انور پيرزادي جي ڪتاب "جديد سنڌي ادب" جو سرسري جائزو...!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
انور پيرزادي جي ڪتاب "جديد سنڌي ادب" جو سرسري جائزو.
فقير محمد سنڌي.
سنڌي ادب جي جديد رخن، فڪري تحريڪن ۽ ادبي شخصيتن بابت مرتب ڪيل ڪتاب ۾ انور پيرزادو جو ڪتاب "جديد سنڌي ادب" پنهنجي فڪري گهاڙائي ۽ فني ترتيب سبب نمايان حيثيت رکي ٿو. هي ڪتاب ادبي تنقيد، تاريخي شعور، شخصياتي خاڪا، صحافت، ثقافت ۽ فڪري سوالن جو اهڙو گڏيل منظرنامو پيش ڪري ٿو جيڪو موجوده دور جي مطالعي لاءِ اهم حوالو پڻ آهي.
ڪتاب ۾ شامل مضمون مختلف فڪري پاسن کي ڳنڍي هڪ جامع تصوير پيش ڪن ٿا. انهن ۾ نمايان موضوع هي آهن. مضمون، مھاڳ ،تعارف ،تبصرا ،تاثر، ادبي ۽شخصي خاڪا آهن. ڪتاب 2010ع تي انور پيرزادي اڪيڊمي شايع ڪيو آهي.
"ڇا ادب لاءِ نظريو ضروري آهي؟" جهڙو مضمون جديد دور جي بنيادي ادبي سوال کي ڇيڙي ٿو. مصنف دليلن سان ثابت ڪري ٿو تہ ادب ۽ فڪر جو رشتو اتفاقي ناهي پر تخليق جي پختگي لاءِ لازمي جزو آهي. ان لاءِ مضمون جون ڪجھ سٽون آهن، تہ " ٻيو تہ ڪيترن سياسي نظرين کي زندگيءَ سچ ثابت نہ ڪيو آهي ان جو مثال مارڪسزم آهي جنھن جي بنياد تي لينن سوشلزم ۽ ڪميونزم وارو نظريو گهڙيو پر ان نظرئي تي عمل ڪرڻ کان پوءِ خبر پئي تہ اهو واريءَ جو ڪوٽ هيو. جو خود بہ خود جهري پيو ۽ جن ماڻهن ڪروڙين انسانن جي قرباني ڏئي ان کي اختيار ڪيو هو. تن ان مان هٿ ڍرا ڪري ڇڏيا. "
ڪتاب ۾ جديد سنڌي ادب جي اهم اديبن بابت اهم مضمون شامل آهن.
امر ڪوي شيخ اياز جي آخري سفر جي ڪٿاهن ۾ شيخ اياز جي آخري ڏينهن، فڪر ۽ احساس کي تحقيق ۽ تاثر سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي. جمال ابڙو، امر جليل، ۽ امر اسم جي هڪ درديلي صفت. اهي مضمون رڳو شخصيت نگاري ناهن پر جديد سنڌي نثر جي نفسياتي ۽ سماجي پرتَ کي پڻ کولين ٿا.سکر سيئي ڏينهن ۽ عشق جي انوکي ڪائنات. سکر جو مضمون انگريزي راڄ ۽ تنقيد جي منظرنامي، انساني احساس ۽ فن جي تاريخ کي لطيف نثري انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. سنڌ جي فوٽوگرافي هن مضمون ۾ سنڌ جي بصري تاريخ ۽ تصويري شعور تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنھن جو سونهون الطاف شيخ آهي. مرڻا اڳي جي مئا. سنڌي سماج جي روايتن ۽ سماجي نفسيات تي هڪ موثر تنقيدي نوٽ آهي. جديد ادب، نوان آواز ۽ فڪري بحث. محمد علي پٺاڻ جي نئين شاعر طور سڃاڻپ. جديد شاعرن جي انداز، فڪري مزاج ۽ اظهار بابت اهم نڪتا پيش ڪيا ويا آهن.
سنڌي ترقي پسند ادب تي اگهاڙپ جو الزام ڇو؟هي مضمون سنڌي ادب جي ترقي پسند تحريڪ ۽ ان تي ٿيندڙ تنقيد جو تجزياتي جائزو آهي.
ڪتاب ۾ شامل مضمون.
تاريخ ڳالهائي ٿي. سنڌوءَ جي زندگي ۽ موت جو سوال. اسٽوپا، سنڌو ۽ چنڊ.
