اڪبر جسڪاڻي جو ڪهاڻين جو مجموعو “رَمون پِيٽي” ٻاراڻي ادب جو نئون اُفق.. !

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
اڪبر جسڪاڻي جو ڪهاڻين جو مجموعو “رَمون پِيٽي” ٻاراڻي ادب جو نئون اُفق.. !
فقير محمد سنڌي
سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ ۾ ڪجھ نالا پنهنجي سچائي، سادگي ۽ انساني محبت سبب هميشہ لاءِ امر ٿين ٿا. انهن مان اڪبر جسڪاڻي هڪ روشن، حساس ۽ محنتي نالو آهي. حاجي ڄام خان جسڪاڻي جي گهر ۾ پهرين سيپٽمبر 1958ع تي جنم وٺندڙ هن ليکڪ جي پوري شخصيت تي سماجي سُجاڳي، طبقاتي شعور ۽ ٻارن جي بيگناهي جو اثر صاف نظر اچي ٿو. جوهي، دادو ۽ باگڙجي ڪاليج تائين تعليم حاصل ڪري، سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي "گل ڦل" ۾ نوڪري ڪندي ٻارن جي ادب ڏانهن وڌندڙ قدم هن کي هن صنف جو اهم ليکڪ بڻائي ڇڏيو.
اَڪبر جسڪاڻي ننڍپڻ کان ئي سماجي درد، ماڻهن جي تذليل، هارين ۽ پورھيتن جي مشڪلاتن، ۽ ٻارن جي محرومن کي ويجهي کان ڏسندو رهيو. سندس ادبي ڪم ڪهاڻين، شاعري، ناول ۽ صحافت تائين پکڙيل آهي پر ٻارن لاءِ سندس تحريرون سندس ادبي عظمت جو اصل ثبوت آهن.
“رَمون پِيٽي” هڪ نئون موضوع، نئون انداز سان
1983ع ۾ شايع ٿيندڙ ڪهاڻين جو هي مجموعو سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ هڪ اهڙو موڙ آندو جتي ٻارن جون ڪهاڻيون رڳو تفريح نہ رهيون پر سماجي شعور، اخلاقي تربيت ۽ انساني محبت جو درس بڻجي ويون.
اڪبر جسڪاڻي ڪهاڻين ۾:
ڳوٺاڻي زندگيءَ جو اصل رنگ، غريب گهرن جون لڙڪائيندڙ حالتون،محبت، درد، قرباني ۽ ڪردار، ٻارن جي نفسيات، والدين جو خلوص ۽ سماج جي تلخ حقيقتون سادي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيون آهن جيڪا ٻار بہ سمجهن ٿا ۽ وڏا بہ دل سان محسوس ڪن ٿا.ڪتاب جون اهم ڪهاڻين تي مختصر نظر.
“عرس مست حيدرآباد۾”
هي ڪهاڻي ٻالڪ جي جذباتي دنيا، سفر جي خوشي، ننڍپڻ جون يادون ۽ خاندان جي محبت کي نهايت سادگيءَ سان پيش ڪري ٿي. ڪهاڻي پڙهندڙ کي پنهنجي ننڍپڻ ڏانهن وٺي وڃي ٿي.
“خرکار”
ڪهاڻي ٻارن جي سيڪيورٽي، سماجي غفلت ۽ اغوا جي خطري بابت ٻارن کي خبردار ڪري ٿي. اها ڪهاڻي ٻڌائي ٿي تہ هر ٻار جو خواب ڪيترو قيمتي ۽ هر غفلت ڪيتري خطرناڪ ٿي سگهي ٿي.
“ڪيڏي ڌرتي”
هي ڪهاڻي والدين جي محبت، ڳوٺاڻي غربت ۽ قربانيءَ جو تصويري منظر ٺاهي ٿي. خاندان جي محبت ۾ پگهر، درد ۽ خوشي گڏ نظر اچن ٿا.
