فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
فقير محمد سنڌي جو ڪتاب "خود شناسي" سان هم ڪلامي. ( سيلف انٽرويو) جو سرسري جائزو.
جيئند علي مھر.
سنڌي ادب ۾ انٽرويوز بہ هڪ الڳ صنف جي حيثيت سان سڃاتي وڃي ٿي. سيلف انٽرويوز پنهنجو پاڻ سان هم ڪلامي ٿي زندگيءَ جون گهاريل گهڙيون انهن منجهان ورتل تجربا ۽ مشاهدا ڪاميابيون، ناڪاميون ، لاها ، چاڙها ، رسڻ پرچڻ ، ڏک سک، جيت هارَ ۽ پنهنجو پاڻ مٿان ٿيل وارتائون سڀ پڙهڻ کان پوءِ ڏسڻ وائسڻ ۾ اچن ٿيون.
فقير محمد سنڌي جو هي نڪور آيل ڪتاب "خود شناسي" سنڌي ادب ۾ هڪ الڳ مقام ٺاهي ورتو آهي جيئن سولي سنڌيءَ ۾ ائين کڻي چئجي تہ "خود شناسي" پنهنجو پاڻ سان واقفڪاري، اندر جي احساسن سان دعا سلام، ڏيٺ ويٺ،زندگيءَ جي مختلف حالاتن ۾ پنهنجي اندر جي خيالن جي عڪاسي ڪرڻ، وڏي واڪي هڪ کليل ڪتاب وانگيان، پنهنجي گهاريل جيون جو حال احوال پيش ڪرڻو آهي.
فقير محمد سنڌي، سنڌي ادب جو هڪ برجستو ۽ مسلسل لکندڙ قلمڪار آهي جنهن جي قلم مان اسان کي سکڻ سيکارڻ ساتريون نيون نيون مهارتون، مختلف موضوعن تي ٻوليءَ بابت ڄاڻ، پوءِ ڇو نہ اها اسان جي سنڌي ادٻ جي تاريخ، ناول نگاري ، ڪهاڻي، نثر، نظم يا کڻي سيلف انٽرويو تي مشتمل " خود شناسي،" جي روپَ ۾ ڪتاب جو تحفو هجي.
"خود شناسي" ۾ فقير محمد سنڌي مختلف مڪتب فڪر جي مهان شخصيتن ، اديبن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن ، استاد ، ريڊيو پروڊيوسر ،انائونسر، ڪمپيئر، شاگردن ، ڪلاسيڪل راڳين ، توڙي تاريخدانن کي "خود شناسي" جي ڀاڪرن ۾ ڀريو آهي.
انٽرويو ڪرڻ جو ڏانءَڳالھ مان ڳالھ ڪڍڻ جو حوصلو جيئن بہ اندر جي ڪيفيت، سوچ ۾ آيل جذبن جو اظهار ڪري سگهجي. ساڳي ئي طرح سور سلڻ واري سرگوشي هن ڪتاب "خود شناسي" جي اصل عڪاسي آهي. خود شناسيءَ م سيلف انٽرويوز آهن. هن ڪتاب۾ ستيتاليھ ڪامياب شخصيتن پنهنجو پاڻ سان اڻ ڏٺل، اڻڄاڻ، اوپرن ماڻهن سان خود شناس ٿيا آهن.
وقت حقيقت آهي ۽ زندگي وري ان جو ڀاڪر، ماڻهن جا رويا بہ ان سڄي مانڊاڻ جو عڪس آهن. جيڪي پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ سان گڏوگڏ ٻين کي بہ سمجهائڻ ۾ سهولت مهيا ڪن ٿا . خود شناسي ۾ جيڪي شخصيتن جا عڪس آئيني ۾ چٽا نظر اچن ٿا. ڇا تہ انهن جا تجربا بيان ڪيل آهن جنهن بہ سيلف انٽرويو ڏيندڙ مهان ماڻهو سان ڪتاب جي لکيل ليک ذريعي ڏيٺ ويٺ ٿئي ٿي، تہ ائين سمجهو ڄڻ ان جي اندر مان جهاتي پائڻ کان سواءِ ان جو پلئو ڇڏڻ لاءِ دل ئي نٿي چوي.
جيڪو زندگيءَ جو ڳچ عرصو پنهنجي فيلڊ ۾ گذاري ٿو اچي ان کي ئي ان گذريل وقت جون مشڪلاتون، سورَ، سختيون ، ماڻا منٿون، ڪمي ڪوتاهين جي چڱي طرح پرک پئجي وڃي ٿي. سي سڀ تجربا، تبصرا ، تجزيا ، وک وک جا دهمان دڙڪا، سچائيءَ جي پينگھ تي اڪيلو لڏڻ، ڪوئي ڀاڱي ڀائيوار نہ ٿيڻ، پنهنجي پت جي پرک پروڙَ اسان جي ذهنن تي ائين چٽجي وڃي ٿي جيئن ڪوئي مصور پنهنجي خالي ٺاھيل اسڪيچن ۾ محبتن جا رنگ برنگي ڪلر ڀري دل کي آٿتون ڏيندو آهي تہ شال منهنجو پورهيو ڪنهنجي اکين جو ٺار بڻجي.