اهي سنڌ جي تاريخي ورثي، مذهب، تمدن ۽ قومي وجود بابت گهري مطالعي تي ٻڌل آهن.
"صحافت جي سائنسي تخليق" ۾ مصنف صحافتي عمل کي نئين فڪري زاويي سان ڏسي ٿو جيڪو جديد صحافت جي مطالعي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو.
ڪتاب جو آخري حصو سنڌ جي اهم اديبن ۽ ڪارڪنن بابت مؤثر خاڪن تي مشتمل آهي.
سنڌ جو سوڀو: سوڀو جاگيردارن جي اک ۾ ڪنڊو. ماڻڪ جو خالي ڇڏيل ادبي مورچو. قمر شهباز، رئندڙن کي ريجهائي کلائيندڙ اديب. فقير محمد لاشاري: سنڌي صحافت جو شهيد.
اهي خاڪا نہ رڳو شخصيتن جو تعارف آهن سندن دور، جدوجهد ۽ سماجي پسمنظر جو عڪس پڻ آهن.
"جديد سنڌي ادب" موضوعاتي فڪر ، سادي پر فصيح ٻولي، ادارا پسنديءَ کان پاڪ تجزئي ۽ ادبي ايمانداري سبب هڪ اهم ڪتاب آهي. انور پيرزادو هر مضمون ۾ پنهنجي مخصوص اسلوب سان نہ رڳو تاريخي حوالا ڏئي ٿو پر سماج ۽ ادب جي لاڳيتي تبديليءَ کي بہ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
ڪتاب جديد سنڌي ادب، جديد شاعرن، اديبن، صحافت، ثقافت ۽ تاريخ جي مطالعي لاءِ حوالو چئي سگهجي ٿو جيڪو نہ صرف تحقيق لاءِ مددگار آهي پر ادبي ذوق رکندڙ پڙهندڙ لاءِ پڻ تعليم ۽ تحريڪ جو ذريعو بڻجي سگهندو.
هيٺيان جملا انور پيرزادي جي ادبي تصور ۽ تنقيدي فڪر کي بيان ڪن ٿا.
انور پيرزادي جو اهو خيال گهڻو اهم آهي تہ مڪمل نقاد اهو آهي جنهن وٽ تخليقي مادو پڻ موجود هجي. سندس نظر ۾ رڳو تجزيو يا قاعدا ٻڌائڻ نقاد ٿيڻ لاءِ ڪافي ناهي. نقاد کي تخليق جي روح، تخيل جي گهرائي ۽ فن جي اندروني حرڪت کي سمجهڻ لاءِ تخليقيت جي روشني بہ لازمي آهي. اهو ئي سبب آهي جو انور پيرزادي پنهنجي ڪيترن مضمونن ۾ تجزيي ۽ تخليق جي گڏيل قوت کي ادبي عمل جي اصل توانائي قرار ڏئي ٿو.
هن نقطي نظر کي هو "ادب جي مراد" جهڙن مضمونن ۾ وڌيڪ واضح ڪري ٿو جتي هو خط حاصل ڪرڻ واري تمثيل ذريعي ٻڌائي ٿو تہ ادب جو اصل مقصد صرف اظهار نہ پر دلي اثر، جذباتي رشتو ۽ فڪري تسلسل جو پيدا ڪرڻ آهي. نقاد جيڪڏهن تخليقي مادو نہ رکي، تہ هو ادب جي هن روح تائين نٿو پهچي سگهي.
انور پيرزادو جديد سنڌي نثر ۾ مختصر ڪهاڻي جي فڪري بناوت تي پڻ ڌيان ڏنو آهي.
"مختصر ڪهاڻي انگريزي صنف ناول ۽ ناوليٽ جي وچ جو اهو فن آهي جنهن ۾ مڪمل پلاٽ، واضح مقصد ۽ ڪردارنگاري هڪ پوري آکاڻي جي صورت ۾ موجود هجي."
هي تعريف سندس فڪري نظم ۽ جديديت سان لاڳاپيل آهي جنهن ۾ هو مختصر ڪهاڻي کي نہ رڳو واقعن جو سلسلو پر جامع، مرڪوز ۽ فنّي وحدت رکندڙ صنف طور ڏسي ٿو. هن لاءِ ڪهاڻيءَ جو معيار ان جي گهڙائي، وحدتِ تاثر ۽ ڪردار جي زندگيءَ ۾ لڪل صداقت تي آهي.
 
Back
Top