• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مرزا قليچ بيگ جي مضمون نويسي (هڪ مطالعو)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
614f64a6a1a25.jpg

مرزا قليچ بيگ جي مضمون نويسي (هڪ مطالعو)

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ


قليچ صاحب علم ۽ ادب جو شروع کان ئي شوقين ھو. کين اھو اعزاز حاصل آھي تہ ھن سنڌي ادب جي ڪيترين صنفن ۾ اول لکڻ جي نئين روايت وڌي، انهيءَ ڪري ھُو نثر جو ابو ۽ جديد ادب جو باني سڏجڻ لڳو. سندس دور ۾ ڪيترائي ھندو عالم ۽ اديب لکندڙ ھئا جيئن ديوان ننديرام، ديوان اڌارام، ديوان ڪيولرام، ڀيرومل مهرچند، پرمانند ميوارام ۽ ٻيا، پر مرزا صاحب جي رفتار کي ڪوبہ رسي ڪونہ سگهيو.
مضمون نويسيءَ جي حوالي سان مرزا قليچ بيگ ڪيترائي مضمون لکيا جي انهيءَ وقت جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا تہ گڏوگڏ خاص مضمونن جي مڪمل ڪتابن لکڻ تي ڌيان ڌريائين. سندن مضمونن جي اھڙن ڪتابن ۾ مقالات الحڪمت 1877ع، علامات القرآن 1888ع، زمين کي پوکڻ جو علم ۽ ھنر ، حشرات الارض 1895ع، خودياري . 1901ع، تهذيب الاخلاق (اخلاقي مضمون جيئن نيڪي، احسانمندي، فرض شناسي، خدا شناسي، خود خيالي، علميت، ضعيفائي، ڏک سک ۽ ٻيا آھن). 1913ع ۾ پڌرو ٿيو. حاجتمندي سان طاقتمندي 1906، ايمر سن جا عجيب نڪتا 1914ع، استاد جي قدمن وِٿ 1923ع، تعليم حڪمت 1890ع، اصول علم دستورالمعاش 1888ع، ڏاڙهياري جبل جو سير (سفرنامو/طويل مضمون)، جواھرالاسلام (سوانحي مضمون) 1926ع، ٿياسافي 1912ع ۽ ٻيا ڪتاب آھن. جن جا موضوع فلسفو، زراعت، معاشيات، تاريخ، حڪمت، مذھب، اخلاق، تعليم، سماجيات، سائنس، سير ۽ سياحت آھن.
ھُن موضوع جي وضاحت لاءِ ڪيترن ھنڌن تي پنھنجي لکڻين ۾ شاھ عبدالطيف، حافظ، رومي ۽ سعدي جي شاعريءَ سان گڏ پنھنجي شعرن جا مثال، پھاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح مضمونن کي وزنائتي بنائڻ لاءِ آندا آھن. جن سان انهن مضمونن جي علميت، افاديت ۽ ادبي اھميت وڌي.
تقريرون ۽ تحريرون: مرزا صاحب جي مختلف موضوعن تي لکيل مضمونن ۽ مقالن جو پھريون جلد 1970ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. جنهن ۾ ڪل تيرنهن تقريرون ۽ تحريرون آھن. جن جا عنوان سنڌي شعر، شعر جو شوق ۽ شان ، اسلامي تعليم نامو ، صوفين جي ديوانگي ۽ مغربي حالت ، اسلام جا ٽيهتر فرقا ، جسماني ورزش ، عالمگير مذھب ، انسان جا محافظ ، موت کان پوءِ حياتي ، اسلام ۾ علم جي ڳولها ۽ ٻيا آھن.
مقالات الحڪمت: قليچ بيگ نامور فرانسيسي اديب ۽ عالم، لارڊ بيڪن جي ڪتاب تان ترجمو ڪيو. فرانسس بيڪن (1621-1561ع) پنھنجي وقت جو مشھور عالم ھو، ھي ڪتاب بيڪن جي زندگيءَ ۾ انگلينڊ ۾ ٽي دفعا ڇپيو ۽ پوءِ بہ بار بار ڇپيو آھي، دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿيو آھي. فرانسس بيڪن 58 فلسفي جي موضوع تي مضمون 1597ع کان 1621ع تائين لکيا. جن کي Dispersed meditation جو نالو ڏنائين ۽ عام طور انهن مضمونن کي بيڪنز ايسيز چوندا آھن. مرزا صاحب ھنن مضمونن کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس ڍڪائي مقالات الحڪمت جو عنوان ڏنو. ھن ڪتاب ۾ لارڊ بيڪن جي حياتيءَ جي باري ۾ پڻ احوال آھن.
