• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شايد ڪو اهڙو ڪردار رهيل هجي جيڪو ڊائريڪٽرن مونکان ادا نه ڪرايو هجي۔

Sindhi Media

سينيئر رڪن
لش کان شروع ڪي ڪي جي وفات تائين مان بطور جن به سنڌي اڙدو ڊرامن ۾ ڪم ڪيا، شايد ڪو اهڙو ڪردار رهيل هجي جيڪو ڊائريڪٽرن مونکان ادا نه ڪرايو هجي۔

مون هميشه ترجيحي طور سنڌي ميڊيا ۾ انهن سنڌي ليجنڊري سليڪلٽيڊ ڊائريڪٽرن سان ڪم ڪيو جيڪي ڪم ۾ انتهائي سنجيده، ۽ ايگزڪٽو ڪلاس جا هئا، ڇو جو مان پاڻ ايگزيڪٽو هوس ته انهن جي ڊائريڪشن ۾ ڪم ڪري ڪمفرٽيبل محسوس ڪندو هوس، ڪن غير سنجيده ڊائريڪٽرن اگر انگيج به ڪيو هو ته سيٽن تي ٽرڙائپ رکندڙ ۽ غيرسنجيدگي فطرت وارن ۽ جيڪي فيميل فنڪارن سان Lust جهڙيون گفتگو ڪري آپي کان ٻاهر نڪري ويندا هئا اهي حرڪتون ڏسي اهو مليل ڊرامون ڪرڻ بنان واپس موٽندو هوس۔

ڊرامي کي مون شؤق طور اپنايو نهىڪه روزگار سمجهي، ان ڪري ڪڏنهن به ڪنهن چينل يا ڊائريڪٽر کان ڪردار جو اجورو نه ورتو ماء سواء موٽ ۾ عزت جي۔ حالنڪ الاهي ڊائريڪٽر جيڪي فنانشيلي ساؤنڊ نه هوندا هوا يا جن چينلن تان انهن کي رڪمنڊيڊ بجٽ ليٽ يا مڪمل نه ملندي هئي انهن جي فنانشل سهولتڪري به ڪندو هوس۔

۽ انهن جون به ايڪٽ لاء پيسا وٺڻ کان علاوه خواهشون گهرون پڻ پوريون ڪندو هوس جن دوست بڻجي ڊرامون ته ڏنو پر ڪڏنهن اهو چئي پرس کولي ٻڌن پئسن جو چئي اڌار نال ٽيڪسيء جو ڀاڙو انهن فيميل فنڪارن لاء ورتو جن کي، اڪيلو کائڻ، بهتر، اسپيشل، ٽيم کان علحده، باربي کاڌي جي تمنا رهندي هئي ۽ گهر واپسيء لاء ٽيڪسي، اهو بل به مروت ۾ سدا ڪيم، نه واپس گهريم نه گهرندڙ ڊائريڪٽر موٽايو۔

البته ڪن جن دوست نمان بڻائي، پارڪر پين جي فرمائش ڪئي يا ڪنهن سٺي هوٽل ۾ ماني کارائڻ جي اها دل جان سان ڪيم ته داڻي داڻي ته تب انهن لاء رزق ڏي ٿو۔

ڳالھ مڙئي ڳڙ، تازو منهنجي ساٿي ڊائريڪٽر حسين شاھ راشدي جن سان ايسوسيئيٽ ڊائريڪٽر يا ڪو ڊائريڪٽر بڻجي هٿ ونڊايم ۽ جيڪو وري ڪنهن چينل جي سيريل کڻي ميدان تي جلد ئي اچڻون آهي، وري گڏ جڙڻ جي آفر ڏيندي سنڌي ڊرامان سيريل "ڪچي ڀت" جنهن ۾ منهنجو "ڪمدار جو ڪردار هو جيڪو جيڪا لوگو تي به تصوير لڳل آهي جيڪو ڪچي ڀت ۾ ظالم ڪمدار هو ۽ مقافات عمل تحت آخر ۾ چريو ٿي پوي ٿو ان هڪ چرئي جو سنيپ موڪليو آهي اهو شيئر ڪريان ٿو۔

پر ها علي اڪبر پٺاڻ نالي هڪ بهترين ڪلاس ون سپر ڊائريڪٽر به سنڌي ميڊيا جو حصو هو، جنهن جي گهڙن ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ "ڏهاڳڻ" جي تيرهن لانگ ايپسوڊ ۾ ڪم ڪيم۔ هي اهو واحد ڊائريڪٽر آهي جيڪو سين تيار ڪري پوء گهر يا آفيس ۾ ٽيڪسي موڪلي سين ڪرائي فورن انهيء ٽيڪسيء سان گهر يا آفيس موڪليندو هو ۽ نه صرف ٽيڪسيء جو ڀاڙو پاڻ ادا ڪندو هو پر هر سين ڪرائڻ کان پوء نه چاهيندي، نه وٺندي بهىڪڏنهن ٻهڌهزار ڪڏنهن ٽي هزار زبردستي هٿ ۾ وجهي پوء موڪليندو هو۔ ٽيڪسيء مان لهڻ وقت يا واپس وڃڻ وقت سيٽ ڇڏي سر چئي ويلڪم ۽ الوداع ڪندو هو جيئن ڪنهن ايگزيڪلٽو آفيس اسٽيٽس رکندڙ ايڪٽر کي پروٽوڪول ملندو آهي، باقي کلون لاهڻ ۾ پورا هوندا آهن ۽ اسين شؤقين مروت ۾ سهندا رهياسون۔
 
Back
Top