ھندورن جي ڇاتي، لڏيا ڪونه آھيون🙏🙏

ھندورن جي ڇاتي، لڏيا ڪونه آھيون،
ڪڏھن پوء به منزل، مڙيا ڪون آھيون،
اسان رات اوندھ ۾،ڪئي کيٽ کيڙيا،
۽ سمنڊ ۾ سپن ساڻ، موتي به ميڙيا،
وڻن جون جھلي ڪيئي، لامون لڏياسين،
۽ رستن تي رولاڪ، رلندا رھياسين،
گناھن جي قصدن سان،نيڪيون ڪمائي،
ڪلھن جي ته ڪاڪن کي،حيران ڪيوسين،
گھڻو وقت مسجد ۾، صنم کي پوڄي،
مندر ۾ سجدن جي، عادت وڌيسين،
مزارن جا چادر، اگھاڙن ڍڪائي،
شروع ھڪ اسان نئين، عبادت ڪئي آ،

اسان کي ڪي صوفي، نه تنھنجا کپن ٿا،
اسان پاڻ صوفين جا، سردار آھيون،
وظيفن جا ويچار، اسان وٽ نه آھن،
اسان پاڻ پھتل، سرڪار آھيون،
اسان ڪا به ٻيائي، ڪڏھن ڪون ڪئي آ،
قلندر ٿيڻ جو، ڪوئي شوق ڪونھي،
جي آيا اگھيا بس، انھي کي مڃون ٿا،
اسان وٽ وڏو ٻيو، ڪو اقرار ڪونھي،
اسان سان ھلڻ ٿو، گھرين جي ھليو آ،
اسان لامڪان جا، مسافرڪي آھيون،
ھي تسبيح جا مڻيا، اسان وٽ مٽائڻ،
فريبن سوا ڪا نه، معني رکن ٿا،
حقيقت ۾ حضرت، اسان جا اھي ھن،
انا کي اگھاڙين، ترارن ڪٺو جن،

اسان ڪين ڄاڻون، حسرتون ھي ڇا ھن،
حسرتن کان پوء مسرتون، ھي ڇا ھن،
اسان لئي ته موسم ، ڪا مٽبي ئي ناھي،
۽ موسم ۾ منشور، مٽبو ئي ناھي،
مئخاني تي مخمور، مرڪون ئي مرڪون،
وکيري وکيري، اسان ئي جيئون ٿا،
ڀري جي پيالا، پياري ٿو ساقي،
اسان تن پيالن ۾، مدھوش آھيون،
گلابن ۾ آھن، ٺڪاڻا اسان جا،
اسان پوء به، ڪڏھن ٽڙيا ڪونه آھيون
نامعلوم۔
 
Back
Top