو اڀياس آھي، جنهن ۾ سنڌ جي سماجي، سياسي، اقتصادي، علمي، ادبي ۽ مذھبي حالتن سان گڏ مذھبي تعليم تي بحث ڪيل آھي، باب پنجون سنڌ باب الاسلام ۾ سنڌ عرب تعلقات (قديم شھادت) نورِ محمديءَ جو ظھور ۽ سنڌ، جنت جي خوشبو (هوا) سنڌ ۾ اسلام جي آمد، فاروقي خلافت جي دور ۾ سنڌ ۽ ھند تي جهاد متعلق روايت ، حضرت عثمان جي دور ۾ سنڌ تي حملو، حضرت عليءَ جي دور ۾ سنڌ تي ڪاھه، حضرت امير معاويه جي دور ۾ سنڌ تي ڪاھه، اسلامي قدر، صحابہ ڪرام سنڌ ۾، علمِ حديث ۽ سنڌ، سنڌ ۾ اسلام جي اشاعت ۽ مدرسا، سنڌ جي تهذيب تي اسلامي اثر آھن، باب ڇھين جو عنوان آھي سنڌي ٻولي جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جو نظريو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نظريو، سراج الحق ميمڻ جو نظريو، ڊاڪٽر غلام علي الانا جو نظريو، سنڌي ٻوليءَ تي اسلامي اثر، سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءُ ۽ صورتخطيءَ تي عربي زبان جو اثر آھن، منهنجي خيال مطابق ھن طويل مقالي ۾ جيڪڏهن باب ڇھين کي ختم ڪري ان جون فقط ٽي ھيڊنگ پنجين باب جي آخر ۾ رکجن ھا تہ بهتر ھو، سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، سنڌي ٻوليءَ تي اسلامي اثر ۽ سٽاءُ ۽ صورتخطيءَ تي عربي زبان جو اثر وارو احوال ڊاڪٽر بلوچ جي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ اڳ ۾ ئي موجود آھي ۽ باب پنجين کي بہ مختصر ڪرڻ ضروري ھو)
ستون ۽ ان کان پوءِ جا باب خاص موضوع سان سلهاڙيل آھن، ستون باب شاھ عبدالطيف جي ڪلام ۾ ذاتِ باري تعاليٰ، ۾ الله جو ڪلام، توحيد ۽ اسماء الحسنيٰ، شرڪ جي نفي، الله تعاليٰ تي ايمان، الست وارو واعدو، مشڪل ڪشائي ڪندڙ ۽ حاجت روا، قادر ۽ قدير، خالق ۽ مالڪ، رزق ڏيندڙ (رزاق)، رهبر ۽ رهنما، تقدير، مڪمل علم رکندڙ، الله جي حاڪميت، الله تعاليٰ جو ذڪر، الله جي محبت، الله قريب آھي، الله جي رحمت، الله جي نعمت، پردي پوشي ڪندڙ، شفا ڏيندڙ آھن، اٺون باب، پياري نبيءَ شفيع المذنبين جي باري ۾ آھي، جنهن جو عنوان آھي، شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ حضور اڪرم جي ذات مبارڪ ھن باب ۾ رسول الله جي اطاعت، محبت، ھجرت، شان مبارڪ، معراج، شفاعت اصحاب سڳورا، رحمت اللعالمين، خاتم النبين، اھلبيت آھن، نائين باب شاھ عبدالطيف جي ڪلام ۾ عبادت ۽ بندگي جا ذيلي عنوان الله جي عبادت ۽ بندگي، پرهيزگاري (تقويٰ) نماز، روزو، ننڊ جي نفي ۽ تهجد، توبهه، حمد ۽ ثنا، دُعا، قرباني ۽ عشق، صدقو ۽ خيرات، خدمتِ خلق آھن، ڏهون باب شاھ جي ڪلام ۾ اخلاق ۽ ڪردار تي محيط آھي، جنهن ۾ حُسنِ خلق، سچائي، ھمدردي ۽ صله رحمي، اتحاد ۽ اتفاق، درگذر، نيڪي، وطن جي محبت، آئي جو آڌر ڀاءُ، رحم ۽ ڪرم ڀائيچارو، عاجزي ۽ انڪساري، جدوجهد، صبر ۽ شڪر، قناعت ۽ ڪفايت ۽ توڪل آھن، يارهون باب شاھ ڀٽائي جي ڪلام ۾ انساني معاملات ۾ حلال روزي ۽ مزدور جي عظمت، خودشناسي، چڱي ۽ بري سنگت، سيرت ۽ صورت جو فرق، سامونڊي سفر ۽ تجارت، موسمي حالت آھن، ٻارهين باب شاھ جي ڪلام ۾ انساني اخلاقي خامين جي ذڪر ۾ حسد ۽ ڪينو، تڪبر، لالچ ظلم، گلا ۽ غيبت، ڪوڙ، ذخيري اندوزي ۽ گناھن جو ذڪر آھي، تيرهين آخري باب ۾ شاھ عبدالطيف جي ڪلام ۾ دنيا ۽ آخرت ۾ دنيا جي زندگيءَ جو مقصد، دنيا فاني، ڪراما ڪاتبين، دنيا مومن لاءِ قيد خانو، دنيا واري زندگيءَ جو خاتمو (موت) قبر، قيامت، حشر جو ميدان، عملن جي تور ۽ اعمال نامون، حشر جي ميدان ۾ عضون جي شاھدي، بخشش ۽ مغفرت، جنت ۽ دوزخ آھن،
ھيٺ موضوع کي سمجهڻ لاءِ ڪتاب مان حوالا ڏجن ٿا.
”سنڌ ۾ مذھبي تعليم جو طريقو عام اسلامي روايتن مطابق ھو، ابتدائي تعليم ڄڻ تہ زبان سان ٻڌل ھئي....“. ”قرآن ڪريم کي الھامي ۽ آفاقي پيغام ھئڻ سان گڏ دين اسلام جي بنيادي ماخذ جي حيثيت پڻ حاصل آھي، اھوئي سبب ھو جو حضرت شاھ لطيف ھر وقت پاڻ سان قرآن ڪريم رکندو ھو، جنهن جو اثر سندس ڪلام تي نمايان طور تي نظر اچي ٿو“ (صه 124)
ھن تحقيق جو اصل مقصد لطيف سائينءَ تي اسلام دين جو اثر ۽ قرآن شريف ۽ حديثن جي مڪمل معلومات آھي جا لطيف سرڪار پنھنجي ڪلام وسيلي سنڌي قوم تائين آندي جا فقط شاعريءَ تائين محدود ناھي بلڪھ ھو ھڪ سچو مسلمان ۽ دين جو پيروڪار ھو جنهن رب پاڪ سان محبت ۽ پياري نبيءَ سان عقيدت کي پنھنجي حياتيءَ جو مڪمل محور بڻائي سنڌي قوم وٽ پنھنجي شاعريءَ ۾ شوق ۽ ذوق سان پيش ڪئي، اھڙي رچاءُ سان شعر چيو جو اڄ تائين انهيءَ کان ڪوبہ انڪاري ڪونهي تہ ڪو شاھ لطيف جي ڪلام تي دين اسلام جو اثر ناھي.
ليکڪ لکي ٿو ته، ”شاھ لطيف ڪلام الاھيءَ جي عظمت ۽ ان جي حق جي وضاحت ڪندي ارشاد فرمايو آھي تہ ”قرآن ڪريم کي پڙهڻ سان گڏ ان کي ساھ سان سانڍڻ ۽ ان تي عمل بہ ڪرڻ گهرجي ۽ ايئن نہ ڪرڻ سان انسان گنهگار ٿيندو:
پڙهيو ٿا پڙهن ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
پاڻان ڏوهه چڙهن، جئن ورق ورائين وِترا.
رب ڪريم پاران بہ قرآن پاڪ ۾ اھا وضاحت فرمايل آھي تہ قرآن تي غور ۽ فڪر ڪرڻو آھي ۽ ان کي پنھنجي دل (قلب) ۾ اختيار ڪرڻو آھي. (عربي)
ترجمو: ڇا قرآن ۾ ڌيان نہ ڪندا آھن يا سندين دِلين تي انهن جا قفل (تالا) لڳل آھن.