مقالات الحڪمت: 48 مضمونن تي مشتمل 236 صفحن جو اھم موضوعن تي انساني زندگيءَ جو اڀياس آھي. پراڻن ادبي فن پارن کي وري ڇپائڻ جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو جيڪو اشاعتي سلسلو ھليو ھيءُ ڪتاب انهيءَ رٿا تحت پھرين 1958ع ۾ ڇپيو. پوءِ 1972ع ۾ ۽ پوءِ ڇپجندڙ رهيو آھي. ھي مضمونن جو ڳٽڪو سنڌي ادب جو پھريون مضمونن جو مجموعو موضوع جي نواڻ جي ڪري اھميت جوڳو آھي، ھن ڪتاب ۾ انساني زندگيءَ جا احساس، مذھب لاءِ سوچون، ڀرم ۽ طبيعتن جا رجحان کولي ٻڌايا ويا آھن ۽ حڪمت جا قول ۽ اخلاق جا فلسفا سمايل آھن.
سڀ کان پھرين لفظ حڪمت جي سمجھاڻي ڏني ويئي آھي، مترجم لکي ٿو تہ فيلسوف معنيٰ ڏاھپ کي پيار ڪندڙ ’فيثاغورث‘ حڪيم پاڻ کي سوفاس يعني ڏاھو چوائڻ جي بدران فيلسوف يعني ڏاھپ کي پيار ڪندڙ سڏايو. ھن ڪتاب ۾ حڪمت جا قسم بيان ڪيل آھن ۽ حڪمت جي باري ۾ نقشو پڻ ڏنل آھي. ڪنهن بہ شي جي اصل بابت ڄاڻ، فڪر ۽ سوچ ئي اصل حڪمت يا ڏاھپ آھي، معقول ڳالھ يا عميق ۽ سنجيدو نقطو ئي حڪمت آھي. سچ جي وضاحت ھن ريت آھي، دنيوي سچ جو مطلب آھي، دنيا جي وهنوار ۽ ڪم ڪار ۾ سچ ڳالهائڻ، ھي ڳالھ سڀڪو ماڻهو مڃيندو آھي تہ راستباز ۽ سنئين ھلت ڪرڻ مان، انسان جي طبيعت ۽ ذات جو شرف ظاھر ٿئي ٿو. ڏنگي ھلت ۽ ورن وڪڙن واري چال، رڳو سپن ۽ نانگن کي ٺھي ٿي، جي پيرن تي نٿا ھلن، پر پيٽ ڀر گيسيون کائي ٿا رڙهن .
ليکڪ موت جي حقيقيت لاءِ لکيو اٿن ته، وير موت تي فتحياب آھي، عشق موت کي ليکي بہ نٿو، جيئن چيو اٿن عاشق سودو سر جو پايو وتن پاند ننگ ۽ ناموس موت ڏي وڃڻ جي خوشي ٿو ڏيکاري، ڏک موت ڏانهن اڏامي وڃي ٿو .
ھن ڪتاب ۾ زندگيءَ جي خاص زُخن تي ويچار ونڊيل آھن، دوستيءَ جي رشتي کي اھم ڄاڻايو ويو آھي ۽ چيل آھي ته، سک ونڊڻ ۽ حال ڀائي ھئڻ جي ڪري ڏکن جو بار اڌو اڌ ٿي وڃي ٿو. مايا خرچ ڪرڻ جا ڪھڙا ماپا آھن ۽ زندگيءَ ۾ خرچن جي برابري ڪيئن رکڻ گهرجي؟ ماڻهوءَ کي پنھنجي بجيٽ تي ضابطو ڪيئن ھئڻ کپي؟ تندرستيءَ لاءِ ڪھڙا ضروري اصول آھن؟ شڪ ۽ گمان انساني زندگيءَ لاءِ ڪھڙي ريت ھاڃيڪار آھن؟ گفتگو جو فن ڇا آھي؟ بي جا ڳالهين کان ڪھڙي ريت پاسو ڪرڻ گهرجي؟ دولت جمع ڪرڻ ۾ وياج پڪو ۽ آسان طريقو آھي پر منجهائس ڪھڙا نقصان آھن؟ زمينن جي آبادي ۽ ٻنيون ٻارا ھئڻ سان انسان وياج کان بچي ٿو. اھي سڀ ڄاڻايل آھن، سفر ڪرڻ بابت پڻ اھم ويچار ڏنل آھن، سفر کي جوانن لاءِ تعليم ۽ پوڙهن لاءِ آزمودو سڏيو ويو آھي. انساني سڀاءُ جي خامين، وير وٺڻ، حسد ڪرڻ، بحث ڪرڻ، شڪ ۽ گمان رکڻ، ڪاوڙ يا چڙ سان نقصان ملڻ کي کولي سمجهايو ويو آھي. پيار، محبت، تعليم جي اھميت، نصيب يا بخت، عزت ۽ آبرو ۽ سليقي جي اٿ ويھ، ديني اتفاق، اولاد ۽ والدين جي رشتي جي اھميت ۽ ٻين انيڪ عنوانن کي موضوع بنائي زندگيءَ جا اصول ۽ فائدا سمجهايا ويا آھن. ڪجھ مضمون حڪومت ۽ حڪومتي نظام ۽ انهن جي آس پاس جي اميرن جي زندگيءَ جي نشاندھي ڪن ٿا، ملڪ ۾ فساد ۽ وڳوڙ کي روڪڻ لاءِ اپاءَ ڏسيل آھن، حڪمرانن کي عوام سان رابطي، مهل ڳالهائڻ ۾ عقلمنديءَ جي ھدايت ڪيل آھي، ملڪ جي انتظام تي ڌيان ڏيڻ لاءِ ھدايتون آھن،
ھن ڪتاب جي علمي ۽ ادبي اھميت سرس آھي: مقالات الحڪمت جا مضمون واقعي حڪمت ۽ ڏاھپ جا قول آھن. ڪتاب جي ٻولي وڻندڙ ۽ سليس نثر آھي. مضمونن جي ترتيب تمام مناسب آھي، مرزا صاحب تقريباً ٽيھ فارسي ۽ عربيءَ جا شعر ۽ ڪيترائي عربي ۽ فارسي قول ڏنا آھن. مرزا صاحب کي عربي ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل ھو، جو ھن ڪتاب مان ظاھر ٿيئي ٿو. ھن ڪتاب ۾ جيڪي سنڌي پھاڪا، اصطلاح ۽ چوڻيون موجود آھن،
جيڪڏهن قليچ صاحب ھن مضمونن جي ڳٽڪي ۾ شاھ جي رسالي جي بيتن مان چونڊ بيت ڏين ھا تہ وڌيڪ دلڪشي پيدا ٿئي ھا، منهنجي نظر ۾ انساني زندگيءَ جي اڀياس تي، شاھ جي رسالي ۾ بهترين بيت موجود آھن. باقي نثر جي خوبين جي حوالي سان ھڪ ڪارائتو مضمونن جو مجموعو آھي.
انهيءَ کان سواءِ پکي جي عنوان سان مرزا مضمونن جو ڪتاب لکيو جوٽن ڀاڱن تي مشتمل آھي. 1898ع ۾ ڇپيو. علم الحيوان بابت سندن معلوماتي مضمونن تي مشتمل ڪتاب حشرات الارض 1895ع، سرندڙ ساھ وارا 1895ع ۽ عالمِ آبي مڇين بابت 1916ع ۾ شايع ٿيا ھن پکي ڪتاب جي ٽن حصن ۾ گھر ۾ پالجندڙ پکي، جهنگلي پکي، سنڌ جا پکي مضمون آھن. جن ۾ پکين جون ٻوليون، رهائش، آنا ۽ خصلتون ڄاڻايل آھن. ڪانءُ، جهرڪيون، تتر، چڪور، ڪبوتر، بدڪ، ڪڪڙ، ڪونج، قمريون، فيل مرغ ۽ ٻين پکين تي ھيءُ ھڪ گهڻو معلوماتي ڪتاب آھي.
ڏاڙهياري جبل جو سير: رائل سائيز جي اٺاويهن صفحن تي مشتمل ڪتابچو سنہ 1900ع ۾ منشي پوڪرداس ٿانورداس، تاجر ڪمپني شڪارپور سنڌ جي ليٿو ۾ اسلاميه پريس لاھور مان ڇپايو.
ھي ڪتابچو ھڪ ڊگهو تحقيقي مضمون بہ شمار ڪري سگهجي ٿو، مرزا قليچ بيگ 1885ع ۾ پنھنجي ڏاڙهياڙي جبل جو سير جو احوال ڊائريءَ جي صورت ۾ لکيو، جيڪو سن 1900ع ۾ پھريون دفعو پوڪرداس شايع ڪيو ۽ پوءِ سن 1970ع سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيو.
حاصل مطلب مرزا صاحب جي مضمونن جا موضوع گوناگون آھن ھن ادبي، علمي، مذھبي، اخلاقي، سائنسي، زرعي، روحاني، معاشي سائنسي، معلوماتي، قانون ۽ شاعريءَ بابت ٻين ڪيترن موضوعن تي مضمون لکيا.
 
Back
Top