تعليمدان سائين غلام سرور ملاح جي سٺ سالا زندگيءَ جو سفر
تحرير: شيخ سنڌي
مون ڪٿي غلام محمد ميمڻ جھڙن آفيسرن کي پڙهيو جنهن ايوب جي قهري دور ۾ ايترو ته بھادري سان ملازمت ڪئي جو ايوب خان جھڙي فوجي حڪمران جي سانگهڙ واري زمين جي ڍل نه جمع ڪرائڻ تي ليٽر جاري ڪيائين ته ڍل نه جمع ڪرائڻ تي توهان جي خلاف گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪندس. ٻئي طرف پنھنجي 39 سال نوڪري دوران مون تعليم کاتي ۾ رشيد پٺاڻ، شفيع محمد راڄپر، خير محمد شھواڻي، الهبچايو خاصخيلي، صفر ڪڇار جھڙا بھادر ارڏا آفيسر ڏٺا انھن مان خاص طور تي سائين الهبچايو خاصخيلي ۽ صفر ڪڇار اھڙا آفيسر هئا جيڪي سخت پورهيو ڪري تعليم کاتي ۾ ماستري کان شروعات ڪيائون ۽ ڊائريڪٽر جي پوسٽ تان رٽائرمينٽ ورتائون انهن جيان منھنجو ھڪ مھربان ۽ ڏاهو آفيسر سائين غلام سرور ملاح به آهي، جيڪو بنيادي طرح هيٺئين طبقي مان محنت ڪري هاءِ اسڪول استاد جي نوڪري کان شروعات ڪئي ۽ ڊائريڪٽر جي پوسٽ تان رٽائر ٿيو. سائين سان منھنجي ملاقات 2008 ۾ تڏهن ٿي جڏهن سائين ملاح صاحب ڪوٽڙيءَ ۾ بحيثيت اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (اي ڊي اِي او) ڪوٽڙي ۾ منھنجا آفيسر ٿي آيا، پر آئون سائين جي نالي کان اڳ ئي غائبانه طور ان حوالي سان واقف هئس ته سائين جو ادب سان گھرو تعلق هو ۽ پاڻ ڪوٽڙي ادبي سنگت جي هڪ اڌ گڏجاڻي ۾ به ڏٺا ويا هئا، ڇو جو پاڻ پڙهائي واري زماني ۾ سنڌي ادبي سنگت سيتا ۾ سيڪريٽري به رهيا ۽ سندن ادبي لکڻيون ياسر ملاح نالي سان شايع ٿينديون رهيون. مون سندس ماٺيڻي طبيعت ۾ لڪل صلاحيتن جو تڏهن اندازو لڳايو جڏهن هن تعلقي ڪوٽڙي جنھن ۾ ٿاڻو بولا خان تعلقي جا اسڪول به شامل هئا تن ٽي، چار سئو کان مٿي اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ استادن ۽ شاگردن ۾ احساس ذميداري پيدا ڪري سٺو نتيجو ڏياري جيڪو ڪارنامو انجام ڏنو، سندس جي ان ڪاوشن کي آئون ڪڏهن به وساري نه سگهندس. سندس استادن سان مھربان ۽ شفقت واري انداز دوران اسان ڪڏهن به ايئن محسوس نه ڪيو ته هو اسان جو باس آهي. اسين پاڻ کي سندس دوست به تصور ڪندا هئاسين، ان ڪري سائين سان ٿيل ڪچھرين دوران مليل معلومات اڄ به مون کي ياد آهي انهن يادگيرين سندس زندگيءَ تي لکڻ ۾ آساني پيدا ڪئي آهي. هونئن به استاد سرور ملاح پنھنجي تعليمي پورهئي جي ڪري ڪنھن تعارف جو محتاج نه آهي. سندس اباڻي ڳوٺ دٻي کان سيتا ۽ سيتا کان ڄامشورو دوران تعليم جي سفر ۽ مختلف عھدن تي رهڻ ڪري نه فقط حيدرآباد جا 9 ضلعا جهاڳيا، پر پوري سنڌ جي تعليم جي ٻيڙي تي ويھي هن جيڪو علم جو فيض ورهايو آهي ان ڪري سندس زندگيءَ متعلق آساني سان مليل معلومات جي روشني ۾ اهو لکي سگهيس ته سائين سرور ملاح سيتا جي ڀر واري هڪ ڳوٺ دُٻي ۾ هارپو ڪندڙ محمد عرب ملاح جي گهر ۾ 19 نومبر 1965 عيسوي ڌاري ضلعي دادو جي سيتا (رحماني نگر) ۾ جنم ورتو. سندس والد ته اڻ پڙهيل هجڻ جي باوجود زراعت، پولٽري ۽ فش فارمنگ جي ميدان ۾ سخت محنت ڪري سيتا شھر ۾ وڏو درجو ماڻيو، پر