“مسيحا”
هي ڪهاڻي هڪ اهڙي استاد جي آهي، جيڪو علم، اخلاق ۽ خدمت ذريعي پوري برادريءَ جو نجات ڏيندڙ بڻجي وڃي ٿو. ٻارن لاءِ اهو ڪردار هڪ حقيقي هيرو آهي.
ان چئن ڪھاڻين سان ٻيون بہ ڪهاڻيون نہ رڳو ٻارن جي دنيا کي رنگين ڪن ٿيون پر سماج سان روشناس ڪرائي انهن کي محنت، ايمانداري ۽ بهادري جو سبق پڻ ڏين ٿيون.
جسڪاڻي جي ٻولي:بلڪل سادي، ڳالهيون ڳالهيون جهڙيون ۽ پر اثرائتي ۽ دل ۾ لهندڙ آهن. هن جو اسلوب ٻارن جي مزاج مطابق آهي. ڏک بہ نرم نموني بيان ڪري ٿو تہ خوشي بہ سچائيءَ سان ڏيکاري ٿو. اهڙي ٻولي ٻارن جي نفسيات کي متاثر ڪري ٿي ۽ پڙهندڙ کي گهري سوچ ڏانهن وٺي وڃي ٿي.
اڪبر جسڪاڻي جي زندگيءَ جو خاڪو :
سياسي جدوجهد، 1975ع کان جيئي سنڌ تحريڪ سان لاڳاپو پوءِ پروگريسو ۽ آخر ۾ ڪميونسٽ پارٽي تائين عملي جدوجهد ڪئي، هاري مزدور تحريڪ، سنڌ هاري ڪميٽي، اين ايس ايف، سنگت ۽ ٻين تنظيمَن سان فعال رهيو، اديبن ۽ دانشورن سان ويجهو رهيو، خاص طور تي جوهي ادبي سنگت ۽ سنگت جوهي جي اديبن سان علمي رفاقت رکندو هو.“گل ڦل” رسالي جو 1987ع ۾ ايڊيٽر مقرر ٿيڻ سندس ٻاراڻي ادب ۾ نمايان خدمتن جو ثبوت آهي.زندگيءَ جي آخري ڏينهن. 13 آگسٽ 1999ع سحرش نگر جي هڪ مسواري ڪمري ۾ سندس اوچتو لاڏاڻو سنڌي ادب لاءِ وڏو نقصان ثابت ٿيو.اڪبر جسڪاڻي جا اهم ڪتاب:
گلڙن جهڙا گهاءَ 1980 (ڪهاڻيون)،"رَمون پِيٽي " 1983 (ٻاراڻي ڪهاڻيون، انعام يافتہ)،"بتين واري ناڻي" 1984 (بايوگرافيڪل ناوليٽ، انعام يافتہ)،"خيرو حجم" 1986 (ڪهاڻيون)
اهي چارئي ڪتاب سندس فڪري، سماجي ۽ ٻاراڻي ادب جي ڪوششن جو ثبوت آهي. ٻاراڻي ادب جو محبوب ڪتاب "رمون پيٽيءَ " جون خصوصيتون :
ٻارن کي حقيقتن سان روشناس ڪري ٿو, انساني همدرديءَ جو سبق ڏئي ٿو, سماج جي اونداهي پاسن کي نرم نموني پيش ڪري ٿو, غريب ٻارن جا خواب ۽ درد بيان ڪري ٿو، والدين، استاد ۽ سماج جي ڪردار کي مثبت صورت ڏئي ٿو، ٻارن ۾ اعتماد، اميد ۽ اخلاق پيدا ڪري ٿو.
“رَمون پِيٽي” سنڌي ٻارن جي ادب ۾ هڪ اهڙو حوالو آهي جيڪو وقت جي گذرڻ باوجود اڄ بہ تازو، سچو ۽ اثرائتو محسوس ٿئي ٿو.
اڪبر جسڪاڻي اسان کي ٻڌائي ٿو، تہ:
“ٻار صرف مستقبل نہ آهن پر انساني محبت جو سڀ کان حساس آئينو آهن.
 
Back
Top