**باب 33: سنڌ جي فڪري غلامي جو آغاز — خانقاهه، درگاهن ۽ “روحاني حڪمراني” جو منظم قيام**

Sindhi Media

سينيئر رڪن
ڪتاب: دينِ توحيد، واديءِ مهراڻ ۽ انسان جي اصل ڪهاڻي
تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
**باب 33: سنڌ جي فڪري غلامي جو آغاز — خانقاهه، درگاهن ۽ “روحاني حڪمراني” جو منظم قيام**

(تاريخي حوالن، اسلامي اصولن، روايتن ۽ 1050ع کان پوءِ وارد ٿيل عجمي–فارسي فڪر جي گہرائي سان تجزيو)
---
1. سنڌ ۾ “مذهبي رياست” جو نئون تصور — حڪمران بدلجي ويا، پر حڪمراني جاري رهي1050ع کان پوءِ سنڌ ۾ هڪ نئين قسم جي حڪمراني پيدا ٿي—
سياسي نه، پر روحاني حڪمراني۔
سياسي حڪمران:
١۔ غزنوي
٢۔ غوري
٣۔ سلجوقي
٣۔ تاتاري
٤۔ اموي–عباسي اثر جا باقيات

اصل حڪمراني ڪندڙ:
١۔ خانقاهه
٢۔ گاديون
٣۔ پير خاندان
٤۔مجاذيب ۽ صوفيا
حڪومتون بدلبيون رهيون، پر خانقاهن جي طاقت لازوال رهي، ۽ اها ئي سنڌ جي فڪري غلامي جو بنياد بڻجي۔
---
2. قرآن جو نظام — ۽ سنڌ ۾ ٺهيل “متبادل روحانيت”
قرآن جو اصول:
“وَأَنَّ الْمَسَاجِدَ لِلَّهِ فَلَا تَدْعُوا مَعَ اللَّهِ أَحَدًا”
(الجن 18)
— مسجدون الله لاءِ آهن، ان سان گڏ ڪنهن کي سڏيو نه۔

سنڌ ۾ ڇا ٿيو؟
١۔ مسجدن کان وڏيون “درگاهون” ٺهيون
٢۔ قرآن کان وڌيڪ “ملفوظات” پڙهيا ويا
٣۔ دعا بدران “سياڻا، وسيلا، سجادا نشين”
٤۔ عبادت بدران “عقيدت، ميلاد، چادرون، نذر”

اهو سڀ قرآن جي نظام جو متبادل نظام هو جنهن کي سوچي سمجهي نافذ ڪيو ويو۔
---

3. خانقاهي نظام جي 4 وڏيون پاڙون — جيڪي سنڌ ۾ مضبوط ٿي ويون
1) روحاني بادشاهي
٢۔ پير کي “سلطان العارفين” سڏيو ويو
٢۔ واريثي گاديون ٺهيون
٣۔ پير حڪمرانيءَ کان بالاتر بڻيو

2) وسيلائي عقيدو
١۔ “الله کي سڌو سڏڻ” بدران
٢۔ “پير، بزرگ، درگاهه” کي واسطو بنائڻ لازم قرار ڏنو ويو۔

3) ڪرامتن جي معيشت
معجزا نه، پر افواهي ڪرامتون عقيدي جا بنياد بڻايا ويا۔
سگهو علاج، اولاد، نذر، ڍڪ، چادر — سڀ آمدني جو ذريعو بڻيا۔

4) عوام جي نفسياتي گرفت
١۔ پير جو لفظ “پدر” وانگر خوف ۽ رحمت ٻنهي جو مرڪب بڻايو ويو۔
٢۔ عوام پاڻ کي غلام سمجهيو۔
---

4. فارسي “تصوف” جو سنڌ تي قبضي جو منظم طريقو
قدم 1: سنڌ ۾ فارسي ٻولي کي رائج ڪرڻ
١۔ درٻار، عدالت، تعليم – سڀ فارسي ۾ ٿي ويا۔
٢۔ عربي فقط ديني رسمن تائين محدود ٿي وئي۔
قدم 2: صوفي درگاهن کي سرڪاري سرپرستي
١۔ حڪمرانن کي خانقاهون پنهنجو اقتدار مضبوط رکڻ لاءِ ڪم آيون۔
٢۔بدلي ۾ صوفين کي طاقت ۽ دولت ملي۔

