فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
سنڌي ادبي سنگت ۾ ڊڪٽيٽر شپ برداشت نہ ڪبي...!
فقير محمد سنڌي
سنڌي ادبي سنگت شاخ باراني مغيري جي عهديدارن ۽ ميمبرن سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي کي 25هين نومبر 2025ع تي مختصر خط اپيل جي صورت ۾ فيس بڪ تي رکيو هو. ان خط جو اڃان تائين مرڪز جي طرفان جواب نہ مليو آهي. 23هين نومبر 2025ع تي مرڪزي اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل پنهنجي رڪمنڊيشن استعمال ڪندي 15 شاخن جو غير آئيني طريقي سان الحاق رد ڪيو آهي. جيڪو عمل سنڌي ادبي سنگت جي آئين جي خلاف آهي.
سنڌي ادبي سنگت جو آئين ۾ 12هين صحفي تي واضع لکيل آهي (ب) "سنڌ سنگت ڪائونسل ۽ ڪاروباري ڪاميٽي ءَ جي ميڙن لاءِ ميمبرن کي جوڳا اطلاع ڏيڻ. " محترم سيڪريٽري جنرل اسان جي شاخ کي نہ مرڪز اطلاع ڪيو آهي ۽ نہ وري ضلعي رابطہ سيڪريٽري پوءِ ڪهڙي دشمني تحت شاخ باراني مغيري جو الحاق رد ڪيو ويو آهي. سڄي سنڌ وڏي واڪي سان چئي رهي آهي تہ شاخ باراني مغيري جو الحاق ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دشمنيءَ جي پلاند ۾ رد ڪيو ويو آهي. شاخ جي عهديدارن ۽ ميمبرن کي هر پاسي کان مبارڪون ملن ٿيون تہ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دوستن سٺي دشمني ملائي آهي.
محترم سيڪريٽري جنرل ،شاخ باراني مغيري ايڪٽو شاخ آهي. ان جا عهديدار ۽ ميمبر بہ ايڪٽو آهن. اوهان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دشمنيءَ ڪري شاخ باراني مغيري جو الحاق رد ڪيو آهي. اسان سنڌين ۾ اها روايت رهي آهي تہ دشمني زنده ماڻهو سان رکندا آهيون. مري وڃڻ کان پوءِ ڪهڙيون دشمنيون ڇا جا پلاند ۽ ها سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل پنهنجي رڪمنڊيشن سان ڪڏهن بہ ڪنھن شاخ جو الحاق رد نٿو ڪري سگهي. ڳالھ دليلن سان ڪبي جيڪي سڀاڻي ڪٿي چيلينج بہ ٿي سگهن.
باراني مغيري شاخ ايڪٽو آهي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪري مرڪز جي ڊڪٽيٽر شپ برداشت نہ ڪبي. اهي ڳالهيون ثبوتن سان ڪرڻ چاهيندس جيئن تاريخ ۾ اهو بہ درج ٿي وڃي تہ ادبي سنگت سنڌ مئلن سان ڪيئن پلاند ڪيو.
(1)15 فيبروري 2025ع تي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي وفات ٿي مرڪز مان ڪابہ تعزيت، ريفرنس ۽ ڪوبہ سوڳو جو اعلان نہ ٿيو. باراني مغيري شاخ سان مرڪز جو تعصب بلڪل واضح آهي جنھن جو رد عمل 23هين نومبر 2025ع تي مرڪزي اجلاس دوران ظاهر ٿيو آهي.
جناب سيڪريٽري جنرل 26هين سيپٽمبر 2025ع تي ضلعي رابطہ سيڪريٽري کي شاخ ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي هئي. اھا رپورٽ هن ئي مضمون جي آخر ۾ پيش ڪندس.
(2) سڄي سنڌ ۾ اها ڳالھ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي تہ جن کي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنگت ۾ آڻي معتبر ڪيو انھن ئي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي وفات کان پوءِ ان جي شاخ جو الحاق رد ڪيو اهو عمل برداشت جوڳو ڪونھي.
(3)سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو جي ڪارگردگي رپورٽ مرڪز چڱي طرح پڙهي ها تہ شايد اهڙو عمل نہ ٿئي ها.
سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران، سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي سڏ تي پريس لاڙڪاڻي اڳيان سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاج مظاهرو 21اپريل 2024ع تي ٿيو ان ۾ اسان جي شاخ جي نمائندگي شامل آهي. ادبي لاٽ ص 158.
ترقي پسند ليکڪ ۽ نقاد قدير شيخ جي سالياني سار جي تقريب 28 اپريل 2024ع تي ( سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران پروگرام منعقد ٿيو) ادبي لاٽ ص 159.