"خود شناسي "ڪتاب ۾ جيڪي بہ سيلف انٽرويو شامل آهن انهن ۾ علي بابا جو "مان تہ سائين مان آهيان" سفرنامن جو ساٿي الطاف شيخ جو " منهنجي زندگي سفر ۾ ٿي رهي" ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ . جو "پنهنجي عدالت ۾" ڊاڪٽر جيٺو لالواڻي جو "منهنجي سنڌي زبان اجر _ امر آهي. سرمد چانڊيي جو " سنڌي قوم شاندار ورثي جي مالڪ آهي " ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ. جو " تعليم ۽ادب جي مايا ناز شخصيت، " عزيز قاسماڻي" دنيا جو خاتمو ارتقا هٿان ٿيندو، " محمد سرفراز علي ميتلو جو " قانوني ۽ سماجي شخصيت، " خليق ٻگهيو جو " زندگي جماليات ۾آهي، "قدير شيخ "تخليقيت اختياري فعل_ تاريخي شعور جي ۽ حقيقتن جو اندروني اپٽار آهي، " خليل ڪاڪيپوٽو جو" ڪيم روح رهاڻ، " هدايت منگي" سڄڻ سفر هليا، " عابد ڪاظمي جو ،"مان زندگيءَ ۾ رنگ ڀريندو آهيان" بهادر علي مھر "مون محبت سان زندگيءَ کي حسين بڻايو آهي، " عبدالجبار منگي جو " ڪجھ بي ترتيب ڳالهيون، "مشتاق تنيي جو، " زندگيءَ جو سربستو احوال، "امتياز شاهاڻي جو" منهنجي تهذيب جا رنگ نرالا، " خالد ساحل ڪيريو جو "عشق ماڻهو کي ماڻهپو سيکاري ٿو، " ستار هليي جو " هوءَ منهنجي نالي جهڙي ئي تہ آهي، " الطاف راجا جو " دنيا جا سڀ رنگ حسين آهن، "ساٿي محبوب زنگيجو جو "ادب ۽ سياست جو گهرو سڳنڌ آهي، علي مراد ٽانوري جو، " مون کي پنهنجي ٻوليءَ تي فخر آهي " وسند علي مھر جو, " سنڌ واھ منهنجي زندگيءَ جو جياپو آهي, " شاهين سنڌي جو " سنڌي ادب ۾ تنقيد جي آجيان ڪرڻ گهرجي, " خالد حسين چانڊيي جو، "مون لاءِ تنهائي عيش مثل آهي" حاجي حسين جلباڻي جو ، "عشق جو آواز " مشھد علي اوٺي جو، " منهنجو بنيادي تعارف" خاور قبولاڻي جو ،" منهنجو نڀاءُ مارن سان" ڪامريڊ ڪريم بخش بلوچ جو ،" شاعر، اديب ۽ سوانح نگار، " سيد شبير شاھ جو، " ريڊيو پاڪستان ۽ آءُ " سيد تاج علي شاھ جو، "انسان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد نہ هجي " وفا حاڪم وساڻ جو، " سماجي ڪارڪن، شاعر ۽ اديب " ڪليم دانش جو، "درد جي نظر ھميشہ دل تي رهي آهي" ڪامل امداد جتوئي جو، " محسنن جي شناسائي ضروري آهي"، نعمت ﷲ جوڻيجو جو" ماڻهو سڀ نہ سهڻا پکي سڀ نہ ھنج" ،ارباب علي ميمڻ جو"، سڪ سرڪ جي "، صدرالدين ڪلهوڙو جو،" سنڌي ادب ۾ جيجل جي ٻولي سمايل آهي " نادر حسين جوڻيجو جو، " پير پروڙي کڻ " سرفراز علي جتوئي جو، " مختصر تعارف" شرف الدين مغيري جو" تصويرون زندگي جو حصو آهن، "صفدر علي مھيسر جو ،" خود اعتمادي " جيئل اوڏ جو،" تحقيقي سفر پيار ۽ درد ۾ سمايل آهي، " اعجاز سولنگي جو، " دنيا ڪردار ۽ پاڪيزگي کي اهميت ڏني ٿي، " عيسي ميمڻ جو، " اسان کي پاڻ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، " سهراب گوپانگ جو،" منهنجو مختصر تعارف زندگي جو", محمد ايوب شيخ جو, " درد زندگيءَ جو اهم حصو آهن ۽ " ساگر ساجد علي مغيري جو، " نوجوان شاعر ۽ ريڊيو لسنر" جي محبتن ڀري سرفهرست سان سڀ جو سڀ سيلف انٽرويوز ساھ ۾ سانڍڻ جهڙا آهن. ڪتاب جو ٻيڪ ٽائيٽل نوجوان اديب ساجد مسڻ لکيو آهي۽ ٻہ اکر هن ڪتاب جي ليکڪ مرتب محقق فقير محمد سنڌي جا لکيل آهن. سيلف انٽرويوز تي مشتمل هي سنڌي ادب جو شاهڪار ڪتاب ليکبو. قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. سيلف انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب " خود شناسي " سڀ ادب دوستن کي پڙهڻ گهرجي ۽ پنهنجو مشاهدو، مطالعو وڌائڻ گهرجي.
خود شناسيءَجي مرتب فقير محمد سنڌي ڇا تہ پنهنجي سوچ ويچار سان مختلف شخصيتن جي سوچ کي سهيڙيو آهي ۽ الڳ الڳ عنوان ڏئي محبتن جي مشاهدي سان ماپيو آهي. شال فقير محمد سنڌي ،سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي سدائين خدمت ڪندو رهي وک وک تي پنھنجون ڪاميابيون سهيڙيندو رهي.