• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊاڪٽر ساجدہ پروين جي لطيفي مونو گراف جو جائزو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڊاڪٽر ساجدہ پروين جي لطيفي مونو گراف جو جائزو
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

book.jpeg

ڊاڪٽر ساجدہ پروين جو جنم جولاءِ 1982ع تي گمبٽ خيرپور جي ڳوٺ مهتاڻا ۾ ٿيو، سندن والد عاشق علي بهليم جي ڪراچيءَ ۾ رهائش سبب ھن پنھنجي سڄي تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي، ايم فل ۽ پوءِ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪيائين جن ۾ سندس لکيل تحقيقي مقالا ھن ريت آھن ” شاھ لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت“ (تقابلي جائزو) 2007ع ايم اي جو مونوگراف، ”سائين جي ايم سيد جون ادبي خدمتون“”جديد تنقيدي نظرين جو سنڌي ادب تي اثر“ پي ايڇ ڊي جو مقالو، اھي مقالا ڇپيل صورت ۾ موجود آھن ان کانسواءِ ڪتاب پڻ لکيو اٿن.، کين جي ايم سيد ميموريل ڪاميٽي ھيوسٽن آمريڪا طرفان مڃتا ايوارڊ ۽ ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرس سوسائٽيءَ پاران پي ايڇ ڊي ريسرچ ايوارڊ مليل آھن، ھوءَ ھڪ سرگرم اسڪالر ۽ استاد طور پنھنجون خدمتون ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور سرانجام ڏيئي رهي آھي، ان کانسواءِ ريسرچ جرنلز ۾ سندس تحقيقي ڪم مختلف موضوعن تي شايع ٿيندو رهي ٿو، جن مان چند جا عنوان ھن ريت آھن، ”استاد بخاريءَ جي رومانوي شاعري“، ”لپ اسٽڪ فيمينزم“ ”جديد سنڌي شاعريءَ جو روشن ستارو حسن درس“ ”ساختياتي تنقيد ۽ سنڌي ادب“، ”شيخ اياز جو ھائڪو-هڪ مطالعو“ ، ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ پيار جو تصور“آھن. ”شاھ لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت“ (تقابلي جائزو) ايم اي جو مونو گراف مقالو سچائي اشاعت گهر پاران يوسف سنڌي 2017ع ۾ شايع ڪيو
تقابلي جائزي جي اھميت تي ڊاڪٽر ساجدہ لکي ٿي تہ ”ٻن ساڳين يا مختلف ٻولين جي ادبي ڪاوشن جي ھڪ جهڙائين ۽ فرق جي مطالعي کي تقابلي جائزو چيو وڃي ٿو، ادب ۾ تقابلي جائزو تمام گهڻي اھميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ تہ انهي رجحان سبب قاري ٻن مختلف خطن جي علم و ادب، تاريخ، جاگرافي، ڏند ڪٿائن، ثقافت، ريتن رسمن ۽ مختلف ادبي رجحانن کان واقف ٿئي ٿو“ (صه 5)
سندن موجب ته، ”شاھ جي فڪر ۽ فلسفي کي جيڪڏهن گلوبل ليول تي مڃتا ڏيارڻي آھي تہ پوءِ کيس دنيا جي ناليوارين ادبي شخصيتن سان ڀيٽڻ جي سخت ضرورت آھي، ھي ڪتاب انهيءَ سلسلي جي ھڪ ڪڙي ثابت ٿيندو، ھن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آھي تہ اسان گهڻ ورجايل روايتي ۽ عام موضوعن کان ھٽي جديد بين الاقوامي تناظر ۽ تحريڪن جي پس منظر ۾ پنھنجي ادب کي پيش ڪريون“ (صه 8)
