• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيئن 9/11 کان پوء دنيا ئي بدلجي وئي، Covid-19 کان پوء اسانجي انٽرٽيينمينٽ ميڊيا جو تصور به بدلجڻ لڳو، ادارا Online ٿي ويا،

Sindhi Media

سينيئر رڪن
*پارٽ چوٿون*
حالنڪ جيئن 9/11 کان پوء دنيا ئي بدلجي وئي، Covid-19 کان پوء اسانجي انٽرٽيينمينٽ ميڊيا جو تصور به بدلجڻ لڳو، ادارا Online ٿي ويا، شاگرد ۽ ملازم Work From Home ڪرڻ لڳا۔

سنڌي فلمن سوپ ڊرامن ۽ چئنلن تي جاهلن ۽ جهالتن جو جو جيڪو دئور، ڌاڙيلي، موالي، ، وڏيرو ڪمدار، پوليس ڪلچر جون لکڻيون آڻي "سنڌي تهذيب ۽ زبان جي تباهيء، نئين نسل کي ويتر اڻ پڙھ، جهالت ۽ وڏيرن ڪامورن جي غلاميء، انهن جي شباب ۽ شراب بي پيگن ٺاهڻ تي مامور ڪري گهريلو فرض ادا ڪرڻ کان روڪڻ جي ترغيب ڏئي، انهن لاء لوفرپائي گروپن جو حصو بڻائي، زير نه ٿيندڙ شريفن کي دٻائي رکڻ، وري مٿان ڪاروڪاري ۽ سامن جي جوان پٽن هٿان بيحرمتي ۽ وڏيرن جي خاموشي، ڪم چوري، ٽوپي نرڙ تي ٽوپي رکي انا پرستي، غرور ۽ تڪبر جو جيڪو سلسلو هو، چينلن يا انهن جي پروگرام مينيجرن/ڊائريڪٽرن ۽ اڪاؤنٽنٽ سان ملي ڀڳت ڪري فنڪارن جي ڪم اجوري ۽ سڻنڀن ڊائريڪٽرن جي ذاتي فنانس سان جيڪا ڊرامان ٺهندا آهن۔

چينلن تي مڪمل ڪارو راڪاس گهمي ويو ۽ صرف همخيال هم سوچ فنڪارن جا گروپ جڙيل آهن۔ جتي شروعاتي دئور ۾ PTV وانگر اينٽري ڪانه ملندي هئي، ۽ اها ٻي ڳالھ آهي ته *مقافات عمل* ته ٿيڻو آهي چند ڏينهن جي چاندنيء کي اجهامڻو پوي تو۔

ان مصافات عمل تحت جن چئنلن تي آيل گروپن، چينلن جي پايونيئرس کي ڌڪي ٻاهر ڪڍارايو، ٻين فنڪارن جي اينٽري روڪي، مالڪن پوء انهن کي به بيروزگار ڪيو ته هنن جا واويلا شروع ٿي ويا، حالنڪ هو عارضي جڙيل هئا۔ واويلا اهي ڪن ها، جن چئنلن کي اٿاريو هڪ ٻار مان بالغ ڪيو، جڏنهن انهن جي رورارڊ جو موقعو آيو، سازشي گروپن انهن کي ڦٽي ٻاهر ڪرايو۔

ظاهر آهي ٻين لاء کڏون کوٽيندڙ گروپ پاڻ ئي انهن کوٽيل کڏن ۾ ڪرندا ويا ۽ واويلا ڪندا وتن (مقافات عمل)

حاصل مطلب ڪووڊ کان پوء جيڪو آن لائين سلسلو هلڻ شروع ٿيو، سوشل ميڊيا جي ميڊيم اپليڪيشن انهن سڀني کي ڪيش ڪري ورتو۔ چينل ويران ٿي ويا، هر ڪنهن پنهنجا ملٽيپل چينل کولي مونٽائيز ڪرائي هن وقت "ٿوم مان بصر" ٿي چڪا آهن۔

ڪڇئي ۽ سهي جي ڪهاڻي شايد نون فنڪارن کي ڪنهن نه ٻڌائي هجي، پر اسانجي هيء "آنلائين ورچوئل اڪيڊمي" Work From Home يا Online ڪلاسز کي "سوليووڊ پروڊڪشن پبليڪيش ۽ ريسرچ سينٽر" جي پليٽ فارم تان "ڪڇوئن جي چال" تي هلي پئي ۽ اڳتي هلي هڪ "آن لائين ٽريننگ سينٽر" بدل "ناٽڪ ٿيٽر آرٽ سرڪل" ڪم ڪندي ۽ پروجيڪٽ ڊزائين ٿين پيا۔

هي ڪوشش اسان ڏتڙيل فنڪارن جي تنظيم "مليحا" جنهن ۾ نون ۽ جونيئرس جي اڪثريت ۾ شرڪت آهي انهن جي سکيل لاء پيا ڪريون، ڇو جو جيڪي سڻنڀن لاء سنڻڀن تنظيمون جوڙيون آهن انهن ۾ اينٽري وٺڻ لاء سرمايو گهرجي يا شناخت ڪيش ٿئي۔ هڪ تنظيم "بيروڪريٽس" اڪثريت تي آهي ته ٻي دبئي ياترين تي، ٻئي سرمائيدارن جون تنظيمون آهن جنهن کي توهان ڏسي محسوس ته ڪري سگهوٿا پر ڇهي نٿا سگهو۔ ان ڪري ڏتڙين لاء ڏتڙيا تنظيم سان جڙڻ بهتر فيصلو آهي۔
(جاري آهي)
 
Back
Top