سردار سڪندر ارباب پلھ
جونيئر رڪن
شان بلال رَضِیَ اللّٰہُ عَنْہُ (عاشق رسول صلم)
حضرت بلال رَضِیَ اللّٰہُ عَنْہُ جو پورو نالو بلال بن رباح آهي سندس لقب مُؤَذِّنِ رَسُول آهي ، پاڻ اسلام جا پهريان موذن هيا. رسول ﷲ صلم جن سندس کي سَیِّدُ الْمُؤَذِّنِیْن (تمام اذان ڏيڻ وارن جو سردار) جو خطاب ڏنو .
حضر بلال رَضِیَ اللّٰہُ عَنْہُ جو تعلق حبش سان هيو پاڻ رنگ جا ڪارا هيا مگر اسلام سندس سيرت مبارڪ کي نوراني بنڻائي ڇڏيو هو .
حضرت بلال رَضِیَ اللّٰہُ عَنْہُ ان وقت اسلام قبول ڪيو جڏهن صرف اسلام قبول ڪرڻ وارا ست مسلمان هيا ، پاڻ هڪ يهودي امیہ بن خلف جا زر خريد غلام هيا هڪ ڏينهن شديد بخار ۾ مٿان چادر وجهي سمهي رهيا سندس مالڪ حضرت بلال کي سمهندي ڏٺو ته سخت ناراض ٿي ويو سندس مٿان اوڙهيل چادر هٽائي ۽ قميص به لاهرائي ڇڏي ۽ سزا جي طور چيو ته جنڊ تي جَو (oats) جي پيهائي ڪر ، سخت سردي سان بخار مٿان وري محنت جو ڪم حضرت بلال پيسائي ڪندو رهيو ۽ تڪليف منجهان روئندو رهيو ، ڪجھ گهڙي بعد دروازو کڙڪيو ڪنهن اندر اچڻ جي اجازت گهري حضرت بلال اجازت ڏني ته اندر هڪ پرنور ۽ خوبصورت چهري وارو انسان داخل ٿيو جيڪو اسان جو نبي محمد مصطفي هيو پاڻ ڪريم جن حضر بلال کان پڇيو تون ڇو روئي رهيو آهين جنهن تي حضرت بلال غصي ۾ وراڻيو توهان وڃي پنهنجو ڪم ڪيو توهانجو ڇا هتي پڇڻ وارا گهڻا ئي آهن پر مدد ڪرڻ وارو ڪوئي ناهي !! پاڻ ڪريم صلم جن اهو ٻڌي ڪري واپس هليا ويا ڪجھ دير بعد واپس آيا ته انهن جي هٿ ۾ گرم کير جو پيالو ۽ ڪجھ کجور هيون .
پاڻ اهي حضر بلال کي ڏنائون ۽ چيائون ته توهان هي کجور ۽ گرم کير پيئو ۽ آرام ڪيو توهانجي حصي جو رهيل ڪم مان ڪيانٿو ، سرور دو عالم هڪ غلام لئي سڄي رات چڪي پيٺي ۽ صبح جو هليا ويا ٻئي رات ٿئي وري به پاڻ ڪريم پاڻ سان گڏ گرم کير ۽ دوا کڻي آيا ۽ حضرت بلال کي ڏنائون پاڻ ٻئي رات به چڪي پيهڻ ۾ مصروف ٿي ويا مسلسل ٽي راتيون پاڻ اهو عمل جاري رکيو سبحان ﷲ اهو هيو رسول ڪائنات جو اخلاق مبارڪ جتان حضرت بلال جي لافاني عشق جنم ورتو ، حضرت بلال پاڻ ڪريم جن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پڇائون ته توهان ڪير آهيو پاڻ ڪريم جن فرمايو مان ﷲ جو رسول محمد آهيان انهي وقت حضرت بلال سندن قدمن ۾ ڪري پيا ۽ زارو قطار روئڻ لڳا ۽ چيائون مونکي ڪلمو پڙهايو مان مسلمان ٿيڻ چاهيانٿو .
امیہ بن خلف يهودي حضور صلم جن جو سخت دشمن هيو جڏهن ان ٻڌو ته حضرت بلال اسلام قبول ڪيو آهي ته حضرت بلال مٿان ڏمرجي پيو ۽ ان کي طرح طرح جا سخت عذاب ڏيندو هو ته محمد جي پويان لڳڻ ڇڏي ڏي ايترا شديد ڪوڙا هڻندا هيا جو حضرت بلال بيهوش ٿي ويندو هو پر ايڏيون اذيتون ۽ تڪليفن باوجود به پاڻ فرمائيندا هيا :
ہم غلامان محمد جان دینے سے نہیں ڈرتے
یہ سر کٹ جائے یہ رہ جائے کچھ پرواہ نہیں کرتے !
