لاکين جو دڙو رڪ سنڌي

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سوجهرومنگي طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2009۔

  1. سوجهرومنگي

    سوجهرومنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    لاکين جو دڙو

    رڪ سنڌي

    ڳوٺاڻي ۽ شهري ثقافت سان واسطو رکندڙ 9 هزار سال آڳاٽو شهر لاکين جو دڙو سکر شهر جي سائيٽ واري علائقي مان تازو دريافت ٿيو آهي. (1) شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي قديم آثارن جي ماهر غلام مصطفى شر جي نگرانيءَ ۾ تازو هن شهر جي کوٽائي ڪئي وئي. هيءُ شهر 12 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي. هن قديم ماڳ کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي شعبي 1988ع ۾ ڳولي لڌو ۽ ابتدائي طور تي کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو. جنهن بعد 1994ع، 1998ع، 2000ع ۽ 2006ع ۾ کوٽايون ڪيون ويون. تازو جنوري 2009ع ۾ ٿيل کوٽائي مان وڌيڪ ثابتيون مليون آهن. ماهرن موجب هيءُ قديم ماڳ بلوچستان مان مليل ڳوٺاڻي ثقافت جي قديم ماڳ مهرڳڙهه جي زماني جو آهي. دنيا اندر ملندڙ سڀ کان قديم 3 شهرن ۾ هيءُ شهر به شامل آهي. جڏهن ته هن کان اڳ هن دور جو هڪ شهر بلوچستان ۾ مهرڳڙهه ۽ فلسطين ۾ جريڪو شهر آهي. اهي ٻئي شهر به لاکين جي دڙي جا هم عصر آهن. هيءُ ماڳ 9 هزار سال آڳاٽو يعني 7هزار سال ق م جي دور جو آهي. پکيڙ جي لحاظ کان هيءُ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قديم شهر آهي. هن وقت تائين دنيا اندر 12 چورس ڪلوميٽرن تي ٻڌل هن عمر جو ڪوبه قديم ماڳ هٿ نه آيو آهي. هيءَ قديم ماڳ 9 تهن تي ٻڌل آهي. هڪ ٻئي هيٺان 9 شهر دفن ٿيل آهن. هيءَ آبادي اتان جي رهواسين تباهه ٿيڻ بعد 9 ڀيرا وري ٻيهر اڏي اتي پنهنجي رهائش اختيار ڪئي. هن ماڳ جي هر تهه جي اوچائي ڏيڍ کان ٻه ميٽر آهي. ماهرن موجب هيٺين تهه جي آبادي پٿر دور سان واسطو رکندڙ آهي. جڏهن ته وچيون تهه ڳوٺاڻي ثقافت سان واسطو رکندڙ يعني 9 هزار سال آڳاٽو آهي. مٿين تهه جا آثار مشهور شهري تمدن موهن جي دڙي جي دور جا آهن. لاکين جي دڙي جي قديم آثارن مان مور جي شڪلين وارا پينٽ ٿيل مٽڪا، ڊزائن ٿيل مٽيءَ جون سرون، مٽيءَ جون ٺهيل چوڙيون، ننڍا گول مٽڪا، رانديڪا ۽ ٻيون شيون مليون آهن. کوٽائي دوران ڪجهه هڏا به مليا آهن. جڏهن ته هتان جي اهم دريافت شيشي ٺاهڻ جي فيڪٽري آهي. هتان لکتن جا به نمونا مليا آهن. اهي لکتون تصويري رسم الخط ۾ آهن.

    حوالا ۽ سمجهاڻيون:

    1. Daily Dawn, Karachi, 13 January 2009.

    2. روزاني ڪاوش، حيدرآباد، 14 جنوري 2009ع
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، بس مولا سنڌ کي شاد رکي آباد رکي، اگر آرڪيالاجي وارن کي خبر پئي، سون به ويندو ته سر به ويندو۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اهڙي قيمتي معلومات ڏيڻ لا۽ مهرباني ادا
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سنڌ واسيون سنڌ ۽ سنڌين جي خيريت لاءِ هردم دعا گهرندا رهو.
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    آمين ادا عبدالوهاب ڀاءُ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو