عبدالستار پنهور
فعال رڪن
جيئي سنڌ جيئي، جڙي شال جند،
ساهه منهنجو سنڌ، ويساھ منهنجو سنڌ۔
ملي خاڪِ پاڪِ وطن کي پئي هِير
راحت آ، راحت جي آرام گاھ سنڌ۔
نظارن ۾ آهي لطيف جو هي پيغام،
محبت جي منزل، عشق جي راھ سنڌ۔
اجرڪ جو پاند آ سڃاڻ سونهن جي
منهنجي عزت، عظمت ۽ آهي جاھ سنڌ۔
سِير سنڌوءَ جي روح کي ڏئي ٿي قرار
سور ۾ سهارو، خوشين جي ٻاھ سنڌ۔
مٽيءَ هن ۾ ملنداسين مرڻ کان پوءِ
منهنجو عشق سنڌ، منهنجي آ چاھ سنڌ۔
ٻڌائي پيو "ستار" هي پيار جا گيت
ايمان منهنجو، ميسر پناھ سنڌ
ساهه منهنجو سنڌ، ويساھ منهنجو سنڌ۔
ملي خاڪِ پاڪِ وطن کي پئي هِير
راحت آ، راحت جي آرام گاھ سنڌ۔
نظارن ۾ آهي لطيف جو هي پيغام،
محبت جي منزل، عشق جي راھ سنڌ۔
اجرڪ جو پاند آ سڃاڻ سونهن جي
منهنجي عزت، عظمت ۽ آهي جاھ سنڌ۔
سِير سنڌوءَ جي روح کي ڏئي ٿي قرار
سور ۾ سهارو، خوشين جي ٻاھ سنڌ۔
مٽيءَ هن ۾ ملنداسين مرڻ کان پوءِ
منهنجو عشق سنڌ، منهنجي آ چاھ سنڌ۔
ٻڌائي پيو "ستار" هي پيار جا گيت
ايمان منهنجو، ميسر پناھ سنڌ