جيئن تہ ھيءُ تحقيق يونيورسٽين ۾ ايم اي فائنل ايئر جي چوٿين پيپر بدران اختياري طور ڪنهن علمي، ادبي موضوع تي مونوگراف لکڻ جي سلسلي ۾ عمل ۾ آئي آھي، اھو مونوگراف موضوع مطابق ھوندي بہ مناسب ڊيگهه جو ھوندو آھي، ھي مونوگراف پڻ ٽن بابن ۽ 118 صفحن تي آڌاريل آھي، بابن جا عنوان ھن ريت آھن: باب پھريون ”رومانويت“ ۾ رومانويت جي وصف، رومانويت جو پس منظر، رومانويت بحيثيت فڪري تحريڪ، ڪجهه اھم انگريزي شاعرن جي شاعريءَ ۾ رومانويت، سنڌي شاعريءَ ۾ رومانويت ۽ اھم رومانوي شاعر، باب ٻئي ”شاھ لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ“ ۾ شاھ لطيف جو دور ۽ ان جا لاڙا، ورڊس ورٿ جو دور ۽ ان جا لاڙا آھن، ٽيون ۽ آخري باب ”شاھ لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي فڪري ڀيٽ“ تي مشتمل آھي، جنهن جي ذيلي عنوانن ۾ شاھ لطيف وٽ رومانويت جو تصور، وليم ورڊس ورٿ وٽ رومانويت ۽ رومانوي عڪس، شاھ لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جو رومانوي حوالي سان تقابلي جائزو، ھر باب جي آخر ۾ نتيجا ۽ حوالا آخر۾ رائج طريقي مطابق ببليو گرافي آيل آھي، ڊاڪٽر حاڪم ٻرڙي ڪتاب جي پٺ پني تي لکيو آھي تہ ” ڊاڪٽر ساجدہ پروين جي سڃاڻپ نہ صرف ھڪ سٺي استاد جي حيثيت سان آھي، بلڪھ تحقيق جي ميدان ۾ بہ پاڻ ملهايو اٿس ھوءَ پنھنجي پروفيشن سان سچي ۽ ڪميٽيڊ آھي، مقابلي ۽ ڏيکاءُ پرستيءُ جي ڊوڙ کان پاڻ کي پري رکي خاموشءَ سان پنھنجو ڪم ڪندي رهي ٿي، ھن روايتي موضوعن کان ھٽي ڪري نون موضوعن تي تحقيق ڪئي آھي“ڊاڪٽر ساجدہ رومانويت جي پس منظر کي سمجهائيندي اھو نڪتو بحث ھيٺ آندو آھي تہ اھي ڪھڙا سبب ھئا جن جي ڪري رومانوي تحريڪ وجود ۾ آئي؟ ۽ ادب ۾ گهڻي عرصي تائين بحث جو موضوع رهي ۽ ان جو ايترو اثر وڌيو جو تسلسل سان رومانوي ادب تخليق ٿيڻ لڳو، انگريزي ادب جي حوالي سان ڄاڻائي ٿي ته، ” انگريزي شاعريءَ ۾ باقاعدہ ڪلاسيڪيت جو ھڪ دور رهيو آھي، جنهن جا پنھنجا قاعدا قانون ماڻ ماپا قدر ۽ روايتون رهيون آھن“ (صه 14)
فرانس جي انقلاب کانپوءِ اھڙي قسم جي روايتي شاعريءَ خلاف ئي شاعرن فطرت ڏي موٽ کاڌي جنهن جو سرواڻ روسو (Rouseau) ھو. انسان جي فطري جذبن کي مڃيندي ھن ماڻهن کي سماج جي فطري نظام کان واقف ڪيو، اھو فڪر ۽ فرانس جو انقلاب يورپ جي رومانوي تحريڪ جا محرڪ ھئا، جنهن ۾ اھم ڪردار اڳيان ھلي ورڊس ورٿ ادا ڪيو، پنھنجي دوست ڪالرج سان گڏ ھن ” سريلا گيت“ (lyrical ballads) نالي ھڪ مجموعو 1798ع ۾ آندو جنهن جو طويل مهاڳ پاڻ لکيائين جو ادب ۾ رومانويت جي موضوع تي اڄ تائين اھميت جو حامل آھي، عام جي زندگي، عام ماڻهن جون حالتون، ڏک، سک، اُمنگون، جذبا، ساديون سوديون سوچون ۽ خواھشون، جيئڻ لاءِ ڪيل جتن، سچيون ۽ صاف دليون، محنتن جون صداقتون، فطرت سان ھم آھنگي، عشق ۽ محبت جا جذبا، چنڊ، سج، تارا، وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، پاڻيءَ جون پالوٽون مطلب تہ انسان جي جياپي جي سونھن ۽ کيس ورحاني ۽ فطري خوشي ڏيندڙ عوامل ادب ۽ آرٽ جو حصو بڻيا اھا تحريڪ پوري دنيا ۾ پکڙجي وئي، ڊاڪٽر صاحبہ انگريزيءَ جي اھم شاعرن جي شاعريءَ ۾ رومانويت کي ڄاڻائڻ لاءِ سموئيل ڪالرج، شيلي، جان ڪيٽس ۽ لارڊ بائرن جي مشھور ڪتابن مان حوالا ڏيئي سندن شاعريءَ ۾ رومانويت جي اثر کي بيان ڪيو آھي، اڳيان سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ ۾ رومانويت بيان ڪندي شاھ ۽ ورڊس ورٿ جي شاعري جو موازنو ڪيو آھي، سنڌي شاعريءَ ۾ رومانويت ۽ اھم رومانوي شاعر جي موضوع تي سندس موقف آھي ته، ” سنڌ ۾ رومانويت جو ڪو مخصوص دور يا تحريڪ ناھي رهي جهڙي طرح سان انگريزي ادب ۾ رومانويت جي باقاعدہ ھڪ تحريڪ ۽ ان جو ھڪ مخصوص دور رهيو آھي، حقيقت اھا آھي تہ سنڌ اندر ابتدا کان وٺي مختلف وقتن ۽ مختلف حالتن ۾ رومانوي رويو سنڌي ماڻهن جي مزاج ۾ موجود رهيو آھي“ ان ريت سومرن جي دور ۽ پوءِ جي چند شاعرن جو اڀياس پيش ڪندي شاھ لطيف جي شاعريءَ تي لکيو اٿس، ”رومانوي لاڙو شاھ جي شاعريءَ جو اھم جزو آھي بلڪھ سندس سڄو ڪلام رومانويت جو ڀرپور مظھر آھي“،