ملاح صاحب جي والده نصيب خاتون جيڪا هڪ پرائمري استاد هئي، ان جي ڪوششن جو نتيجو هو جو 1971ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول سيتا مان پنجون پاس ڪري سيتا جي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد خيرپورناٿن جي ڪاليج مان انٽر پاس ڪيائين. ڪجھ وقت پيارو ڳوٺ شگر مل ۾ ڪلارڪي به ڪئي ۽ پوءِ وري پنھنجي پڙهائي جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي سنڌ يونيورسٽي مان جيولاجي ۾ بي ايس سي ۽ ايم ايس سي ڪري پنھنجي اصل مقصد کي حاصل ڪرڻ وقت به سيتا شگر مل جي هڪ ڄامشورو ۾ قائم برانچ ۾ رات جو پورهيو ڪري ڏينھن جو يونيورسٽي جي ڪلاسن ۾ پڙھڻ لاءِ حاضر ٿيندو هو. اھڙيءَ طرح علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ايڊ ڪرڻ بعد امڙ جي دعائن سان مستقل تعليم کاتي ۾ 7 نومبر 1990 کان ٺٽي ضلعي جي ٻگهاڻ جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ بحيثيت استاد جي پڙهائڻ جي شروعات ڪئي. 1998 ڌاري سنڌ يونيورسٽي مان ايم. ايڊ ڪري جڏهن هو ڪوٽڙي واپس آيو ته هن جي زندگي هڪ نئون موڙ اختيار ڪيو ۽ هو پنھنجي قابليت جي ڪري 2002 ۾ ايس پي ايس سي ذريعي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ انگريزي، حياتيات ۽ ڪيميسٽري پڙهائي سنڌ ۾ هوشيار شاگردن جي موتين جو جيڪو هار گهڙي تيار ڪيو انهن جي دعائن جو نتيجو هو جو 2005 دوران دادو ۾ DEEP پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر جي چارج سنڀالي 2008 ۾ ڪوٽڙي تعلقي جا اي ڊي اي او مقرر ٿيا. 2013 واري عرصي ۾ ترقي ماڻي ضلعي ڄامشورو جا 19 گريڊ ۾ هائير سيڪيندي اسڪول جا ڊي او رهيا. 2018 ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن، 2019 ۾ ڊي اي او مٽياري 2021 ۾ حيدرآباد جا ڊائريڪٽر فنانس ٿيڻ بعد 2022 ۾ 20 گريڊ ۾ ترقي ماڻي زيل پاڪ ۾ چيف هيڊ ماسٽر جي حيثيت سان پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ بعد آخر جولاءِ 2024 کان 18 نومبر 2025 تائين ڊائريڪٽر سيڪينڊري اسڪولس جي نَوَن ضلعن جي سوين اسڪولن ۾ لکين پڙهندڙ شاگردن جي سوارڻ، سڌارڻ جي ذميواري سان گڏ شھيد بينظير آباد (نواب شاهه) جي تعليم کاتي جي چارج به وٽن رهي. ياد رهي ته سرور ملاح جي پڙهيل والده جي محنت جو نتيجو هو جو ملاح برادري ۾ سندن خاندان پڙهيو ڳڙهيو خاندان جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو ڇو جو اٺن ڀينرن ۽ پنجن ڀائرن سيتا جھڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ تعليم ماڻي، ڪي ڀيڻون هاءِ اسڪول استاد، ڪي اسسٽنٽ پروفيسر، ڪن نيورو سرجن جا عھدا ماڻيا جن ۾ سرور صاحب سڀني کان ننڍو هجڻ ڪري سندس پڙهائي ۾ ماءُ سان گڏ ڀينرن به سندس پڙهائي ۾ وڏي مدد ڪئي. ان ڪري پاڻ اڪثر چوندا هئا ته “هڪ عورت جي پڙهڻ سان سمورو خاندان سڌري ٿو” اهوئي سبب آهي جو امڙ نصيبان جي دعائن ۽ محنت جو نتيجو سندس فرزند مير عرب سرور ملاح به ڪيڊٽ ڪاليج مان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد ايڇ ايس سي