عبدالستار پنهور
فعال رڪن
هو ٿا چون ته ڌار ڪيون، هي ٻار ڪراچي،
سُورن ۾ آهي ساهه، سڄي سار ڪراچي.
هيءَ سنڌ جو ساھ ۽ مٺي ڌڙڪڻ آهي،
ان تان ته اٿئي جان، سدائين وار ڪراچي.
مارو ته مري مٽيءَ سندي مٽ ۾ ملندا،
ٿيندي نه ڪڏهن سنڌ کان، يار ڌار ڪراچي.
هيءَ لولي لعل جي، مٺي لوليءَ جي لَئي،
آهي ته اسان جي روح جو، قرار ڪراچي.
جنهن گهوري اک سان، هوڏ وچان ڏٺو،
ان لئه ته بڻجي ويندي، تلوار ڪراچي.
سنڌي ته سِرن جو، سودو ڪندا ”ستار“،
تاريخ لکندي، سنڌ جو آ سينگار ڪراچي.
سُورن ۾ آهي ساهه، سڄي سار ڪراچي.
هيءَ سنڌ جو ساھ ۽ مٺي ڌڙڪڻ آهي،
ان تان ته اٿئي جان، سدائين وار ڪراچي.
مارو ته مري مٽيءَ سندي مٽ ۾ ملندا،
ٿيندي نه ڪڏهن سنڌ کان، يار ڌار ڪراچي.
هيءَ لولي لعل جي، مٺي لوليءَ جي لَئي،
آهي ته اسان جي روح جو، قرار ڪراچي.
جنهن گهوري اک سان، هوڏ وچان ڏٺو،
ان لئه ته بڻجي ويندي، تلوار ڪراچي.
سنڌي ته سِرن جو، سودو ڪندا ”ستار“،
تاريخ لکندي، سنڌ جو آ سينگار ڪراچي.