سھسين سڄن اڀري، چوراسي چنڊن،
باالله ري پرين، سڀ اونداھي ڀانئيان،
شاعر وٽ سوين سجن ۽ سال جي چوراسي چانڊوڪين راتين جي روشنيءَ وارو تخيل ۽ ڀيٽ ۾ محبوب جي سونھن ان کان سرس ھئڻ جو نهايت ئي زبردست رومانوي تصور موجود آھي، جنهن ۾ تخيل جي نهايت وسيع اڏام موجود آھي (صه 24)
ورڊس ورٿ جي دور ۽ ان وقت جي لاڙن جي جائزي وٺڻ بعد ڊاڪٽر ساجدہ لکي ٿي تہ ” ورڊس ورٿ مختلف وقتن ۾ مختلف لاڙن جي اثر ھيٺ رهيو جيڪي سندس شخصيت جي مختلف پھلوئن جو تعين ڪن ٿا، انهن مان فطرت پرستي، غور و فڪر، سوچ ويچار، بغاوت ۽ مشاھدي جا عنصر اھم آھن، جن کيس رومانوي شاعر بڻجڻ جي عمل ۾ اھم ترين ۽ موثر ڪردار ادا ڪيو“ (صه 41)
سندن مطابق ٻنهي شاعرن زندگيءَ جو اھم حصو جوانيءَ وارو دور سير ۽ تفريح ڪندي گذاريو سندن سير ۽ سفر جي تجربن تي شاعريءَ جو بنياد رکيل آھي، ٻنهي شاعرن وٽ ادبي روايت ۽ قدرن کان بغاوت وارو عنصر ملي ٿو، ٻنهي جي شاعريءَ جو موضوع فطرت، عام انسان ۽ سندن مسئلا ئي رهيا ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ھنن عام جي ٻوليءَ کي ترجيح ڏني.
شاھ لطيف ۽ ورڊس ورٿ جي شاعري ۾ رومانوي حوالي سان تقابلي جائزي وٺڻ بعد لکيو اٿس ته، ”ٻنهي شاعرن وٽ فڪري حوالي کان ڪيتريون ئي ھڪجهڙائيون ٿوري گهڻي فرق سان موجود آھن“ ھن فطرت نگاريءَ کي انهي جو خاص پھلو ڄاڻايو آھي، جنهن ۾ سر ڪاموڏ، سر ڏهر، سر سھڻي، سر سسئي آبري، سر سورٺ، سر يمن ڪلياڻ، سر مارئي مان موضوع سان سلهاڙيل بيت ڏيندي ورڊس ورٿ جي شاعريءَ مان سندن مشھور نظمن“ the daffodils، Beggers، Goody Blake، Power of music، The sailors mother، The thorn ۽ ٻين نظمن مان مثال ڏنا آھن جن مطابق ٻنهي عظيم شاعرن وٽ خوبصورت فطرتي منظر نگاري اُتم درجي جي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سندن بيان ڪيل سونھن ڀريل نظارن جو سرور ڪڏهن بہ نہ وسرندڙ آھي، وٽن عام عوامي ڪردار آھن، جيڪي ڏکيا سکيا ۽ زندگي جا سور ڀوڳيندڙ آڻين ۽ چاڙهين ٿا وٽن ڪي بہ مال متاع ڪونهي، بنيادي ضرورتن کان وانجهيل محنت ڪش آھن، ان کانسواءِ ٻنهي وٽ موسيقي جي اھميت پڻ اھم آھي، لکي ٿي تہ ”شاھ جيئن تہ پاڻ بہ ھڪ وڏو موسيقار ھو ۽ موسيقيءَ جي اوزار تنبوري جو موجد پڻ ان ڪري کيس موسيقيءَ جي چڱي خاصي ڄاڻ ھئي، شاھ فن ۽ فنڪار جي رشتي، موسيقي ۽ موسيقار جي اھميت کي ٻن سرن، پرڀاتي ۽ خاص ڪري سورٺ ۾ تفصيل سان بحث ھيٺ آندو آھي، ڀٽائيءَ جي نظر ۾ فن، فنڪار ۽ ساز انهن ٽنهي جو ھڪٻئي کان ڌار تصور ڪري نٿو سگهجي، ھو فن جي تخليقڪار (موسيقار) کي گهڻي اھميت ڏئي ٿو“ (صه 104) ورڊس ورٿ جي نظم Power music جو مثال ڏيڻ بعد لکيڪا انهيءَ نتيجي تي پھتل آھي تہ ورڊس ورٿ صرف موسيقيءَ جي اثر ۽ اھميت کي بيان ڪيو آھي، جڏهن تہ شاھ فن ۽ فنڪار جو ڳانڍاپو ۽ موسيقار جي اھميت ۽ موسيقيءَ جي تاثير کي پڻ واضح ڪيو آھي.
