منهنجو معيار

پنهنجي غيرت، پنهنجي عزت، پنهنجو ئي معيار آ،


چمچاگيري ڪانه اچي ٿي، سچ پنهنجو يار آ.


سِرُ جهڪائي ڪونه هلبو، ڪنهن به جابر جي اڳيان،


واٺاگيري ڪانه اچي ٿي، هيءُ ته پنهنجو وار آ.


رزق ڏيندڙ ربّ آهي، خلق جو ڇا آسرو؟


هر دريءَ تي پيڻُ ناهي، اڻ کٽو اِعتبار آ.


پنهنجي محنت، پنهنجي ماني، پنهنجو ئي ڪردار آ،


غير جي اڳيان جهڪڻ، بس زندگيءَ تي بار آ.


ناهي کپندي ڪنهن جي شاهي، ناهي کپندي صاحبي،


پنهنجي مستي، پنهنجي هستي، پنهنجو ئي سنسار آ.


حق جي جنهن دم ڳالهه نڪتي، پيرُ پٺتي نه ڪبو،


اي "ستار" پنهنجو ته جذبو، مچندڙ ڪا ميهار آ.
 
Back
Top