ڀٽائيءَ جو پڙهيو ٿا پڙهن ڪڙهن ڪين قلوب ۾، وارو بيت ھن آيت سڳوريءَ جو منظوم ترجمو محسوس ٿئي ٿو“ (ص 166)
الله قريب آھي جي حوالي سان جسڪاڻي صاحب شاھ لطيف جي ڪلام ۽ قرآن پاڪ مان مثال ڏيئي سمجهائي ٿو ته، ” شاھ لطيف الله تعاليٰ سان عشق رکندڙ ٻانهن کي ڏس ڏئي ٿو تہ رب پاڪ جي ذات با برڪات جي ڳولا لاءِ ھيڏي ھوڏي ھٿڙا ھڻڻ جي ڪا بہ ضرورت نہ آھي، ڇو تہ رب پاڪ پاڻ اھو ڏس ڏنو آھي تہ پنھنجي اندر نفس ۾ نهار تہ توکي محبوب حقيقي ملي ويندو.
ھوت تنھنجي ھنج ۾، پڇين ڪوه پرياڻ،
ونحن اقرب اليه من حبل الوريد، تنھنجو توئي ساڻ،
پنھنجو آھين پاڻ آڏو عجيبن کي“
شاھ سائين قرآن ڪريم مان جيڪا آيت پيش فرمائي آھي، جنهن ۾ الله تعاليٰ انسان جي پيدائش، نفس جي ڪيفيت ۽ انسان سان پنھنجي قربت کي ھن ريت بيان فرمايو آھي.
وَ لَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ وَ نَعْلَمُ مَا تُوَسْوِسُ بِھٖ نَفْسُه ۚۖ-وَ نَحْنُ اَقْرَبُ اِلَیْه مِنْ حَبْلِ الْوَرِیْدِ(16(
ترجمو: ۽ بيشڪ ماڻهو کي پيدا ڪيوسون ۽ سندس نفس کيس جيڪو وِسوِسو وجهندو آھي سو ڄاڻندا آھيون ۽ اسين ڏانهنس (سندس) ساھ جي رڳن کان وڌيڪ ويجها آھيون“ (صه 248)
ڏٺو وڃي تہ نفس ئي آھي جو انسان جو دشمن ۽ سڄڻ ثابت ٿئي ٿو لطيف سرڪار جو سمورو ڪلام انسان ذات جي بهتريءَ لاءِ آھي، سيد سڳوري دين جي ھر اسلامي ۽ اخلاقي قدر کي اھميت ڏيندي ۽ بداخلاقين ۽ انساني ڪمزورين کي ننديندي کين دوستاڻي انداز ۾، پنھنجائپ ۾ قرب سان ھڪ ھڪ انساني خوبيءَ ۽ خاميءَ کي وضاحت سان مثالن سان ڄاڻايو آھي، ڊاڪٽر جسڪاڻي انهيءَ مان ڪيترائي مثال حوالن طور آندا آھن، سوين قرآني آيتون، حديثون ۽ اوليائن جا قول انيڪ بيتن سان گڏ ڏيئي موضوع کي کولي سمجهايو آھي، فقط تهجد جي عبادت، سجاڳي ۽ ننڊ جي نفيءَ تي لطيفي بيتن سان گڏ 12 قرآني آيتون بلڪل موضوع جي چٽائيءَ لاءِ سھڻائيءَ سان آيل آھن، ڊاڪٽر صاحب جو عربي زبان تي عبور آھي، سندن ايم فل جو مقالو پڻ ”سنڌي زبان تي عربيءَ جو اثر“ جي عنوان سان آھي، قرآن پاڪ ۽ حديث جي علم جي ڄاڻ ھئڻ ڪري سندن بيتن جي چونڊ ۽ لاڳاپيل آيتن جي سمجهاڻيءَ تي داد ڏيڻو پوي ٿو.
