عبدالستار پنهور
فعال رڪن
منهنجي لاءِ ته ماکي مصري تون،
مکڻ، چاڻا ۽ بصري تون.
ساڳ، پليون به پنهنجو مٽ آهن،
سرنهن، مڇي ۽ لسڙي تون.
اجرڪ جهڙي لالي تنهنجي،
پيار مليل ڪا پينگهڙي تون.
اڃايل لاءِ جئن مٽ جو پاڻي،
ٿڌي مٺڙي گهڙڙي تون.
چاس جيان تون روح ۾ شامل،
پل به نه مون کان وسري تون.
منگتي لاءِ جيئن روزي روٽي،
تیئن منهنجي لاءِ ڪسري تون.
ستارؔ جو توکي ساٿ مليو آ،
گلشن وانگي نکري تون.
#SindhiPoetry #SindhiLiterature #SattarPanhwar #SindhiGhazal
مکڻ، چاڻا ۽ بصري تون.
ساڳ، پليون به پنهنجو مٽ آهن،
سرنهن، مڇي ۽ لسڙي تون.
اجرڪ جهڙي لالي تنهنجي،
پيار مليل ڪا پينگهڙي تون.
اڃايل لاءِ جئن مٽ جو پاڻي،
ٿڌي مٺڙي گهڙڙي تون.
چاس جيان تون روح ۾ شامل،
پل به نه مون کان وسري تون.
منگتي لاءِ جيئن روزي روٽي،
تیئن منهنجي لاءِ ڪسري تون.
ستارؔ جو توکي ساٿ مليو آ،
گلشن وانگي نکري تون.
#SindhiPoetry #SindhiLiterature #SattarPanhwar #SindhiGhazal