هڪ دفعي رسول ڪريم جن اصحابن سڳورن کي فرمايو توهان مان ڪو اهڙو آهي جيڪو حضرت بلال کي يهودي وٽان خريد ڪري انکي هن ظلم کان آزارد ڪرائي سگهي
اهو ٻڌي حضرت ابو بڪر صديق رَضِیَ اللّٰہُ عَنْہُ يهودي امیہ بن خلف وٽ ويا ۽ چيائونس ته حضرت بلال جي آزادي عيوض ڪيتري رقم وٺندين ؟ اميه سون جا 10 سڪا گهريا ، حضرت ابو بڪر صديق گهر آيا ۽ سون جا سڪا کڻي اميه کي ڏنا ، انتي اميه کلي چوڻ لڳو اگر توهان ضد ڪيو هان ته مونکي خدائن جي قسم مان سون جي هڪ سڪي عيوض به بلال توهان کي وڪرو ڪري ڇڏيان هان ،
تنهن تي حضرت ابوبڪر صديق اميه کي چيو اي اميه
اگر تون ضد ڪرين هان ته مون کي پنهنجي سچي ۽ واحد خدا جو قسم مان بلال جي آزادي عيوض تو کي سون جا سئو سڪا به ڏيان هان ...
حضر ت بلال هر جنگ ۾ رسول خدا سان گڏ رهيا ، هڪ دفعي هڪ قبيلي وارا پاڻ ڪريم جن جي خدمت ۾ پيش ٿي ڪري عرض ڪيائون ته اسانجي ڇوڪري جي شادي لئي ڪو موذون رشتو ٻڌايو پاڻ فرمايائون بلال لئي توهان جو ڇا خيال آهي ، ٻئي دفعي وري آيا پاڻ ٻئي دفعي به اهو ئي فرمايو بلال بابت اوهان جو ڇا خيال آهي ٽئين دفعي آيا تڏهن به اهو فرمايائون بلال جنتي آهي ان بابت اوهان جو ڇا خيال آهي . حديٽ شريف ۾ آهي ته
جنت حضرت بلال جو انتظار ڪندي آهي .
فتح مڪه جي وقت ڪيترا ئي اصحاب سڳورا موجود هيا پر ڪعبته ﷲ جي ديوار تي اذان لئي رسول خدا حضرت بلال کي گهرايو ۽ فرمايائون اي بلال تون اذان ڏئي .
ڇو جو ﷲ پاڪ اهو منصب حضرت بلال لئي منتخب ڪيو
عاشق رسول جو شان اهو هيو ته پاڻ زمين تي گهمندا هيا ته سندس قدمن جي آواز جنت ۾ ايندي هئي "سبحان ﷲ "
حضرت بلال اسلام جا پهريان موذن هيا اهو شرف به انهن کي حاصل آهي.
هڪ دفعي مڪي جي ڪجھ مسلمانن سندس اذان ڏيڻ تي اعتراض ڪيو ته بلال جيڪا اذان ڏئي ٿو انجو تلفظ ٺيڪ ناهي انڪري بلال جي جڳھ تي ڪو ٻيو اذان ڏئي اها خبر حضرت بلال کي پئي پاڻ سڄي رات زارو قطار روئندا رهيا ۽ اهو سوچيائون اگر مون کان علاوه ڪنهن ٻئي اذان ڏني ته خنجر سان پنهنجي زبان ڪٽي الگ ڪري ڇڏيندس ، رات وڌندي وئي سج کي ﷲ پاڪ اڀرڻ کان روڪي ڇڏيو سڀئي مسلمان پريشان ٿي ويا آخر رات کٽي ڇو نه ٿي سج اڀري ڇو نه ٿو نيٺ رسول خدا جي خدمت ۾ پيش ٿيا يا رسول ﷲ آخر ڇا ماجرو آهي اڄ سج اڀري ئي نه ٿو وحي جبريل رسول ﷲ جي خدمت ۾ پيش ٿيو ۽ چوڻ لڳو اي رسول خدا جيستائين بلال اذان نه ڏيندو ﷲ پاڪ فرمائي ٿو تيستائين سج نه اڀرندو ان لئي بلال کي چئو ته اذان ڏئي ...
شان بلال ته بيان ڪرڻ کان گهڻي آهي ڪجھ مشهور مختصر قصه حديثن جي روشني ۾ بيان ڪيا سين .
حضرت بلال رسول ﷲ صلم جن جي حيات مبارڪ تائين مدينه منوره ۾ رهيا پاڻ ڪريم جن جڏهن برقو مٽايو ته سدائين صرف روئندا هيا ۽ مدينه پاڪ ۾ رسول ﷲ جي جدائي جي رنج جي ڪري رهي نه پئي سگهيا ان ڪري حجرت ڪري دمشق جي شهر حلب تشريف فرما ٿيا ۽ بقايا زندگي اتي گذاريائون .