• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دادوءَ جو دلير شاعر استاد بخاري

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
6037718444cc1.jpg

دادوءَ جو دلير شاعر استاد بخاري

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ


16 جنوري 1930 تي ڳوٺ غلام چانڊيو ضلعي دادو ۾ جنم وٺندڙ قديم ۽ جديد شاعريءَ جو وڏو نالو استاد بخاري سنڌي شاعريءَ جي اُڀ تي چمڪندڙ تارو سڏيو وڃي ٿو، ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ دنيا جي ادب ۾ جو انقلاب آيو انهي جو اثر سنڌي شاعري تي پڻ پيو، ڪشنچند بيوس جي جديد شاعريءَ جي شروعات کان پوءِ شيخ اياز ھڪ نئون فڪر ۽ نئون جذبو سنڌي شاعريءَ کي ڏنو سندس ھم عصرن ۾ تنوير عباسي ۽ استاد بخاري کانئس گهڻا متاثر ٿيا. استاد بخاري گهڻو لکندڙ عوامي، انقلابي ۽ قومي شاعر شمار ٿيو سندس شاعريءَ جا ٻاويھ مجموعا شايع ٿي چڪا آھن، جن مان اٺ کن سندس حياتيءَ ۾ ڇپيا. ڇٺيءَ جو نالو پنهل شاھ ھئس ۽ داخلا موجب احمد شاھه، پاڻ استاديءَ جي پيشي سان لاڳاپيل ھئڻ ڪري پنھنجو تخلص استاد رکيائين. شروع ۾ پرائمري استاد ۽ پوءِ ايم اي سنڌي ڪرڻ کانپوءِ سنڌيءَ ۾ ليڪچرر ۽ آخر ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي 1990ع ۾ ريٽائر ٿيو، پھريون ڪتاب، گيت اسان جا جيت اسان جي 1971ع ۾ ڇپيو پوءِ ھن جا ڪتاب مستقل ڇپبا رهيا.
استاد بخاري شاعريءَ جي ڪيترين ئي صنفن ۾ لکيو سندس غزلن ۽ گيتن جي گونجار ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي ھميشه رهي. چئو سٽا خاص ڪاوش اخبار معرفت گهڻو مشھور ٿيا، ھن ڌرتيءَ سان پنھنجي عشق جو ناتو جوڙيو سندس شاعريءَ ۾ ھيٺين طبقي جي محرومين، بکن، بيوسين، لاچارين جي عڪاسي آھي، ھُو انسان دشمن ماڻهن جي عياش زندگيءَ کي نندي ٿو.

آئون ڪيئن سيج سمهان، منهنجا ماروئڙا پڌري پَٽَ سمهن،
تنھنجي ميزن تي طرحين طرحين طعام اچن، کائن ڪانگ ڪتا جوٺا جام بچن
آئون ڪيئن لوڻ چکان، منهنجا ماروئڙا بکئي پيٽ سمهن.

استاد جي شاعري مسلسل جذباتي اٿل آھي، سندس قومي جذبو ھر جذبي کان مٿانهون آھي، چوي ٿو تہ،

ٺيڪ ناھي وقت جا عالم پناھه،
ڪنهن بہ پوريءَ قوم تي ڌاڙو ھڻڻ،
ڏس! نٿي تاريخ بخشي ھي گناھه،
کوهه تان ھڪ ٻانهن ٻوساٽي کڻڻ.

وقت جي آمرن خلاف چوي ٿو تہ،
دل منهنجي درد جون ٽوليون
دادوءَ جي ڌاڙيلن وانگر،
راڳ گهريو مون، گونجيون گوليون
ڀاڳ رُليو ڀاڳيلن وانگر.

موضوع جي لحاظ کان دادوءَ جي ھن دلير شاعر وٽ موضوعن جي بہ ڪمي ڪانھي، ھن وقت سان ھلندڙ ھر موضوع پنھنجي شاعريءَ ۾ آڻي سنڌ جي ادبي، سياسي، سماجي ۽ معاشي تاريخ پنھنجي شاعريءَ معرفت رقم ڪئي، ھن سنڌي قوم کي بھادريءَ ۽ ھمٿ سان جيئڻ جا گَسَ ڏسيا، وطن دوستي، حسن پرستي، عشق ۽ آزادي، جھد، جاکوڙ ۽ ٻيا ڪيترائي موضوع ڏنا.