اسلامي قدرن ۾ توحيد ۽ رسالت جي زباني ۽ دِلي اقرار ۽ عمل سان گڏ انساني اخلاقي قدرن جي اھميت اُتم آھي، قرباني، خيرات، چڱائي، نيڪي، سچائي، ھمدردي، درگذر، محبت ۽ ٻيون انيڪ خوبيون آھن، جن کي ڀٽ ڌڻيءَ الله تعاليٰ جي حڪمن جي حوالي سان بيتن ۾ آندو آھي، ڊاڪٽر عبدالرحمان لکي ٿو ته،
”ڀلاري ڀٽ ڌڻي جي نزديڪ بہ رحم، ڪرم ۽ ٻاجهه جو مرڪز ارحم الراحمين رب پاڪ جي ذات بابرڪات آھي ان ڪري ھو بذاتِ خودبارگاھ الاھيءَ ۾ ھٿڙا کڻي ٻاجهه لاءِ ٻاڏائيندو نظر اچي ٿو.
جيڏو تنھنجو نانءُ، ٻاجهه بہ اوڏيائي مڱان،
ري ٿنڀين ري ٿوڻيين، تون ڇپر تون ڇانءَ،
ڪڄاڙو ڪھان، توکي معلوم سڀڪا.
شاھ سائين رب ڪريم جي پاڪ نالي جي عظمت سان سندس ٻاجهه يعني رحم ۽ ڪرم کي تشبيهه ڏني آھي، شاھ سائين ٻاجهاري رب کان ٻاجهه لاءِ ٻاڏائي انسان ذات جي بہ رهنمائي فرمائي آھي تہ ٻاجهه رحم ۽ ڪرم لاءِ فقط ۽ فقط ارحم الرحمٰين رب کي ٻاڏائڻ گهرجي، بارگاھ الاھيءَ مان بہ انسان کي ٻاجهه لاءِ رب ڪريم کان ٻاڏائڻ جي رهنمائي ملي ٿي جيڪا ھن ريت آھي،
” رَبَّنَآ اٰتِنَا مِنْ لَّـدُنْكَ رَحْـمَةً وَّهيِّئْ لَنَا مِنْ اَمْرِنَا رَشَدًا(10).
ترجمو: اي اسان جا پالڻهار پاڻ وٽان اسان کي ٻاجهه عطا ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان جي لاءِ چڱائي ڪر“ (صه 433)
الله تعاليٰ جي طرفان رحم، ٻاجهه ۽ عنايتون عطا ٿيڻ سان ئي حياتيءَ جي سرخروئي آھي، جنهن جو پھريون رستو خوف آھي، جنهن کي خوف خدا آھي اھو خدا جي خوف ۾ پنھنجي نفس تي قابو رکي ٿو ۽ پاڻ نہ ٻين سان بي رحميءَ واري ھلت ڪري ٿو ۽ نہ ئي ٻين جا حق غصب ڪري ٿو، الله پاڪ انهن تي رحم نٿو ڪري جيڪي ٻين تي رحم نٿا ڪن، دِل جي نرمي، درگذر، معاف ڪرڻ ڀائيچاري جون ضرورتون آھن، سماج تڏهن ترقي ڪري سگهندو جڏهن ھڪٻئي لاءِ سھپ جي سگهه قائم ھوندي، ھن تحقيق معرفت ڊاڪٽر صاحب لطيف سائينءَ جي ڪلام مان موضوع مطابق بهترين بيتن جي چونڊ ڏني آھي ۽ لاڳاپيل موضوع جي وضاحت قرآن پاڪ جي آيتن ۽ ترجمي سان ڏيئي ڄاڻايو آھي تہ ڀٽ ڌڻيءَ جو ڪلام ”جي توبيت ڀانيان سي آيتون آھن“ جي دعويٰ تي مڪمل طور پورو لهي ٿو، سندن پنھنجي زندگي اسلامي اصولن سان ڀريل ملي ٿي، ھن ڌرتيءَ واسين کي ڄاڻايو آھي تہ اعليٰ اخلاقي قدرن تي عمل ڪري پنھنجي محبوب حقيقيءَ جو قرب ۽ رضا حاصل ڪريو. ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻيءَ جي ھيءُ تحقيق لطيف شناسيءَ ۾ ملهائتي ليکبي.