لطيف جي پارکو عطا چانهيو جو "موجوده دور جون تقاضائون ۽ شاھ لطيف جي موضوع تي ليڪچر پروگرام 13 آڪٽوبر 2024ع ادبي لاٽ ص 267،
سڀ کان وڏو افسوس اهو ٿيو جيڪو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. 29سيپٽمبر 2024ع تي جناب سيڪريٽري جنرل سلسليوار ادبي لاٽ جو مھورت ۽ سنگت ايوارڊ تقريب ۾، باراني مغيري شاخ جا ڪافي عهديدار شامل هئا. ادبي لاٽ ص 262،
18 آگسٽ 2024ع تي سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي سڏ تي، ڪارونجهر ۽ کارسر جي ڪٽائي خلاف احتجاجي مظاهرو سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي طرفان ٿيو جنهن ۾ شاخ باراني مغيري جي نمائندگي شامل رهي.
23 فيبروري 2025ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي ۽ نئين ديري پاران ،منعقد ٿيل منٺار سولنگي ادبي ڪانفرنس جي صدارت جناب نور چاڪراڻي ڪئي. افسوس جو مقام اهو آهي تہ اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ذوالفقار سيال جو گهر سامھون هوندي تعزيت بہ نہ ڪئي ۽ اها بہ وضاحت ڪندو هلان تہ ان پروگرام ۾ ٽي سيڪريٽري جنرل موجود هئا. جناب نور چاڪراڻي، جناب ادل سومرو ۽ جناب احمد سولنگي. سائين منهنجا ساڙ، دشمني ۽ بغض کي سنڱ ٿيندا آهن ڇا؟
سنڌي ادبي سنگت شاخ باراني مغيري ،ضلعي لاڙڪاڻي جي ٻين شاخن ۾ وڃي شموليت ڪندي آهي. اسان هر شاخ کي پنهنجو سمجهيو آهي. سنڌ جي ساڃاھ ونده اديبن ،سنڌي ادبي سنگت جي شاخن ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دوستن کي اپيل ٿو ڪريان تہ مرڪز جي غير آئيني فيصلي لاءِ شاخ باراني مغيري لاءِ جمهوري طور تي آواز اٿاريو وڃي. اسان ڪنھن بہ غير آئيني فيصلي جي حمايت نہ ڪنداسين ٻئي صورت قانوني طور تي ڪورٽ سڳوريءَ جو در کڙڪائي سگهون ٿا جيڪو اسان جو آئيني ۽ قانوني حق آهي.
26 سيپٽمبر 2025ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ باراني مغيري جي ڪارگردگي رپورٽ ضلعي رابطہ سيڪريٽري وفا صلاح راجپر کي موڪلي هئي.
(4)هنن حوالن مان سنڌي ادبي سنگت جا دوست اندازو لڳائي سگهن ٿا تہ باراني مغيري شاخ ايڪٽو آهي.
14 مارچ 2025ع تي سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي سڏ تي، سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران "درياءَ تي ٺهندڙ غير قانوني، غير شرعي ۽ غير سائنسي ڪئنالن جي خلاف ڀرپور احتجاج ۾ باراني مغيري شاخ شامل هئي.
2اپريل 2025ع تي آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران ڊراما نويس ۽ ڪهاڻيڪار اعجاز سولنگي رهاڻ رچائي وئي ان ۾ باراني مغيري شاخ جي شرڪت رڪارڊ طور موجود آهي.
10مئي 2025ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي پندرنهوار دستوري گڏجاڻي نامياري محقق ۽ تاريخدان جيئل اوڏ جي صدارت ۾ ٿي. جناب سيڪريٽري جنرل ، جيئل اوڏ باراني شاخ جو جوائنٽ سيڪريٽري آهي.
18مئي 2025ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي ۾نامياري آريا لاجسٽ پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفي شر کان ليڪچر پروگرام ۾ شاخ باراني مغيري جي عهديدارن جي شرڪت رهي. سنڌي ادبي سنگت جي آئين ۾ واضع آهي لکيل آهي تہ مرڪزي اليڪشن کان ٽہ مهينا اڳ ڪنهن بہ شاخ جو الحاق رد نٿو ڪري سگهجي.
اسان ادبي سنگت جي هر شاخ کي دل ۾ جايون ڏيندا آهيون پر اسان کي مرڪز غير آئيني طريقي سان سنگت کان ٻاهر رهڻ جي ناقص ڪوشش ڪئي آهي. 1983ع کان باراني مغيري شاخ ايڪٽو آهي ۽ تاريخي پروگرام ڪيا آهن. مرڪز کي پنھنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. گهڻين ڪوششن سان ادبي سنگت کي هڪ ڪيو آهي.
پھرين جون 2025ع تي مرڪزي جي سڏ تي " سنڌوءَ تي ڪيئنال اڏڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف ۽ موري جي واقعي جي عدالتي جاچ ۽ ملوث جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ احتجاج مظاهرو، سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي دوستن سان گڏ ڪيو ويو. آخر ۾ اها ئي ڳالھ ڪندس تہ جناب تاج جويو جي پوسٽ نظر مان گذري ان صاف لکيو آهي تہ اها رڪمنڊيشن سيڪريٽري جنرل جي آهي. مان وري بہ اها ڳالھ ڪندس ائين نہ ٿئي سنگت لاءِ ڳالهين جا دروازا بند ٿي وڃن.