مخدوم بلاول جي شھادت، روپلو ڪولهي، سنڌالاجيءَ جو باھ جو واقعو، 1986ع ۾ پٺاڻن ۽ مهاجرن جو ڪراچيءَ جو جهيڙو، فاضل راھوءَ جي شھادت، مير جعفر غدارِ وطن، مياڻيءَ جي جنگ، ارغون ۽ سمن جو دور، سنڌ جي ڪيترن عالمن ۽ اديبن کي مڃتا ۽ ٻيا ڪيترا بيان سندس شاعريءَ جو حصو آھن، ارغونن ۽ سمن دور جي حوالي سان لکي ٿو تہ،

ڌرتيءَ جا غدار، ڌارين جا ڌوتا ٿيا،
غيرت جا دشمن دلا، دولت جا دلدار،
لعنت جا حقدار، تاريخن ٿوڪي ڇڏيا.
ھن رومانوي شاعريءَ ۾ پڻ سھڻو شعر چيو آھي، ھو زندگيءَ ۾ رنگ ۽ خوشيون ڀريندڙ شاعر رهيو. حياتيءَ جي اسرارن تان پردا کنيائين. سندس ذاتي زندگي ڏکن ۽ ڏولاون سان ڀرپور ھئي. آخري وقت ڪئنسر جهڙي مرض سان منهن مقابل ٿيندي ڪٽيائين پر سندس ويچار موجب حياتي جا ڏک سکن جي سونھن آھن، انهيءَ سان محبت اعليٰ ۽ آفاقي جذبو آھي، مايوسيءَ کي ننديندي چوي ٿو تہ،
ڪھرام ۾ ڪيئن اچي استاد آھين ڦاٿو،
ماتم ڪندو پٽيندو پنھنجي خوشي ٿو ڳوليان،
مقتل کان ٿورو اڳتي، محفل جو ڏس مليو آھي،
مان موت کي لتاڙيندو، زندگي ٿو ڳوليان.

بخاري زندگيءَ جو شاعر آھي سندس شاعري حياتيءَ لاءِ ھرکائيندڙ ۽ جيون جي جياپي ۾ اُمنگون پيدا ڪندڙ رهي.

عشق کي ھر شيءِ تي فوقيت بہ ڏئي ٿو تہ انهيءَ ۾ ڳرڻ پچڻ ۽ سڙڻ جو نقشو ھن ريت چٽي ٿو،
عشق آکاڙ جو سج آھي،
اڳيان بہ ساڙي پڇاڙي بہ ساڙي،
ڪو ڳري پيو، ڪو ڳري پيو ڪو ڀري پيو آھون،
تنھنجي پاڙي ۾ سڄي رات ستو ڪو ڪونهي.

عوامي شاعري: استاد ھميشه پنھنجي شاعريءَ ۾ عام عوام سان محبت ڪرڻ جو سبق ڏنو سندس شاعريءَ جو پاڙون سنڌي عوام جي دلين ۾ کتل آھن، ھن ھاڪاري شاعر پنھنجي مثبت رويي واريءَ شاعريءَ سان سنڌ جي چپي چپي کي عوامي لهجي ۾ پيش ڪيو ، نج ڳوٺاڻي ٻوليءَ سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، ڳوٺن شھرن، ندين نالن، ٻنين ٻارن، کي ھڪ نہ وسرندڙ منظر جيئن پنھنجي شاعريءَ ۾ اوتيو اٿس.
اُڀ تي بادل اڏرن ٿا،
ٻيڙين جا سڙهه ڦڙڪن ٿا،
رات ستارا، ڏينھن ڪنول،
جهومر جهومر جهرڪن ٿا،
چانڊوڪي ۾ چلڪي ڍنڍ،
ڪرڻا، ڪرڻيون کيڏن ٿا.

قوم کي پنھنجي حقن جي سڃاڻپ ڏيندي چوي ٿو تہ،
ھاڻي بہ جي نہ وٺندئو پنھنجي حقن جو قبضو،
کاڻين، ٻنين، ملن ۾ کاتن پڪن جو قبضو،
پوءِ سمجهو سِرَ تي ھوندو، ڌارين ڌڪن جو قبضو.

