حياتي، فڪر ۽ لطيفيات سان عشق ڪندڙ، راهب لاڙڪ....!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
حياتي، فڪر ۽ لطيفيات سان عشق ڪندڙ، راهب لاڙڪ....!
فقير محمد سنڌي

راهب علي ولد صيفل خان لاڙڪ سنڌ جي اُن علم دوست ۽ خاموش خدمتگار شخصيتن مان آهي جن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو سنڌي ٻولي، لطيفيات ۽ علمي شعور جي واڌاري لاءِ وقف ڪيو آهي. هو 4 جنوري 1967ع، 22 رمضان المبارڪ 1386ھ تي ڳوٺ کاهي راهو، تعلقو ڀريا، ضلعي نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتو سندس جنم هڪ اهڙي ماحول ۾ ٿيو جتي روايت، دينداري ۽ علم سان محبت گڏجي انسان جي شخصيت کي سنواريو آهي.
راهب علي لاڙڪ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي مان حاصل ڪئي ننڍپڻ کان ئي ڪتابن سان لاڳاپو، سوال ڪرڻ جي عادت ۽ علم حاصل ڪرڻ جو شوق سندس شخصيت جو نمايان حصو رهيو هن اعليٰ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌندي ايم.اي سنڌي جي ڊگري حاصل ڪئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ماسٽر ڪرڻ سندس فڪري رخ کي وڌيڪ واضع ڪيو ۽ کيس سنڌي ادب، خاص ڪري شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر ڏانهن گهڻو ويجهو آندو.
پيشي جي لحاظ کان طور راهب علي لاڙڪ هڪ سرڪاري ملازم رهيو ۽ هاڻي رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي. عملي زندگيءَ ۾ بہ هو ايمانداري، سادگي ۽ ذميواريءَ سان سڃاتو وڃي ٿو. نوڪري دوران بہ سندس ادبي لاڙو ۽ علمي جستجو گهٽجڻ بدران وڌيڪ سگهاري ٿيندي وئي. رٽائرمينٽ کان پوءِ تہ هن پاڻ کي مڪمل طور علمي ۽ ادبي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.
راهب علي لاڙڪ جي وندر عام نوعيت جي نہ پر علمي ۽ فڪري آهي. ريڊيو پاڪستان جا معلوماتي ۽ ادبي پروگرام ٻڌڻ سندس پسنديده مشغلو رهيو آهي نہ رڳو ٻڌندڙ طور، پر هو انهن پروگرامن ۾ سرگرم شرڪت بہ ڪندو رهيو آهي. ريڊيو سان سندس لاڳاپو هڪ اهڙي فڪري سنگت جو مثال آهي، جتي آواز، علم ۽ شعور گڏجي سماج کي سجاڳ ڪن ٿا.
راهب علي لاڙڪ جي سڃاڻپ جو سڀ کان اهم حوالو لطيفيات آهي. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ سان سندس محبت روايتي عقيدت تائين محدود نہ پر تحقيقي سوال ڪندڙ ۽ علمي نوعيت جي آهي. لطيفيات کي جديد دور جي ضرورتن مطابق ڪوئيز بُڪ، موضوع وار ترتيب ۽ سوال جواب جي صورت ۾ پيش ڪري نئين نسل لاءِ شاھ جي فڪر کي وڌيڪ قابلِ فهم بڻايو آهي.
راهب علي لاڙڪ جو ادبي سرمايو مقدار سان گڏ معيار جي لحاظ کان بہ اهم آهي سندس شايع ٿيل ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد حيثيت رکن ٿا.
لطيفي معلومات موضوع وار (ڪوئيز بوڪ)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2006ع.
هي ڪتاب لطيفيات کي سوال جواب جي صورت ۾ پيش ڪرڻ جو هڪ نئون تجربو آهي جيڪو شاگردن ۽ عام پڙهندڙن لاءِ انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيو.
شاھ لطيف جا شيدائي (حصو پهريون)، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، 2016ع
شاھ جا شيدائي (حصو ٻيون)، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، 2017ع،
شاھ جا شيدائي (حصو ٽيون)، ڪنول پبليڪيشن، 2020ع.
انهن ٽنهي حصن ۾ شاھ لطيف سان محبت رکندڙ شخصيتن، فقيرن ۽ عاشقن جو احوال شامل آهي جيڪو لطيفي ثقافت جو زنده دستاويز آهي.
عشق جون ٻوليون (فقير محمد سچل لاڙڪ جو ڪلام ترتيب) ،سنجها پبليڪيشن حيدرآباد، 2018ع
هن ڪتاب ۾ راهب علي لاڙڪ ترتيب ڏيندڙ طور هڪ اهم ادبي ذميواري نڀائي آهي.
پير پروڙي کڻ (لطيفيات)، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، 2019ع
هي ڪتاب لطيفيات جي فڪري کوٽائيءَ کي اجاگر ڪري ٿو.
شاھ جا سورما، سورميون ۽ سورهيہ ڪوئيز بوڪ، ڊجيٽل ايڊيشن، جنوري 2023ع
ڏورڻ منجهان ڏس (لطيفيات ڪوئيز)، ڊجيٽل ايڊيشن، 2024ع.
ڊجيٽل دور ۾ لطيفيات کي نون ذريعن سان پيش ڪرڻ راهب علي لاڙڪ جي جديد فڪر جو ثبوت آهي.
ريڊيو روح رهاڻ (ريڊيو ٻڌندڙن ۽ پروگرام نشر ڪندڙن جا تعارف)حصو پهريون: 2025ع، حصو ٻيون: 2025ع هي ڪتاب ريڊيو ڪلچر ۽ ٻڌندڙن جي دنيا کي قلمبند ڪري هڪ ناياب دستاويز بڻجي چڪو آهي.
راهب علي لاڙڪ جو ڪم اهو ثابت ڪري ٿو تہ ادب رڳو ڪتاب لکڻ جو نالو ناهي پر علم کي عام ڪرڻ، سوال پيدا ڪرڻ ۽ نئين نسل کي فڪر سان ڳنڍڻ جو عمل آهي سندس ڪوئيز بُڪ وارو انداز خاص ڪري نوجوانن لاءِ انتهائي مؤثر آهي.
راهب علي لاڙڪ سنڌي ادب، خاص ڪري لطيفيات جي ميدان ۾ هڪ اهڙو نالو آهي جيڪو خاموشي سان پر مسلسل ڪم ڪندي پنهنجو الڳ مقام ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي هو هڪ محقق، مرتب، علم دوست ۽ سچو لطيفي عاشق آهي سندس زندگي اهو سبق ڏئي ٿي تہ جيڪڏهن نيت صاف ۽ مقصد علمي هجي تہ محدود وسيلن سان بہ وڏو ڪم ڪري سگهجي ٿو.
 
Back
Top