پراڻو دئور ۽ انسان / جديد دئور ۽ انسان

سيارو آهي ته موضوع جي شروعات به اتان ٿا ڪيون
سياري ۾ مچ به اسانجي ثقافت جو هڪ حصو آهي ، هاڻي ته گهڻي ڀاڱي مچ ڪچهريون ۽ مچ جون محفلون ختم ٿي چڪيون آهن نه ته پهرين ڳوٺ جي هر اوطاق ۾ سيارو شروع ٿيندي ئي مچ لازمي ٻرندو هو جتي درزن ماڻهن جو باھ جي ڀر ۾ ويهي انجي گرم سيڪ مان لطف اندوز ٿيندا هيا ۽ مختلف طرح جا رنگ ڀري مچ جي محفل کي رنگين بنڻائيندا هيا ڪڏهن ڳجهارتون ته ڪڏهن بيت ، ڪڏهن ڀوڳ چرچا ته ڪڏهن حالات حضرا تي گفتگو . حقيقتن اهي قرب ڪچهري واريون محفلون انساني ذهن کي منفي اثرات کان پاڪ ۽ تروتازه رکنديون هيون ، اڄ جو انسان تنهائي جو شڪار آهي اهڙيون محفلون هاڻي تمام گهٽ ٿيون لڳن جنهن ڪري اڪثر هر ماڻهو ذهني دٻاء جو شڪار بنڻجي چڪو آهي چوندا آهن اڪيلي انسان جي ذهن اندر شيطان آساني سان مسلط ٿي ويندو آهي ۽ انجي ذهن ۾ وسوسا وجهڻ شروع ڪندو آهي !! جنهن ڪري اڄ اڪثر ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿي چڪا آهن ..
هاڻي ته گهر گهر باورچي خانه ٺهي ويا آهن پهريان هر ڳوٺ ۾ رڌڻا هوندا هئا جتي هڪ چلھ هوندي هئي جنهن تي ڪاٺي جي باھ ٻاري ويندي هئي ڏسڻ ۾ ته اها هڪ مٽي جي گاري مان ٺهيل معمولي چلھ هئي پر حقيقتن انجو رول انتهائي اهم هيو اها معمولي چلھ رشتن کي سانڍي ۽ متحد رکيو ويٺي هئي ، سياري ۾ صبح جو سوير سڀ گهر ڀاتي صبح جي چانھ پاپي سان چلھ جي ڀرسان ويهي پيئندا هيا ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ جيستائين تڙڪو نڪري صلاح مشورا ، ڏک سک ، حال ۽ مستقبل جا منصوبا چلھ تي ويهي ٺاهيا ويندا هيا. اڄ جي دئور ۾ طرز زندگي بلڪل مختلف ٿي وئي آهي هاڻي هڪ گهر ۾ رهندڙ گهرڀاتي هڪ ٻئي کي سڄو سڄو ڏينهن ڏسن ئي ڪو نه هر ڪو پنهنجي پنهنجي ڪمري ۾ محدود آهي . هاڻي گئس جو دئور آهي باورچي خانه ماڊرن هر ڪوئي پنهنجي ڪمري ۾ چانھ پيئي نيرن ڪري ڪم ڪار لئي نڪري وڃيٿو .
زندگي ۾ جيئن جيئن آسائشون وڌنديون وڃن ٿيون ماڻهو ماڻهو کان اوترو پري ٿيندو وڃيٿو ، هن وقت چار ڄڻا اگر گڏ ويٺا هوندا ته پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ بجائي چارئي پنهنجي پنهنجي موبائل فون ۾ مصروف هوندا.
پراڻي دئور ۾ تعليم ايتري نه هئي شعور به ايترو نه هيو سهولتون به تمام گهٽ هيون پر انهن جو انساني معيار تمام بلند هيو انسان ۽ شيون نج هيون اڄوڪي دئور ۾ جديد تعليم جنهن سان سمجھ ۽ شعور ۾ به اضافو ٿيو آهي ماڻهو قابل انجنيئر ، ڊاڪٽر ، قانوندان ، فلاسافر ، اديب دانشور، تعليم دان ٿي ويا پر انجي باوجود به انساني معيار وڃائي ويٺا اهو معيار جيڪو پراڻن سادن ۽ گهٽ تعليم يافته ماڻهن ۾ هيو ...