ھن پنھنجي ماڻهن کي بهادريءَ جا سبق ڏنا پر سندس موجب تہ فقط سوچڻ يا چوڻ سان ڪو بہ ڪم عملي شڪل نٿو اختيار ڪري سگهي، جيستائين ان کي پڄاڻيءَ تي نہ پھچائجي اسان کي سک سان نہ ويهڻ گهرجي.
سون بازار مان ڳنهي وٺبو آ،
فيض، رهبر کان پني وٺبو آ،
جو بہ سمجهيو تہ اوهان جو حق آ،
حق مڙسيءَ سان ڇني وٺبو آ.
ٽوڙهي ڦاٽڪ جو سانحو ذھن نشين ڪرائيندي
ھيڏانهن سوڍا سنڌ جا، ھوڏانهن قهر ڪٽڪ،
ڦٿڪي پيو ڦاٽڪ، ڦوارا رت جا ڏسي.

مارئيءَ جي اوٽ ۾ ھمٿائيندي لوهي ڪوٽن ڪڙن، زنجيرن ۽ زيرن جي ڊھڻ جي خوشخبري ڄاڻائيندي چوي ٿو تہ،
ماندي ٿي نہ مارئي، ڏسي ڪوٽ قلعا،
ٺھڻ، ڊھڻ دورجا، چالو سلسلا،
ايندا زلزلا، ڌڌڙ ٿيندا دٻدٻا.

استاد بخاريءَ جي شاعراڻي تربيت وقت جي حالتن ڪئي سندس شاعريءَ ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ جا عڪس آھن تہ موسيقيءَ جي شوق سبب شاعريءَ ۾ ترنم کي اھميت ڏنائين، ڪلاسيڪل شاعريءَ جي صنفن دوهو، بيت، سورٺو، وائي ۽ ڪافيءَ سان گڏ عروضي شاعريءَ ۾ غزل، رباعيون، قطعا، نظم بي حساب چيا اٿس. سندس شاعريءَ ۾ ترڪيبون، تجنيس حرفي، اصطلاح، تلميح، تشبيهون ۽ استعارا مطلب تہ شاعراڻيون صنعتون وڻندڙ ۽ ٺھڪندڙ انداز سان آھن، فني پختگيءَ جي حوالي سان سندس فن شروع دور جي شاعريءَ کان ڏينھون ڏينھن ترقي ڪندو ويو، ھم عصر شاعرن شيخ اياز، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، امداد حسيني، نياز ھمايوني، ھري دلگير جي شاعريءَ مان متاثر ھوندي بہ سندس ھڪ الڳ انداز رهيو، ھن سنڌ جي قومي مسئلن تي ۽ عام عوام لاءِ شاعري ڪئي سندس شاعري فڪري گهرائيءَ جو اعليٰ مثال رکي ٿي، شخصي طور نيڪ طبع جو مالڪ، ذھين ۽ حافظي جو تيز ھو، ننڍپڻ ۾ ڪافيون ۽ مولود ڳائيندو ھو، آواز سٺو سريلو ھئس تہ راڳ جي شوق کيس شاعريءَ لاءِ اُتساھيو. شاعرن جي سنگت ۾ اٿڻ ويهڻ محفلون ۽ مشاعرا، علمي ۽ ادبي ماحول پڻ سندس شاعريءَ جا محرڪ ھئا. سندس ڪتابن ۾ ڪوڪڻ ۽ ڪلياڻ ، ڪاري ڪڪر ھيٺ ، نہ ڪم نبريو نہ غم نبريو ، پير نہ ھٽن پوئتي ، اوتون جوتون ، وِلولو ۽ ووڪ ، گهڙياسي چڙهيا ، لهر لهر دريا ، ڳائي پيو جاڳائي پيو ، گلدستي ۾ گيت ، ماندي نہ مارئي ، ڪاري ڪڪر ھيٺ ، سوچون ڀڻڪا واڪا ، زندگي زندگي ۽ ٻيا آھن.
 
Back
Top