فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
ڊسمبر، وڇوڙو ۽ ڪامل امداد جتوئي...!
فقير محمد سنڌي
ڊسمبر سنڌ جي ياداشت ۾ وڇوڙن جو وڏو گهاوءُ بڻيل آهي. 24 ڊسمبر 2025ع تي ڪامل امداد جتوئي جو وڇوڙو رڳو هڪ فرد جي جدائي نہ آهي پر سنڌي ٻولي، ادب ۽ ريڊيو جي دنيا لاءِ هڪ ذميوار ۽ سچو آواز ھميشہ لاءِ خاموش ٿي ويو. سنڌ جي اڱڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر سوڳ جو تڏو وڇائجي ويو ۽ ڊسمبر پنهنجي روايت نڀائي.
ڪامل امداد جتوئي فنون لطیفہ کان کسي ورتو. محمد ڪامل ولد قادر بخش جتوئي هو، ادبي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ فڪر، خلوص ۽ ذميواري سان قائم ڪئي. سندس جنم ڏهين جنوري 1961ع تي، لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ تاج محمد جتوئي، پيرشير ۾ ٿيو. اها مٽي، جيڪا سچ ڳالهائڻ ۽ سچ نڀائڻ جي روايت رکي ٿي ڪامل جهڙي حساس شاعر ۽ صداڪار کي جنم ڏنو.
سندس شروعاتي ۽ مڪمل تعليم ڳوٺ ستار ڏنو سانگي، تعلقو لاڙڪاڻو ۾ ٿي. علم سان سندس رشتو رڳو ڊگريءَ تائين محدود نہ رهيو. ايم اي ۽ ايم ايڊ جهڙيون اعليٰ ڊگريون حاصل ڪري هن شعور ۽ ذميواريءَ کي پنهنجو سرمايو بڻايو.
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان سندس وابستگي هڪ اهم موڙ هئي. هو پاڻ اعتراف ڪندو هو تہ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي اڳوڻي اسٽيشن ڊائريڪٽر سائين شوڪت علي خاصخيلي جي رهنمائي ۽ مهربانيءَ سبب کيس صحيح دڳ مليو. اها رهنمائي فقط فني نہ هئي پر ٻولي، لهجي، ذميواري ۽ ادارتي نظم جي سمجھ ڏانهن بہ واٽ کولي وئي. ان ئي تربيت جو نتيجو هو جو ڪامل امداد جتوئي اڳ انائونسر ۽ پوءِ ڪمپيئر طور ريڊيو جي لهرن ۾ سچ ۽ سنجيدگيءَ جو آواز بڻيو.
ٻوليءَ جي خدمت عيوض کيس مختلف ادارن پاران مڃتا پڻ ملي. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو، سنڌ ٽيڪسٽ آرگنائيزيشن ڪراچي ۽ سنڌي ادبي سنگت، ضلعو لاڙڪاڻو طرفان ملندڙ ايوارڊ ۽ اعزاز ان ڳالھ جو ثبوت آهن تہ سندس ڪم رڳو آواز تائين محدود نہ هو پر ٻوليءَ جي تحفظ ۽ واڌ ويجھ سان ڳنڍيل هو.
ڪامل امداد جتوئي جي شخصيت جو سڀ کان سگهارو پاسو سندس فڪر هو. هو چوندو هو تہ سندس نظريو پنھنجائپ ۽ خلوص واري مٽي مائٽي تي بيٺل آهي. دوستن ۾ مخلصي، محسنن جي سڃاڻپ، استادن جو احترام، رازن جو ڀرم ۽ ماڻهن جي وجود ۾ سچائيءَ جي تلاش اهي قدر سندس زندگيءَ جو حصو هئا نہ رڳو بيان. هو ڏيکاءَ کان پري، سادگي ۽ ايمانداريءَ جو قائل هو.
ادب جي حوالي سان هو شاعر، اديب، سگهڙ، مضمون نگار، صداڪار ۽ ادبي سنگت جو عاشق رهيو . سندس ڪتاب
"سنڌؤَ ڀَر تي"، "مصطفيٰ جون مهربانيون" ، "سانڍي ڇڏ ساھ ۾" ، ۽ مرتب ڪيل ڪتاب، "توکي کي ڪير وساري سائين"، "لفظن جي سرهاڻ" شامل آهن.
مختلف صنفن تي لکيل سنڌي ادب ۾ سندس فڪري موجودگيءَ جو ثبوت آهن. اهي ڪتاب هن لائبريرين، دوستن، اديبن ۽ شاعرن کي تحفي طور ڏئي علم کي ورهائڻ جي روايت کي زنده رکيو. ان کانسواءِ، مختلف صنفن تي چار وڌيڪ ڪتاب ترتيب ڏنل اٿس جيڪي سندس فڪري سفر جي تسلسل کي ظاهر ڪن ٿا.
ڪامل امداد جتوئي جو وڇوڙو رشتيدارن ،دوستن ۽اديبن لاءِ ڏکوئيندڙ وقت آهي.
حقيقت اها آهي تہ اهڙا ماڻهو وڃن ٿا تہ سماج ۾ رڳو خاموشي نٿي رهي پر هڪ اخلاقي کوٽ بہ پيدا ٿئي ٿي. ڪامل امداد جتوئي جهڙا ماڻهو ادارا هوندا آهن سندن وڃڻ سان هڪ لهجو، هڪ روايت ۽ هڪ قدر بہ وڇڙي ويندو آهي.ڊسمبر کي شايد خبر نہ هجي پر سنڌ جا سچا آواز مرندا ناهن.هو لفظن ۾، فڪر ۾ ماڻهن جي شعور ۾ زنده رهندا آهن.
ڪامل امداد جتوئي بہ سنڌ جي اجتماعي ياداشت ۾
خلوص، سچ ۽ ذميواريءَ جو نالو بڻجي رهندو.
استاد بخاريءَ احساس آهن تہ
اسان سان ڪچهريون ڪيو دوستو،
هليا وينداسين اوچتو اوچتو،
پکي شام ڌاري ھي ڪاڏي وڃن ٿا،
پوي ڪين ٿو ڪنهن کي ڪوئي پتو،
هليا وينداسين اوچتو اوچتو...