ڪجھ سالن ۾ دئور اڃان جديد ٿي ويندو جنهن ۾ مشينون ۽ روبوٽ ڪم ڪندا اڄ جتي انسان گاڏين جي فيڪٽرين ۾ روز 4 گاڏيون تيار ڪن ٿا اتي روبوٽ روز سوين گاڏيون تيار ڪندا .
جديد دئور جي ڳالھ ڪيون ٿا ته سعودي عرب دنيا جو جديد ترين نيئوم Neom نالي شهر ٺاهي رهيو آهي جيڪو زمين تي نه بلڪي زمين کان مٿي اوچائي تي اڏيو ويندو ، انسان اڏامندڙ گاڏين تي هڪ جڳھ کان ٻئي جگھ تائين سفر ڪندا ، جتي پيئڻ لئي پاڻي سمنڊ مان ورتو ويندو ۽ سج جي ذريعي انکي فلٽر ڪري پيئڻ جي قابل بنڻايو ويندو ، جتي گهر جي صفائي سميت سڪيورٽي هوم ڊليوري روبوٽن جي ذريعي ڪئي ويندي ايتري قدر شهر ۾ موجود انڊسٽريز ۾ به ربوٽ ڪم ڪندا پورو شهر سولر ۽ ونڊ انرجي تي هلندو 90 لک ماڻهو ان شهر اندر رهي سگهن ٿا دنيا جو واحد جديد ترين شهر هوندو جنهن کي ڏسي انساني عقل دنگ رهجي ويندو.
دنيا ۾ هن وقت AI " آرٽيفيشل انٽيليجينس" جي مدد سان روبوٽن جي تياري جو ڪم هلي رهيو آهي جيڪي اسپتالن ۾ مريضن جي سار سنڀال سڪيورٽي صفائي جو ڪم ڪندا ائين گهر ، آفيسز ، انڊسٽريز ۾ روبوٽ ڪم ڪندا دنيا ايتري ته جديد ٿي ويندي. جيئن جيئن دنيا جديد ٿيندي ٿي وڃي انسان به جديد ٿيندا ٿا وڃن ....!!
جديد دور ۾ روايتي عقيدن بدران انساني عقل ۽ سائنسي تحقيق کي اهميت ڏني وئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته انسان مذهب ۽ روايتن جي پابندين کان آزاد ٿي ڪري پنهنجي قسمت جو پاڻ مالڪ بڻجڻ لڳو.
اڄ جي جديد دئور کي ڏسي سوچون ٿا ته اهي سادا ، اٻوجھ ۽ گهٽ تعليم يافته انسان ڀلا هيا جن وٽ انسانيت هئي ، ڪنهن به انسان کي ڪو ڏک پهچندو هو ته ان کي پنهنجو ڏک سمجهندا هيا ۽ ڪوشش ڪري ڏکايل انسان جو ڏک ڏور ڪندا هيا ، مسڪينن جي مدد ڪرڻ، بکئي کي کارائڻ، بيمار کي پڇڻ، ضرورتمند جي گهرج پوري ڪرڻ، معذور، بيواهه ۽ يتيم جي واهر ڪرڻ، مسافر ۽ پرديسيءَ جي پرگهور لهڻ. اهي سڀ انسانيت جا گُڻ انهن منجھ هيا حقيقي معني ۾ اهي صحيح انسان سڏرائڻ جا حقدار هيا.
اڄ جي دئور ۾ جديد ٿيندي ٿيندي انسان انسانيت کان ئي نڪري ويو آهي ۽ پنهنجي مقصد کان ئي هٽي ويو آهي.
مختصر جديد دور انسان کي زبردست طاقت ۽ آزادي ته ڏني، پر ساڳئي وقت نوان سماجي، اخلاقي ۽ ماحولياتي چئلينج پڻ پيدا ڪيا آهن جن سان انسان اڄ وڙهي رهيو آهي.
 
Back
Top