نتيجي طور ڊاڪٽر ساجدہ پروين لکي ٿي ته، ”هن جائزي مان اھا ڳالهه واضح ٿي تہ شاھ لطيف جو يورپ جي رومانوي تحريڪ سان ڪو واسطو نہ آھي ھن پنھنجي فطرت ۽ مزاج مطابق ان لاڙي کي شاعريءَ ۾ ظاھر ڪيو، ٻي ڳالهه تہ شاھ جي شاعريءَ ۾ رومانوي فڪر جو ھر پھلو جهڙوڪ فطرت نگاري، رومانس، عوامي ٻولي سڀ پنھنجي فطري جوهر ۾ اوج تي ملن ٿا، سندس شاعريءَ جو مقصد صرف فطري نظارن کي بيان ڪرڻ ناھي، پر ھو فطرت منجهان انسان کي محبت، ميٺ، امن، فاني ھجڻ جي حقيقت ۽ وقت جي اھميت جو بہ احساس ڏياري ٿو، ساڳئي ريت جڏهن رومان جو پھلو کڻي ٿو تہ محبوب جي سونھن، ناز انداز جي تشبيهه آفاقي توڙي زميني علامتن سان ڪندي اھڙا منفرد خيال پيش ڪري ٿو جيڪي ٻين شاعرن وٽ ھرگز نٿا ملن، شاھ کي سنڌي ادب جي رومانوي فڪر جو مهندار چئي سگهجي ٿو، ورڊس ورٿ جي شاعريءَ جي جائزي کانپوءِ خبر پئي تہ ورڊس ورٿ جو رومانوي فڪر ايترو گهڻ رخو ۽ وسعت انگيز نہ آھي“ (صه 113)
اڳيان لکي ٿي ته” ٻنهي شاعرن جي رومانوي شاعريءَ جي تقابلي جائزي ۾ ڪافي ڳالهيون ھڪ جهڙائي رکن ٿيون“ جيئن فطرت جي عڪاسي، غريب عام ماڻهن جي ڏکن ۽ حالتن جو ذڪر فطرت جي سھڻين ۽ ڪوجهين شين جي موضوع طور اپٽار، پيار، محبت ۽ امن جا درس، ڪتابن بدران فطرت جو مشاھدو، ھيٺين طبقي جون معاشي ۽ سماجي حالتون تہ پنھنجي خطي جون جاگرافيائون حالتون، موسيقي مطلب تہ ڪيتريون ئي ھڪجهڙائيون ٿوري گهڻي فرق سان آھن.
ليکڪا ھڪ محنتي محققا آھي سندن ھي ايم اي جو مونوگراف ھڪ ڪارائتي موضوع تي وڻندڙ معلومات سان ڇپيل صورت ۾ موجود آھي، ھن مقالي جو سگهارو پھلو مشھور شاعر ورڊس ورٿ جي شاعريءَ مان چونڊ ۽ ان جو سنڌي ترجمو شاھ جي رومانوي شاعريءَ جي مقابلي ۾ آھي، لطيف سائينءَ جي بيتن جي چونڊي ۾ اڃا بہ وڌيڪ بيتن کي آڻجي ھا تہ بهتر ھو، آئون سمجهان ٿي ٻنهي شاعرن کي پنھنجي پنھنجي ديس ۽ ديس واسين سان گهڻي محبت ھئي ”وطن دوستي“ پڻ رومانويت جو ھڪ رخ ٿي سندن شاعريءَ ۾ نروار ٿي آھي،
ڊاڪٽر ساجدہ پروين جو ھيءُ مونوگراف لطيفيات جي مَدَ ۾ اھميت جو حامل آھي.
 
Back
Top