مزو پنهنجو

ان جي هاڪار ۾ مزو پنهنجو،
سُونهن سهڪار ۾ مزو پنهنجو.

تنهنجي نيڻن جي مَي پيئڻ کانپوءِ،
ان ئي خمار ۾ مزو پنهنجو.

دل ڏني مات جيڪا کاڌي سين،
تنهن مٺي هار ۾ مزو پنهنجو.

گل ته گهرندو آ هر ڪوئي ليڪن،
عشق جي خار ۾ مزو پنهنجو.

شوق تنهنجي ئي چاهت ماريو،
تنهن ئي آزار ۾ مزو پنهنجو.

سارو عالم پيو تڪي جنهن کي،
يار جي ديدار ۾ مزو پنهنجو.

ڳول کُٽڻي ناهي "ستار" تنهنجي،
جاري جستار ۾ مزو پنهنجو.
 
Back
Top