چاڪ ڪري ويو

چاهه چکائي چاڪ ڪري ويو
سپنا سارا خاڪ ڪري ويو.

هن جو ساٿ هو ڪڪرن وانگر،
ڪوهيڙي کي ماڪ ڪري ويو.

مان ته نڀائڻ چاهيو پئي پر،
رشتن کان هو عاق ڪري ويو.

ساٿ سندي هئي حسرت رهجي،
يادن کان به پاڪ ڪري ويو.

نيڻن سان هو نيڻ ملائي،
'ستار' کي رولاڪ ڪري ويو.

#SindhiPoetry #SindhiLiterature #SattarPanhwar #SindhiGhazal
 
Back
Top