۔ قدم 3: فلسفياتي تصوف کي عام ڪرڻ
١۔ وحدت الوجود
٢۔ فنا في الشيخ
٣۔ انسانِ کامل
٤۔ قطب، غوث، ابدال
٥۔ اهي سڀ فارسي-يوناني فڪر سنڌ جي روح ۾ داخل ٿيا۔
---

5. سنڌي سماج تي اثر — “دين” هڪ رواج بڻجي ويو
١۔ پهريون اثر: “شخصيت پرستي”
٢۔ بزرگ جي قبر جو احترام، عبادت تائين پهتو۔
٣۔ ٻيون اثر: “تاريخ جي وسار”
٤۔سنڌ جو "السندي" جبيري مومن (عرب) توحيدي ورثو ختم ڪيو ويو۔
٥۔ السندي مومنن (جبيري) عرب دور جي ڪتابن کي لائبريرين مان غائب ڪيو ويو۔

ٽيون اثر: “جماعت بدران جماعتون”
١۔ مختلف پير خاندان، مختلف سلسلا، مختلف عقيدا —
٢۔ سنڌ “فرقن” جو ميوزيم بڻجي وئي۔

چوٿون اثر: “سچ جي ماپ روايتن سان”
١۔ قرآن بدران افواهه معيار بڻجي ويا۔
---

6. صحيح حديث جو واضح انتباه — پر سنڌ ۾ ان جي خلاف عمل
رسول الله ﷺ فرمايو:
> “لَا تُطْرُونِي كَمَا أَطْرَتِ النَّصَارَىٰ عِيسَىٰ”
(بخاري)
“مون کي اهڙو بلند نه ڪريو جيئن عيسائين عيسى کي ڪيو।”

سنڌ ۾:
١۔ پيرن کي “اختيار”
٢۔ بزرگن کي “حاضرو ناظرو”
٣۔ درگاهن کي “مستجاب الدعوات”
٤۔ قبرن کي “شيرينيو”
٥۔ اسلام جو اهو سڀ کان وڏو منع ڪيل رستو سنڌ ۾ عام ڪيو ويو۔
---

7. روايتون جيڪي بعد ۾ ٺاهيون ويون — ۽ سنڌ جي ذهن ۾ پوکيون ويون

ٺهيل روايتن مان چند مثال:
١۔ “فلاڻي درگاهه مان روشني نڪري”
٢۔ “پير رات جو آسمان تي وڃي ٿو”
٣۔ “قبر مان آواز اچن ٿا”
٤۔“مزار پاڪ کان اجازت وٺو”
٥۔ انهن افواهن جو مقصد عوام کي قرآن کان پري ڪري، پير جي چوگرد ڦيرائڻ هو۔
---

8. سنڌ جي اقتصادي ڍانچي تي ضرب — پير راڄ جا مالي نظام
گاديون ٺهڻ سان:
١۔ نذر
٢۔ ڍڪ
٣۔ ڊيرا
٣۔ ڏيت
٤۔ زمينون
٥۔پگهاريا خادم
اهو سڀ مذهبي رياست جو مالي نظام ٺهي ويو۔
اصل اسلام ۾ اهڙو نظام ڪونه هو۔
---

9. نتيجو — سنڌ جي فڪري غلامي کي ختم ڪرڻ لاءِ توحيد جي واپسي ضروري
سنڌ جو اصل اسلام:
١۔ قرآن
٢۔ حديث
٣۔ صحابه جو طريقو
٤۔ دين خالص، بغير وسيلن، بغير مزارن

سنڌ جو بدلجندڙ اسلام (1050ع کان پوءِ):
١۔ فارسي تصوف
٢۔ مزار ڪلچر
٣۔ پير حڪمراني
٤۔ فلسفياتي نظريا
سنڌ جي عزت، آزادي، غيرت ۽ شعور جو روح توحيد ۾ آهي۔
 
Back
Top