• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انهن سنڌي نصاب، ادب جي هيرو "نثر، شاعري" ۽ " اهم ۽ مشڪل سبجيڪٽ "تنقيد نگاري" جنهن تي آڱرن تي ڳڻن جهڙا لکياري مهارت رکن ٿا

Sindhi Media

سينيئر رڪن
انهن سنڌي نصاب، ادب جي هيرو "نثر، شاعري" ۽ " اهم ۽ مشڪل سبجيڪٽ "تنقيد نگاري" جنهن تي آڱرن تي ڳڻن جهڙا لکياري مهارت رکن ٿا، ڇو جو "ولین سازي" نمان کردارن جو نکار چاهي ”اصلاحی هجي يا غير اصلاحي" کي لکڻ ئي درحقيقت ادب ۾ لکت جو فن چڏبو آهي، ان ڪري جو هيرو يا سپورٽ نما سڀني ڪردارن کي اهو ڪريڪٽر گهمائيندو آهي، آفيسن يا تنظيمن جي ميٽنگن ۾ به جڏنهن اها ڪردار نگاري عمل هيٺ هوندي آهي ته گهڻن جون گٿيون سڙي خاڪ ٿي وينديون آهن، پر اهو ڪردار پرفارم ٿي هڪ ميسيج جو روپ وٺندو آهي جيئن توهانجي "ون لائين)۾

سلطان رهي تڏنهن هڪ ڪامياب هيرو بڻيو جڏنهن مصطفي' قريشيء جي ولين ڪردار هن کي سپورٽ ڏني۔

ته ڪهاڻيڪار يا ڊرامان رائيٽر جو باقائدي ان ادب جي شعبي ۾ گريجوئٽس هئڻ لازمي هوندو آهي، نان گريجوئٽس يا هيٺيئن پرائمري ليول جا لکياري جن جو ادب شعبو ئي ناهي هوندو جڏنهن اسڪرپٽ لکندا آهن ته ان ۾ گهڻيون رمضون شامل ناهن هونديون اهڙا گهڙان رائيٽر هڪ ننڍي سبجيڪٽ کي اينگهائي سيريل ۽ سوپ لکي "جهالتن ۾ گهسيڙيل ٽهيء" کان شهرت ته وٺن ٿا پر سنڌ جو پورو سماج تباھ ۽ برباد ڪريو ڇڏين، ٿوريخ جو رخ موڙرو ڇڏين، قوم کي جهالتن ۾ ڌسايو ڇڏين۔

ته ڪهاڻيڪار يا ڊرامان رائيٽر اسڪرپٽ لکياري يا رپورٽر، صحافي، تجزيانگار بڻجڻ کان پهرين هي ادبي نقطو ذهن نشين ڪري ڇڏيو ته توهان ڪهاڻيڪار آهيو يا ڊرامان اسڪرپٽ رائيٽر يا صحافت سان تعلق رکندڙ رپورٽر، صحافي، تجزيانگار اهڙين لکتن جو مڪمل هئڻ پنجنن گرن (W's) ۽ هڪ H تي ڊپينڊنٽ رکڻو آهي، پوء ڀلي انهن گرن کي اڳيان پويان (فليش بيڪ) ڏئي سسپينس ڪريئيٽ ڪندا رهو، وائيس اوور سان پڇتاء جو ميسيج ڊيليور ڪندا رهو۔ اهي ڪهاڻيء جا ڇھ گر هي آهن
١۔ ڇا ٿيو (واٽ)
٢۔ ڪٿي ٿيو (ويئر)
٣۔ ڪڏنهن ٿيو (وين)
٤۔ ڪنهن ڪيو (هو)
٥۔ ڇو ڪيائين (واء)
٦۔ ڪيئن ڪيائين (هاؤ)
 
Back
Top