پاس ڪري هن وقت قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي. ڪنھن دور ۾ مون کانئس هڪ سوال ڪيو هو ته اوهان شروع کان تعليم کاتي سان سلھاڙيل هجڻ جي ناتي تعليم کاتي کي ڪيئن ٿا ڏسو، هن ٻڌايو ته “ڪاغذن ۾ تعليم کاتي جون حڪمت عمليون تمام بھترين آهن انھن تي عمل به ٿئي ٿو، پر مستقل مزاجي سان ڪنھن ھڪ جوڙيل حڪمت عمليءَ کي توڙ تائين پڄائڻ بجاءِ ان کي اڌ ۾ ڇڏيو ٿو وڃي ان ڪري حاصلات ملي نه سگهي آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته آئون ان ڳالھ کان انڪار نٿو ڪري سگهان ته سگهارن ماڻھن جي اولاد ئي وڏن عھدن کي ڇُھي سگهندا آهن، پر هن سماج ۾ انھن ماڻھن به ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جيڪي ڪنھن سسٽم جا پرزا ٿي ڏينھن رات محنت ڪن ٿا ته اهي به منظورِ نظر ٿي پنھنجو نالو روشن ڪري وڃن ٿا. هو پنھنجي عملي زندگيءَ تي فخر سان چوندو آهي ته “هن به تمام گهڻي محنت ڪئي” جيڪا مون خود ڏٺي ته هو انگريزي مضمون نگاري، ڊرافٽنگ وغيره ۾ ايترا ماهر هئا جو ڪيترائي آفيسر پنھنجي آفيسن جا ڪم ملاح صاحب کان سمجهڻ، سکڻ لاءِ کيس منٿون ڪندا هئا. اهوئي سبب هو جو اڳوڻي ڊائريڪٽر رسول بخش شاهه به ملاح صاحب جي محنت کي تمام گهڻو ساراهيندي ٻُڌو ويو. پاڻ استاد هجڻ کان علاوه اعليٰ عھدن تي پڄڻ کان پوءِ به ڪلاسن ۾ وڃي انگريزي ۽ ٻيا سبجيڪٽ پاڻ پڙهائيندي ڏٺا ويا. هن نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين کي تمام گهڻو فروغ ڏنو، هن علمي سرگرمين سان گڏ راندين ۾ به گهري دلچسپي ورتي. انهن ڪرڪيٽ، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس ۽ هاڪي ۾ مختلف سطحن تي نمائندگي ڪئي. ان دورانِ نوڪري اسڪولن ۾ ادب جون جيڪي چٽا ڀيٽيو ڪرايون انھن پروگرامن جون يادگيريون وسرڻ جوڳيون نه آهن هن جتي سماجي ۽ تعليمي موضوعن تي پنھنجي لکڻين ذريعي ساراهه حاصل ٿي اُتي هنن شاگردن ۾ به لکڻ ۽ مطالعي ڪرڻ، تقرير ڪرڻ جو فن جي سکيا ڏيارڻ جو ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هن “شاھ شناسائي” جا پوري حيدرآباد ڊويزن جي بوائز ۽ گرلس هاءِ اسڪولن ۾ مقابلا ڪرائڻ کان علاوه سنڌ جي ٻين ڊويزنن ۾ شاھ شناسائي جي ڏينھن ملهائڻ جو رجحان پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. سندس ڪاوشن جي ڪري اهڙا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پيدا ٿيا جن کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله جا سوين بيت ياد ٿيڻ وڏو ڪارنامو آهي. غلام سرور ملاح جي زندگي، علم، ادب، راندين ۽ انتظامي شعبن ۾ هنن جي ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. سندن محنت، ديانتداري ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو هر شخص لاءِ هڪ اهم سبق آهي. الله پاڪ سائين ملاح صاحب کي وڏي عمر، بھتر صحت ۽ هميشه عزت سان نوازي ۽ رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ به تعليم جي ميدان ۾ ايئن ئي سرگرم رهڻ جو جذبو سلامت رهي جيئن هو دوران نوڪري رهيو.
Comment